شهري منصوبه بندي جي ڊوڙ ۾ اسان جو ڪردار

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سهيل صديقي طرفان آندل موضوعَ ‏23 اپريل 2014۔

  1. سهيل صديقي

    سهيل صديقي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏3 مارچ 2014
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    سوشل ڊولپمنٽ پراڪٽشنر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    رهائش لاءَ ڪنهن شهر جو تعين ڪرڻ ائين ئي آهي جيئن انسان پنهنجي زندگيءَ ۾ پنهنجو جيون ساٿي جو تعين ڪري ٿو. ڇو ته زندگيءَ جي انهن ٻنهي ڪمن ۾ مناسبت، مطابقت ۽ موافقت جو حساب رکڻو هجي ٿو. رهائش لاءِ به انسان پنهنجي سهولتن پٽاندڙ پنهنجي رهڻ جي جاءِ ڳولي ٿو. انهيءَ ڏس ۾ The Economist Intelligence Unit (EIU),هر سال وانگرهن دفعي به هڪ سروي ذريعي دنيا جي ملڪن جي بهترين ۽ رهڻ لائق 140 شهرن جي فهرست پڌري ڪئي آهي. جنهن ۾ دنيا جي ترقي يافته ۽ ترقي پذير ملڪن جا بهترين ۽ رهڻ لائق شهر شامل آهن. هي فهرست 39 خصوصيتن کي ڏسندي ٺاهي وئي آهي جنهن ۾ بنيادي خاصيتون جديد انفراسٽرڪچر، اسٽيبلٽي، تعليم، صحت جوسهولتون، جديد آمدورفت، امن امان جي صورتحال، سيروتفريح، وندر، فرحت بخشيندڙ علائقا، ثقافت ۽ انوارنمنٽ شامل آهي. دنيا جا ڪافي اهڙا ملڪ آهن جن جا هڪ کان وڌيڪ شهر هن فهرست ۾ شامل آهن. جيئن آسٽريليا جنهن جا ٽي شهر ميلبرن، پرٿ ۽ سڊني شامل آهن. وڏي ڳالهه اها آهي ته آسٽريليا جو شهر ميلبرن گذريل ٽن سالن کان لاڳيتو ان ڊوڙ ۾ پهريئن نمبر تي آهي. جڏهن ته اسان جي ملڪ جو فقط هڪڙو شهر ڪراچي مٿي ٻڌايل خاصيتن جي حساب سان فقط 40.9 مارکون کڻي 135 نمبر تي فهرست ۾ شامل ٿي سگهيو آهي. دنيا جا منصوبه ساز پنهنجي پنهنجي ملڪن ۾ ويهي پنهنجي شهرن کي دل ڇڪيندڙ ۽ من موهيندڙ ٺاهڻ لاءِ مصروف عمل آهن ۽ ڏينهون ڏينهن رهڻ لائق شهرن جي فهرست ۾ اڳيان وڌي رهيا آهن جن ۾ خاص ڪري شنگهائي، دهلي ۽ جوهانسبرگ شامل آهن. ايشا کنڊ ۾ سنگاپور به انهن ملڪن جي فهرست ۾ تڪڙو اڳيان ڊڪندو نظر اچي ٿو ۽ انتظاميه ڏينهن رات محنت ڪري سوين پارڪ، تفريح جا مقام، وڻن جي پوکي، سنگاپور دريا جي صفائي ڪري فهرست ۾ 52 نمبر تي آندو آهي. پاڪستان ۽ ٻين ايشائي شهرن لاءِ اڃان به منزل پري ۽ رستو تمام ڊگهو آهي ڇو ته هتي ڳوٺن مان بغير ڪنهن منصوبه بنديءَ جي تمام وڏي حد تي لڏپلاڻ ٿي رهي آهي جيڪا ملڪ جي صحت جي شعبي، تعليم، معيشت، شهري منصوبه بندي ۽ ٻئي نظام تي تمام گهڻو دٻاءٌ وجهي رهي آهي. وڏي ڳالهه ته اها چئجي ته لکين ماڻهن جو انگ روز جي بنياد تي شهرن ڏانهن رخ ڪري رهيو آهي جڏهن ته شهرن جي گنجائش، روڊن جو سوڙو هجڻ، نون رهائشي زونن جي اڏاوت، اسپتالن ۽ اسڪولن جو پراڻو تعداد ۽ نڪاسيءَ جي نظام کي تمام گهڻو ڏڪ رسايو آهي.

    پنهنجي شهر کي خوبصورت ۽ رهڻ لائق بنائڻ فقط شهر جي بهتر منصوبه بندي تي منحصر ڪري ٿو. شهر ۽ ملڪ جي انتظاميه انهيءَ تي سوچ ويچار ڪري پنهنجي ملڪ ۽ شهر جي رهائش پذيرن کي تعليم، صحت، وندر، صفائي، نيڪال جو انتظام، ماحول، امن امان ۽ قدرتي آفتن کي نظر ۾ رکندي شهراڏي ٿي ۽ وقتائتو ضرورت مطابق انهن ۾ ڦير ڦارڪندي رهي ٿي. شهري منصوