عظيم شخصيت، عظيم سياستدان ذوالفقار علي ڀٽو

'ذوالفقار علي ڀٽو' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏3 اپريل 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    تحقيق، ترتيب ۽ تاثر ــ ممتاز علي وگهيو
    نوٽ 4اپريل ڀٽو جي شهادت جي حوالي سان هي مضمون پيشڪيو وڃي ٿو۔ ۔


    [​IMG]

    عظيم شخصيت، عظيم سياستدان ذوالفقار علي ڀٽو ​

    مون ڌرتي تُنهنجا ڌِڱ ڏٺا ، مون تن جا لويل لڱ ڏٺا،
    جن وڙهندي وڙهندي جان ڏني ، سي وارا وير وڄائي ويا.
    ( اياز) ​

    ڀٽو خاندان ــــــــــــــــــ ڀٽو خاندان لاء چيو وڃي ٿو ته هي خاندان اصل انڊيه جي شهر جيسلمير راجستان جو رهاڪو آهي ۽ موجوده دور ۾ به هن خاندان جا ماڻهون انڊيه ۾ موجود آهن . ۽ انهيء خاندان مان هڪ شخص صحتيو خان نالي هجرت ڪري اچي موجوده لاڙڪاڻي ضلعي ۾ هڪ ڳوٺ ٻڌايو ۽ ان ڳوٺ کي آباد ڪيو اهو ڳوٺ پوء ڳڙهي خدا بخش جي نالي سان مشهور ٿيو ڳڙهي خدابخش سر شاهنواز ڀٽي جي ڏاڏي مرحوم وڏيري خدابخش جي نالي جي ڪري مشهور ٿيو
    سر شاهنواز ڀٽو (جناب ذوالفقار علي ڀٽو جو والدصاحب)ــــــــــــجناب سر شاهنواز خان ڀٽي 1888ع ۾ غلام مرتضه خان جي گهر ۾ پنهنجي اک کولي. ۽ جڏهن پڙهڻ جي عمر کي رسيو ته کيس پنهنجي ڳوٺ ۾ پڙهڻ لاء ويهاريو ويو ۽ سر شاهنواز پرائمري تعليم ڳوٺ مان پوري ڪري پوء سنڌ جي مشهور تعليمي درسگاه سنڌ مدرسي۽ تنهن کانپوء سينٽ پيٽرڪ اسڪول ڪراچي ۾ پنهنجي تعليم پوري ڪئي.
    سر شاهنواز خان پڻ هڪ ذهين شخص هو ۽ هن ننڍي عمر ۾ ئي ملڪ جي سياسي سرگرمين ۾ دلچسپي ورتي ۽ انهن ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو۽ تقريبن 22 سالن جي عمر ۾ ضلعي لوڪلبورڊ لاڙڪاڻي جو ميمبر چونڊيو ويو
    سنڌ جي سائين محترم جناب سائين غلام مرتضه شاه ( جي ايم سيد ) 1934ع ۾ سنڌ اندر هڪ سياسي جماعت تيار ڪئي جنهن جو نالو رکيو ويو سنڌ پيپلز پارٽي، ۽ ان سنڌ پيپلز پارٽي جو اڳواڻ جناب سر شاهنواز خان ڀٽي صاحب کي ڪيو ويو
    سر شاهنواز خان 1924ع ۾ ( جڏهن سنڌ ۽ بمبئي گڏ هئي) بمبئي سرڪار ۾ وزير جي عهدي تي پڻ رهيو
    سر شاهنواز خان ٻه شاديون ڪيون پهرين گهرواري مان کيس ٻه پٽ امداد علي خان ۽ سڪندر علي خان پيدا ٿيا۽ ٻئي گهرواري مان کيس ذوالفقار علي ڀٽو پيدا ٿيو جنهن جو اسين تفصيلي ذڪر هيٺ ڪنداسين. جناب سر شاهنواز خان ڀٽي 19 نومبر 1957ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي.
    جناب ذوالفقار علي ڀٽوـــــــــــــــ محترم جناب ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جو تعارف ڪنهن کان ڳجهوته نه آهي، ڀٽي صاحب جو نالو ته ملڪ جو ٻچو،ٻچو ڄاڻيٿو
    پر ڪافي اسان جا نوجوان ڀٽي صاحب جي خانداني پسمنطر کان نا آشنه آهن ، جڏهن ته ڀٽي صاحب تي ڪئين مضمون، نوٽ، ڪالم تاثر ۽ ڪتاب لکيا ويا آهن ۽ منهنجو لکڻ نه لکڻ برابر آهي مگر خبر ناهي ڇو دل زور ڀريو ته ممتاز تون به ڀٽي صاحب تي لک ۽ ڀٽي صاحب سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪر. سو دوستو ان محبت جي ناتي هڪ تاثر لکڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. باقي توهان پڙهڻ وارن تي ڇڏيل آهي ته توهان کي اهيو منهنجو لکيل تاثر ڪئين لڳو.
    دوستو ڀٽي صاحب جي هماليه جبل جيڏي شخصيت تي ته ڪو علم جو اڪابر ڪابل ۽ وڏو ڄاڻوئي لکي سکي ٿو جنهن دنيا ڏٺي واهٺي هجي باقي مون جهڙو منڊي ماڪوڙي ڇا لکندو.ڀٽي صاحب تي ڪو تاثر لکڻ يا ڀٽي صاحب جي تعريف ڪرڻ ائين آهي ڄڻ سج کي ڏيئو ڏيکارڻ . پر پوء به پنهنجي ڪوشس ڪريان ٿو بقول شيخ اياز ته ( هي پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آ )
    ڀٽو صاحب اسان جي سوهڻي سنڌ جو اهو سهڻو ۽ عظيم ليڊر آهي جنهن تي سنڌ کي هميشه ناز رهندو.
    سنڌ جي سائين محترم جناب سائين غلام مرتضه شاه ( جي ايم سيد )صاحب جا هميشه جناب ڀٽي صاحب سان سياسي اختلاف رهيا، پر سيد صاحب هميشه اهيو چوندو هو ته ڀٽي صاحب سان سياسي اختلاف پنهنجي جڳهه تي مگر مون کي، سنڌي قوم کي ، ۽ سنڌ کي هميشه ڀٽي صاحب تي ناز رهندو ــ جو ڀٽي صاحب اهيو دنيا ۾ مڃايو آهي ته سنڌي قوم هڪ ذهين قوم آهي.
    منهنجا ڪافي اهڙا دوست هوندا جنهن کي پڻ ڀٽي صاحب سان سياسي اختلاف هوندا ( ۽ مون کي ان تي ڪو به عتراض ڪونهي هر ڪنهن کي اختلاف رکڻ جو حق حاصل آهي ) ۽ سياسي مخالفين هوندا مگر اهي دوست پڻ ڀٽي صاحب جي مقناطيسي، منفرد انداز شخصيت ذهانت ۽ قابليت کان انڪار نه ڪري سگهندا۔
    ڀٽو صاحب هڪ ذهين پرڪشش حاضر دماغ ۽ دور انديش شخص هو. ڀٽي صاحب جا دور انديشي جا ڪيترائي مثال موجود آهن مگر انهن مثالن مان هڪ ٻه هت ڏيڻ مناسب سمجهندس. جڏهن صدر ايوب خان جي آمريت جو خاتمو ٿيو ته ڀٽي صاحب ان وقت به اهيو چيو هو ته توهان خوش نه ٿيو ته ڪوآمريت جو هميشه هميشه لاء خاتمو ٿئي ويو آهي مگر اڃان به آمريت جو خوف سر تي آهي ۽ اهيا پڻ حقيقت ثابت ٿئي جنهن جو شڪار ڀٽو صاحب خد پاڻ ٿيو ۽ ايشاء جي بدنام ڊڪٽيٽر مڪار چالاق جرنل ضياء ڀٽي صاحب جي عالمي دشمنن سان ملي ڪري ڀٽو صاحب کي شهيد ڪرايو
    ٻيو ڀٽي صاحب عراق جي تيل جي ڳالهه ڪئي هئي ته اتي به امريڪا جو قبضو ممڪن آهي ۽ اهيا ڳالهه به سو فيصد صحيح ٿي. جيڪا دنيا ڄاڻي ٿي.
    ڀٽو صاحب هڪ سياستدان سان گڏ هڪ سٺو اديب ليکڪ ۽ مفڪر هو، ڀٽي صاحب پنهنجي ايتري مصروفيت هوندي به ڪيترائي انمول ڪتات تصنيف ڪيا جنهن جي پڙهڻ کانپوء توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته ڀٽو صاحب ڪيڏو وڏو سياسدان، اديب ليکڪ ۽ مفڪر هو. ڀٽي صاحب جي لکيل ۽ ڀٽي صاحب تي لکيل ڪيترن ڪتابن جون لنڪون پڻ هت ڏيان ٿو
    تاڪه توهان به ڀٽو صاحب جي ڪتابن مان ڪجه حاصل ڪري سگهو.
    ملڪ ۾ ڪيترائي ليڊر آيا ۽ ويا مگر ڀٽيِ صاحب جهڙو ليڊر ڪو ٻيو نه آيو ( بقول دادو شهر جي شاعر انور قمبراڻي ته
    ــــــــــــــــ ليڊر لک هزار ته ڪوآسين ته ڪو ويسين پر ڀٽي جهڙا ٻچا ڪو ماء نه ڄڻيسين ـــــــــــــــــــــ
    توهان پان ڏٺو هوندو ته مون جهڙا ڪيترائي نوجوان آهن جن ڀٽي صاحب کي ڪڏهن روبرو به نه ڏٺو مگرپوء به اهي به ڀٽي صاحب جي شخصيت جا ديوانه آهن ـ
    ڀٽي ۾ عوامي ليڊر واريون خوبيون ـــــــــ ڀٽو صاحب هڪ عوامي شخص ۽ عوامي ليدر هو ( اهيا ڀٽي خاندان جي وڏي خوبي آهي جو هن خاندان جا ماڻهون هميشه عوام سان رهندا آهن پوء ڇو نه موت اچي ورائي محترمه جي شهادت به عوام جي وچ ۾ ٿي.)ڀٽو صاحب عوام سان هميشه عوامي ٻولي ۽ عوامي انداز سان ڳالهائيندو هو. ۽ انهن ۾ رلي ملي ويندو هو ۽ هر ماڻهون کي ائين محسوس ٿيندو هو ته اسان جو ڪو پنهنجو گهر جو ڀاتي آهي.،ا هيو شايد ڀٽي صاحب جو ڀاڳ چئبو جو مرد عورتون ننڍا وڏا پوڙها ۽ ٻار کيس ساڳي محبت سان ياد ڪندا آهن، توهان ڏٺو هوندو ته سنڌ ۾ جيڪو ٻار اهيو به نه ٿو ڄاڻي ته سياست ڇا آهي حڪومت ڇا آهي پارٽي ڇا ٿيندي آهي، پر اهو ٻار به پيو چوندو آهي جيئي ڀٽو۔
    منهنجو والد صاحب....... غلام مصطفه وگهيو...... ٻڌائيندو هو ته هڪ دفعه دادو شهر م ٻوڏ آئي ۽ انهن ڏينهن ۾ ڀٽو صاهب دادو ۾ ٻوڏ جي ستايلن سان ملڻ ۽ انهن جي مدد لاء آيو ۽ اسان ڏٺو ته مٿان مينهن پيو وسي ۽ هيٺان ٻوڏ جو پاڻي هو پر ڀٽو صاحب ٻين ماڻهن سان گڏ انهي ٻوڏ جي پاڻي اندر بيٺو رهيو هو ۽ ماڻهن جا ڏک سور ٻڏي رهيو هو. ۽ اهي ئي شايد هڪ عوامي ليڊر جو خاصيتون هونديو آهن شايد ڀٽو صاحب جي عوام ۾ مقبوليت جو مک سبب به اهيو هو

    ڀٽو جا جلوس جلسه ۽ عوام جو سمنڊ ـــــــــــ شايد ڀٽو صاحب اهو پهريون ليڊر هو جنهن جا ايڏا وڏا جلوس جلسه ٿيندا هئا ۽ ڀٽي صاحب جي جلسي ۾ عوام جو سمنڊ نظر ايندو هو توهان کي يقين نه اچي ته توهان پاڻ ڀٽو صاحب جي جلسن جون وڊيو ڏسي سگهو ٿا. ڀٽو صاحب اهو واحد ليڊر هو جنهن سياست کي بند ڪمرن مان ٻاهر ڪڍي کليل روڊ رستن تي آندو ۽ عوام کي ڳالهائن جو حق ڏنو ۽ شعور ڏنو.

    ڀٽي صاحب جو مختصر شخصي تعارف​



    نالو.......................... ذوالفقار علي ڀٽو

    والد جو نالو........................ سر شاهنواز خان ڀٽو

    والده جو نالو...................... خورشيده بيگم

    ڄمڻ جي تاريخ................... 5 جنوري 1928ع

    ڄمڻ جو هنڌ ................................... لاڙڪاڻو سنڌ

    پهرين شادي.............. ڀٽو صاحب جي پهرين شادي پنهنجي خاندان مان امير شيرين بيگم سان 1940ع ۾ ٿي. ان وقت ڀٽو صاحب جي عمر 12سال هئي، مگر سندس اها گهرواري گهڻو وقت زنده نه رهي ۽ ان مان ڀٽو صاحب کي ڪو به اولاد ڪو نه ٿيو
    ٻئين شادي..... ٻئين شادي 18سيپٽمبر 1951ع ۾ ايران جي هڪ واپاري مرزا محمد اصفهاني جي نياڻي نصرت اصفهاني سان ڪئي جيڪا پوء نصرت ڀٽو بڻجي وئي.

    . اولاد ​

    بينظير ڀٽو.......... 1953ع .....................2007ع


    غلام مرتضه ڀٽو...... 1956ع ...................1995ع

    صنم ڀٽو...........1957ع

    شاهنواز ڀٽو.....1958ع........................1985ع

    مادري زبان..... سنڌي

    ڄاڻيندڙ زبانون.... سنڌي، اردو پنجابي، انگريزي ​


    ڀائرن جا نالا ــــــــــــــ امداد علي خاب ڀٽو. ۽ سڪندر علي خان ڀٽو
    تعليم​


    ڪيٿڊرل اسڪول بمبئي..... 1937ع..کان 1947ع
    يونيورسٽي آف سدرن ڪيليفورنيا امريڪاداخلا.1947ع

    يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا (يو ايس سي )جي برڪلي ڪيمپس ۾ تبادلو 1949ع
    پوليٽيڪل سائنس ( آنرز) ۾ گريجوئيشن 1950ع
    ڪرائسٽ چرچ ڪاليج (آڪسفورڊ) برطانيه ۾ داخلا1950ع
    آڪسفورڊ يونيورسٽي برطانيه مان(آنرز گريجوئيشن )1952ع

    اهم سرگرميون۔ ​

    ايشاء جي پهرين طالب علم جي حيثيت سان برڪلي اسٽوڊنٽ ڪائونسل ۾ شموليت
    1954ع ۾ اقوام متحده جي ڇهين ڪانفرنس ۾ خطاب. 25 آڪٽونبر1957ع
    اقوام متحده ۾ پاڪستان جي وفد جي اڳواڻي ۽ سمنڊ جي قانون ۽ ان جي آزادي جي عنوان تي ليڪچر ( شاگردي دوران 1958ع )
    اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ هڪ يادگار تقرير ( جنهن ۾ ڀٽي صاحب ڪاوڙ ۾ اجلاس دوران ڪاغذ ڦاڙي ۽ اهيو چئي اٿيو هو ته اسان هزار سال جنگ لڙنداسين........................

    ڀٽي صاحب جو جناح صاحب ڏانهن خط​

    جڏهن جناح صاحب پاڪستان جي آزادي لاء ڪوششون ڪري رهيو هو ته ان وقت ڀٽو صاحب اڃان پڙهي رهيو هو ۽ ان پڙهائي دوران هن محترم جناح صاحب کي هڪ خط لکيو، جنهن ۾ هن اهيو لکيو ته ــــــــــ جيئن ته مان هيئر اڃان اسڪولنگ ڪري رهيو آهيان ۽ پاڪستان ٺاهڻ ۾ مان ڪابه مدد ڪري نه ٿو سگهان پر ايندڙ وقت ۾ مان پنهنجي ملڪ لاء جان به قربان ڪندس. ۽ واقعي ڀٽي صاحب پنهنجي ملڪ لاء پنهنجي جان به قربان ڪري ڇڏي.
    نوڪري ــــــــــــــ
    سنڌ مسلم ڪاليج ۾ بحيثيت ليڪچرار1954ع
    وڪالت ـــــــــ ڀٽي صاحب ڪراچي ۾ ڪجهه عرصو رام چنداڻي نالي شخص سان وڪالت پڻ ڪئي.
    سياست جي شروعات ــــــــــــــــــ ڀٽي صاحب سياست جي باقائده شروعات جناب اسڪندر مرزا جي دور ۾ ڪئي هئي.۽ اسڪندر مرزا ڀٽي صاحب جي والد جناب سر شاهنواز ڀٽي جو مهمان بڻجندو هو.

    پيپلز پارٽي جو ٺهڻ ــــــــــــــــــ ڀٽي صاهب وزارت خارجه تان استيفعه ڏئي ۽ لاهور ۾ پارٽي ٺاهڻ لاء ڪنوينشن گهرايو مگر ان وقت صدر ايوب خان 144 جو قلم لاڳو ڪري ڇڏيو جنهن ڪري لاهور ۾ عام جلسو ڪرڻ جي اجازت نه هجڻ جي ڪري، ڀٽي صاحب جي دوست ڊاڪٽر مبشر حسين جي گهر ۾ 30 نومبر 1967ع تي پاڪستان پيپلز پارٽي ٺاهي وئي. ( جڏهن ته پارٽي لاء ٽي نالا تجويز ڪيا ويا هئا.
    نمبر پهريو پيپلز پروگريسو پارٽي
    نمبر ٻيون.. پيپلز شوشل پارٽي.
    نمبر ٽيون... پاڪستان پيپلز پارٽي
    ۽ پوء آخري نالو چونڊيو ويو)

    جنهن ۾ هيٺين مشهور شخصيتن شرڪت ڪئي
    جناب ڊاڪٽر مبشر حسين، رسول بخش خان ٽالپر ، جي اي رحيم شيخ محمد رشيد معراج محمد خان حيات محمد شيرپاء
    حق نواز گنڊاپور عاشق ڪليم احمد رضا خان قصوري
    مير خورشيد حسن مير
    ۽ انهن شخصِتن کان علاوه 600 ماڻهن شرڪت ڪئي.
    ۽ پارٽي جا هيٺيان منشور ڏنا ويا
    اسلام اسان جو دين يقين آ
    جهموريت اسان جي پاليسي آ
    طاقت جو محور، سرچشمو عوام آ



    وزارتويون ​


    واپار جو وفاقي وزير 1958ع
    اطلات جو وفاقي وزير 1959ع
    پيٽرول ۽ توانائي جو وفاقي وزير 1960ع
    وزير خاجه 1963ع تا 1966ع

    صدر پاڪستان 20ڊسمبر 1971ع تا 13 آگسٽ 1973ع

    وزيراعظم پاڪستان ..14 آگسٽ 1973ع تا 5 جولاء 1977ع ​

    ڀٽي صاحب جي دور حڪومت جا اهم ڪارنامه​


    اهم صنعتي ادارن کي سرڪاري تحويل ۾ وٺڻ جو فيصلو 3جنوري 1972ع
    مزدور جي حقن لاء پاليسين جو علان 10فيبروري 1972ع
    اولڊ ايج بينيفٽ وغيره شوشل سيڪيورتي اسپتال جو قيام
    لينڊ ريفارمز 1مارچ1973ع
    شملعه معادي تي دستخط
    مارشل لاء ختم ڪرڻ جو علان 21اپريل 1972ع
    1971ع جي جنگ ۾ 90هزار پاڪستاني فوجين کي هندستان جي قيد مان آزاد ڪرائڻ ۽ قبضو ڪيل ايريا واپس ڪرائڻ ( جنهن ايريا جي ڪري 10لک ماڻهون اسان جا پاڪستاني هندستان وٽ وڃن پيا )
    نيشنل بوڪ فائونڊيشن جو قيام 24سيپٽمبر 1972ع
    ڪراچي ۾ پاڪستان جي وڏي نيو ڪليئر پاور پلانٽ جو افتتاح 28نومبر 1972ع
    اين ڊي ايف سي جو بنياد 5فيبروري 1973ع
    قائداعظم يونيورسٽي جو بنياد 9فيبروري 1973ع
    پاڪستان جي آئين جي گڏيل منظوري 12اپريل 1973ع
    پورٽ قاسم اٿارٽي جو بنياد 27جون 1973ع
    پاڪستان اسٽيل مل جو بنياد 30دسمبر 1973ع
    بينڪن کي قومي تحويل ۾ وٺڻ جو علان1جنوري 1973ع
    علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جو بنياد 21مئي 1974ع
    لاهور ۾ اسلامي سربراه قانفرنس سڏائڻ 22فيبروري 1975ع ( جنهن ۾ پري دنيا جا مسلم حڪمران هت پاڪستان ۾ گڏ ٿيا هئا )
    پاڪستان ۾ پهرين سيرت ڪانفرنس جو بنياد 3مارچ 1976ع
    ڊسمبر 1974ع ۾ ڊاڪٽر قدير خان کي فيملي سميت گهرائڻ ۽ ايٽمي پروگرام لاء ڪم شروع ڪرائڻ.
    شلوار قميص کي قومي لباس جو درجو ڏيارڻ ( جڏهن ڪراچي جي فائيو اسٽار هوٽلن ۾ ۽ ڪلبن ۾ شلوار قميص ۾ اچڻ منع هو پر ڀٽي صاحب ان کي قومي لباس جو درجو ڏياريو )
    ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي کي لازمي ڪرائڻ
    شيخ زيد اسپتال لاڙڪاڻه ، ۽ ميڊيڪل ڪاليج نوابشاه قائم ڪرائڻ
    قطر، لبيا، ۽ سعودي عرب ۾ پاڪستانين جي روزگار لاء آسانيون پيدا ڪرائڻ



    ڀٽي صاحب جو نعارو. روٽي ڪپڙا اور مڪان ۽
    ڀٽي صاحب جو دور حڪومت ۽ ماڻهن جو اميدون ​

    افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڀٽو صاحب جي حڪومت ايترو وقت نه هلي سگهي جو ڀٽو صاحب عوام لاء ڪجهه گهڻو ڪري سگهي هان، دشمنن کيس عوام کان پري ٿي رکڻ چاهيو ان ڪري کيس گهڻو وقت هلڻ نه ڏنو ويو ۽ ڀٽي صاحب جو اهيو نعارو روٽي ڪپڙا اور مڪان پورو ٿئي نه سگهيو.
    ڀٽي لاء عوام جي سوچ "ـــــــــــــــ ڀٽو صاحب جي موجودگي ۾ عوام کي اهيو يقين ٿئي چڪو هو ته هاڻي اسان تي ڪو گهڻو ظلم ڪري نه سگهندو..................................................


    ڀٽو صاحب جي وڏي غلطي ــــــــــــــ ڀٽي صاحب باوجود ذهين هجڻ جي به هڪ تمام وڏي غلطي ڪئي ۽ هڪ مڪار چالاق، ۽ ڌوڪيباز شخص جنرل ضياء( امريڪا ۾ فوجي ٽريننگ پڻ ورتي ۽ فلسطينين جو قتل عام ڪرايو ) کي پنج سينئرن ماڻهن کان ڪراس ڪرائي کيس پاڪ فوج جو چيف مقرر ڪيو. ۽ کيس مٿان عتبار ڪيو مگر انهيء شخص جناب ذوالفقار علي ڀٽو کي ڌوڪو ڏنو ۽ ڀٽي صاحب جي زندگي ختم ڪئي.

    ملڪ ڇڏڻ جي آڇ يا موت جي چونڊ ـــــــــــــــــ چيو ويڃي ٿو ته جڏهن ڀٽو صاحب جيل ۾ هو ته اتي هڪ فوجي جنرل پڻ موڪليو ويو، جنهن ڀٽي صاحب کي اهيو چيو ته اگر تون ملڪ ڇڏي وڃين ته ان جو بندو بست ڪيو وڃي ۽ تون اهڙي ريت زنده بچي ويندين، مگر جناب ذوالفقار علي ڀٽي صاحب ان جنرل کي اهيو چئي واپس ڪري ڇڏيو ته هي منهنجو ملڪ آهي. منهنجي ڌرتي آهي مان مرندس به هتي ۽ جيئندس به هتي توهان کي جيڪي ڪرڻو آهي سو ڪيو مان پنهنجي ڌرتي، پنهنجو ملڪ، پنهنجو وطن نه ڇڏيندس.
    ۽ ڀٽي صاحب پنهنجي جان ته قربان ڪئي پر پنهنجي ڌرتي نه ڇڏي. ( جيئن ٻيا ڇڏي ويا هئا )

    گرفتاريون ـــــــــــــ پهرين گرفتاري. 12نومبر 1968ع تي حڪومت خلاف عوام کي ڀڙڪائڻ جي الزام هيٺ ڪئي وئي.

    5 جولاء 1977ع تي ملڪ ۾ جنرل ضياء مارشل لا لڳائي قومي اسيمبليون، صوبائي اسيمبليون ختم ڪري پاڻ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽرصدرمقرر ٿئي ۽ ڀٽو صاحب کي گرفتار ڪرايو. تنهن کان پوء 28 جولاء 1977ع تي کيس آزاد ڪيو ويو.

    ان کان پوء 3 سيپٽمبر 1977ع تي کيس ڪلفٽن ڪراچي واري رهائش گاه تان گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس مٿان ڪوڙو ڪيس مڙهيو ويو. ،۽ 13سيپٽمبر تي 1977ع تي وري ٻيهر آزاد ڪيو ويو.
    17سيپٽمبر1977ع تي وري ڀٽو صاحب کي لاڙڪاڻي مان گرفتار ڪيو ويو، ۽ انهي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان جناب مسٽر جسٽس يعقوب علي خان کي پڻ ان ڪري هٽايو ويو جو هن نصرت ڀٽو جي مارشل لا لڳائڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي منظور ڪري ورتي هئي.
    ۽ 9 آڪٽومبر1977ع تي جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي ذمانت جي درخوست رد ڪئي وئي. ۽ سپريم ڪورٽ جي ڦل بينچ جو سربراه رٽائر جج مولوي مشتاق کي بنايو ويو. ( جيڪو ڀٽي صاحب سان اصل ڪو نه ٺهندو هو جنهن ڀٽي صاحب کي چيو هو ته مون کي سپريم ڪپرٽ جو چيف جسٽس مون کي مقرر ڪر، ، ۽ ڀٽي صاحب هن کي اهيو چئي انڪار ڪيو هو ته تون ان جو اهل ناهين ۽ مولوي کي اهيا به وڏي باه هئي ڀٽي صاحب جي مٿان ) ۽ ان ڇهه مهينن جي ڪاروائي اندر ڀٽي صاحب کي 18 مارچ 1978ع تي ڦاسي جي سزا ٻڌائي. پوء 25 مارچ 1978ع تي سزا معاف ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي، انهيء دوران ٻه جج رٽائر ٿئي ويا. ۽ ست ججن مان ٽن ججن ڀٽي صاحب جي سزا کي رد ڪري ۽ معافي جي درخواست کي منظور ڪري ڇڏيو،مگر چار ججن ڀٽي صاحب جي ڦاسي جي سزا کي بحال رکيو ۽ معافي جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو.
    24 فيبروري 1979 تي ملڪ جي صدر فضل الاهي کان پڻ ان ڪري استيعفه ڏياريو ويو جو هن جناب ڀٽو صاحب جي ڦاسي واري سزا تي دستخط ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو،
    ڀٽي صاحب کي سزا کانپوء 24 فيبروري 1979ع کان 4 اپريل 1979ع تائين ڪال ڪوٺڙي ۾ رکيو ويو. ۽ کيس طرحين طرحين جو تڪليفون ڏنيون ويون.


    آخري ملاقات ـــــــــــــ پريل 1979ع تي جناب ذوالفقار علي ڀٽي سان سندس گهرواري نصرت ڀٽو ۽ نياڻي بينظير ڀٽو آخري ملاقات ڪرڻ آيا، جڏهن ڀٽي صاحب ٻنهيء کي ملاقات تي گڏ ڏٺو ته هڪ دم انهن کان پڇيائين ته اڄ آخري ملاقات آهي ڇا جو توهان ٻئي گڏ آيون هو، ۽ هنن جڏهن چيو ته ها ته ڀٽي صاحب جيلر کان تصديق ڪئي ۽ جڏهن جيلر کيس اهيو يقين ڏياريو ته ها اڄ اهيا آخري ملاقات آهي. ۽ سڀاڻي ڦاسي ڏني ويندي، تنهن کان پوء ڀٽي صاحب پنهنجون ڪجهه شيون سگار، ۽ ڪتاب وغيره هنن کي ڏنا، ۽ جيلر کي چيو ته منهنجي شيو جو بندو بدت ڪيو وڃي۔ ڇو جو هي دنيا هڪ خوبصورت دنيا آهي، ۽ مان خوبصورت واري حالت ۾ هي دنيا ڇڏڻ چاهيان ٿو۔


    شهادت ـــــــــــــ آخرڪار هن مهان، ۽ ارڏي انسان فخرايشياء جا لقب ماڻيندڙ شخصيت جناب ذوالفقار علي ڀٽو کي قتل ڪيس جي آڙ ۾ 4اپريل 1979ع تي شهيد ڪيو ويو،
    اڄ ڦاسي ڏياريندڙ جنرل ضياء ، ڦاسي جي سزا ڌيندڙ مولوي مشتاق، ۽ ڦاسي جي سزا کائيندڙ جناب ذوالفقار علي ڀٽو، ٽئي هن دنيا ۾ ڪونهن پر ..................................................................................

    ڀٽو صاحب جي پنهنجي قبر لاء وصعيت ــــــــــــ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ 1969ع تي سنڌ جي عظيم شاعر حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي جي حوالي سان لطيف ڊي ملهايو ويو جنهن ۾ جناب ذوالفقار علي ڀٽو کي خاص مهمان طور سڏايو ويو ۽ ڀٽي صاحب لطيف صاحب تي ڳالهائيندي پنهنجي قبر لاء به وصعيت ڪئي ته مون کي مرڻ کانپوء شاه صاحب جي پيراندي کان دفن ڪيو وڃي. پر افسوس جو ڀٽي صاحب کي رات جي پيٽ ۾ بي رحمي سان قتل ڪري ۽ لانگ بوٽن جي پهري هيٺ کيس مٽي ماء حوالي ڪيو ويو. ۽ تنهن کانپوء به ڪيترا ڏينهن سندس قبر مٿام فوجي پهرو رکيو. ويو، ۽ ڀٽي صاحب جي اهيا خواهش ۽ وصعيت به ظالمن پوري ٿيڻ نه ڏني.

    ڀٽو صاحب جي قبر ۽ ماڻهن جا هجوم ـــــــــــــ سنڌ ۾ بلڪه پوري پاڪستان ۾ اڪثر ماڻهون پيرن جي قبرن مزارن ۽ مقبرن تي ويندا آهن پر سواء ڀٽو خاندان جي باقي مون کي اهڙو ڪو به سياسي ليڊر ڪو نه ٿو سجهي جنهن تي پيرن جي مزارن وانگر ماڻهون حاضري ڀريندا هجن، توهان پاڻ وڃي ڏسو ته روزانه ڪيترا ماڻهون ڀٽي صاحب جي مقبري تي اچن ٿا جڏهن ته مان اسلام آباد شاه فيصل مسجد جي ٻاهران ( ڀٽي صاحب جي قاتل جنرل ضياء جي قبر تي به ويو آهيان ۽ مون ڏٺو آهي ته اتي ڪير به اچڻ لاء تيار ڪونهي بلڪل ويران قبر پئي آهي.

    جناب ذوالفقار علي ڀٽو جا لکيل ڪتاب​


    1 Pace keeping By the united nation
    اقوام متحده جي ذريعي قيام
    پاڪستان پبلشنه هائوس ڪراچي 1967ع

    2 political situation in Pakistan
    پاڪستاب جي سياسي صورتحال
    ويشيا پراڪازن نيو دهلي 1968ع


    3 The myth of independence
    آزادي جي داستان
    آڪسفورٽ يونيورسٽي پريس ڪراچي ۽ لاهور


    4 The great tragedy
    عظيم سانحو
    پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي1971ع


    5 Politics of the people
    عوامي سياست
    ( ڀٽو صاحب جي تقريرن، بيانن، ۽ مضمونن جو مجموعو )
    پاڪستان پبليڪيشن راولپنڊي


    6 Speeches & statements
    تقريرون ۽ بيانات
    حڪومت پاڪستان اسلام آباد

    7 Bilateralism New Directions
    ٻه طرفا تعلقات
    حڪومت پاڪستان اسلام آباد 1976ع



    8 The third world new Directions
    ٽئين دنيا ۽ نيا رستا، ۽ ترجيحات
    حڪومت پاڪستان اسلام آباد 1976



    9 My Pakistan
    منهنجو پاڪستان
    لنڊن

    10 My Pakistan
    منهنجو پاڪستان
    بسون سادي پبلڪيشن دهلي 1979ع

    11 If I am Assassinated
    جيڪڏهن مان ماريو ويس
    وڪاس نيو دهلي1979ع

    12 My Execution
    منهنجي ڦا سي
    مصوت ويڪلي انٽرنيشنل لنڊن1980ع

    13 New Direction
    نيا رخ
    نرماراپبلشرز لنڊن1980ع​
    [/I][/B]
    ڀٽو صاحب جي ويبسائيٽ جي لنڪ
    http://npihit.com/

    ڀٽو صاحب تي لکيل ۽ ڀٽو صاحب جي لکيل ڪتابن جون لنڪون
    http://www.bhutto.org/

    http://www.bhutto.org/bhutto-trial.php

    ڀٽو صاحب جي نالي تي کوليل يونيورسٽي جي لنڪszabist

    ZA Bhutto University

    http://www.szabist.edu.pk/
    http://ardownload.adobe.com/pub/adobe/reader/win/6.x/6.0/enu/AdbeRdr60_enu_full.exe

    سنڌي ڪتاب ڀٽي جا آخري 323 ڏينهن جي لنڪ

    http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/Political_Litrature/Book8/Book_page1.html


    سنڌي ڪتاب ڀٽي چيو جي لنڪ
    http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/Political_Litrature/Main_Political.HTML


    نوٽ سنڌي ڪتاب توهان ڊاريڪٽ لنڪ ڪلڪ ڪري پڙهي سگهو ٿا.اگر ڪلڪ ڪرڻ سان نه کلي ته لنڪ ڪاپي ڪري ۽ ائڊريس بار ۾ پيسٽ ڪري ڪتاب پڙهي سگهو ٿا.


    نوٽ مٿي ڏنل لنڪ وارا سڀ ڪتاب پي ڊي ايف. فائيل فارميٽ ۾ آهن ۽ انهن ڪتابن کي کولڻ ۽ پڙهڻ لاء توهان کي ايڊويب ايڪروبيٽ ريڊر جي ضرورت پوندي. ۽ ان کي لوڊ ڪرڻ لاء مان توهان لاء هيٺ هڪ لنڪ ڏيان ٿو جنهن تان توهان ايڊويب ايڪروبيٽ لوڊ ڪري ۽ مٿيان ڪتاب کولي ۽ پڙهي سگهو ٿا.[/B][/I]http://ardownload.adobe.com/pub/adobe/reader/win/6.x/6.0/enu/AdbeRdr60_enu_full.exe

    ڀٽو صاحب جو والد، والده ۽ ڀائر ڀينر
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]

    بشڪريه مددي سائيٽون۔ ڪتاب۔ رسالا وغيره
    گوگل، پيپلز پارٽي ويب سائيٽ، زيڊ اي ڀٽو ويب سائيٽ، وسوڪي، وڪيپيڊيا، ياهو۔
    ڌرتي ڌيء ــــــــــــــ بينظير ڀٽو
    جنب گذاريم جن سين ـــــ سائين جي ايم سيد
    ساهيوال جيل جي ڊائري ــــ شيخ اياز
    ماهوار نئين زندگي
    ماهوار السنڌ
    مهراڻ رسالو
    پيغام رسالو
    سنڌي ادبي بوڪ بورڊ ويب سائيٽ
    شيخ اياز جي شاعري
    وائيس آف سنڌ ويب سائيٽ
    ممتاز مضمون ۽ مقالات ــــــ ممتاز علي وگهيو
    اندر روح رهيام ـــــــــــــــ ممتاز علي وگهيو
    جيئڻ ڪاڻ جيڏيون ــــــــــ ممتاز علي وگهيو

    ممتاز وگهيو جا نوٽ بوڪ ۽ ذاتي ڊائري
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: عظيم شخصيت، عظيم سياستدان ذوالفقار علي ڀٽو

    ڀٽو خاندان ۽ سائين جي ايم سيد صاحب [​IMG] جا تعلقات ​


    ڪجهه عرصو اڳ بي بي سي جي ويب سائٽ تي سائين جي ايم سيد جي زندگي تي آرٽيڪل پڙهيو هوم جنهن ۾ سائين جي زندگي جي ٻين پهلوئن تي ذڪر سان گڏ، جڏهن سائين جي لائبريري ۾ موجود ڪتابن، رسالن، اخبارن ۽ مختلف دستاويزن جو ذڪر آيو ته اتي، سائين جي ايم سيد کي سر شاهنواز ڀٽو طرفان موڪليل دعوت نامي جي ڪارڊ جو ذڪر به نمايان طور تي ٿيل هو۔ اهو دعوتنامو سندس پُٽ ذوالفقار علي ڀُٽي جي رسم طهر جي سلسلي ۾ هيو۔ سائين جي بايوگرافي ۾ دعوتنامي جو ذڪر سائين جي سياسي ۽ خانداني اهميت ۽ ڀُٽي خاندان سان تعلقات کي واضح ڪرڻ هو ۽ شايد ذوالفقار علي ڀٽي جي زندگي سنڌ جي سائين سان ڀيٽڻ هيو، جنهن جي حيات سائين جي سامهون هڪ ٻار جي حيثيت سان هئي

    ڪاش پاڪستان جون سامراجي قوتون سنڌ ۽ سنڌ جي شخصيتن کي سمجهن ها ته اڄ پاڪستان جو مقام پوري دنيا ۾ نمايان هجي ها۔۔



    نوٽ ڀٽو خاندان ۽ سائين جي ايم سيد صاحب جي تعلقات جي باري ۾ هي معلومات دوست سلطان صاحب وٽان حاصل ٿي۔ جنهن کي مان هن مضمون سان ڏيڻ بهتر ٿو سمجهان ( بشڪريه سلطان صاحب )
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: عظيم شخصيت، عظيم سياستدان ذوالفقار علي ڀٽو

     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: عظيم شخصيت، عظيم سياستدان ذوالفقار علي ڀٽو

     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: عظيم شخصيت، عظيم سياستدان ذوالفقار علي ڀٽو

    دنيا جي عظيم شخصيت تي بهترين ليک آهي

    ڀُٽو هڪ ڪرشماتي شخصيت جو مال هو جنهن جو هٿ عوام جي نبض تي هوندو هو۔

    تاريخ کيس ڪڏهن به ڪونه وساريندي ڇو ته هو تاريخ جي ٺاهيندڙ‌ شخصيت هو
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: عظيم شخصيت، عظيم سياستدان ذوالفقار علي ڀٽو

    ادا ممتاز معلوماتي ليک ٿورا۔۔۔
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: عظيم شخصيت، عظيم سياستدان ذوالفقار علي ڀٽو

    معلوماتي، وقتائتو ۽ تفصيلي ليک ونڊ ڪرڻ جا لک ٿورا ۔۔۔ سنڌ جو ڄايو جناب ذوالفقار ڀٽو اسان سڀني لاءِ هڪ خيالي ۽ تصوراتي شخصيت رهيو آهي ۔۔۔ پر افسوس جو سنڌ جي هن پٽ کي بي وارثو ڪري قتل ڪيو ويو جنهن ۾ پاڪستان جا سڀ ادارا شامل حال رهيا ۔۔۔ فوج کان وٺي عدالت تائين ملي ڀڳت ڪري، انصاف جي اکين تي هيمشه لاءِ پٽيون ٻڌي بيڏوهيءَ کي ڦاهيءَ چاڙهيو ويو ۽ پاڪستان مان اميدن جا ڏيئا گل ڪيا ويا ۔۔۔۔

    رب العالمين ڀٽي صاحب کي جنت الفردوس ۾ اعلا مقام عطا ڪري ۔۔۔ آمين
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: عظيم شخصيت، عظيم سياستدان ذوالفقار علي ڀٽو

    سنڌ جي عظيم سياستدان جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي شخصيت تي سندس شهادت 4 اپريل جي نسبت سان ڪجهه وقت پهرين جو لکيل مضمون هت وري دهرائجي ٿو، اميد ته سنڌ سلامت جي نين دوستن کي به پسند ايندو، جن هي مضمون نه ڏٺو هو۔۔۔ ممتاز
     
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: عظيم شخصيت، عظيم سياستدان ذوالفقار علي ڀٽو

    شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 26 جولاء 1972 تي دادو ۾ سنڌيءَ ۾ ڪيل تقرير ​




     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: عظيم شخصيت، عظيم سياستدان ذوالفقار علي ڀٽو

    عظيم رهبر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت تي کيس سلام

    تمام وڏو سياستدان، جنهن جو هٿ عوام جي نبض ۽ دلين تي هو، هو جڏهن ڳالهائيندو هو ته عوام کيس ٻڌڻ لاء بيقرار رهندو هو۔ سندس ڪيل تقريرون تاريخي آهن، سندس انداز بيان به لاجواب هو۔

    اسان دعاگو آهيون ته رب کيس جنت نصيب ڪري ۽ سندس درجا بلند ڪري ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ آمين
     
  11. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: عظيم شخصيت، عظيم سياستدان ذوالفقار علي ڀٽو

    دنيا جي عظيم شخصيت تي بهترين ۽ ڪارائتو ليک آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو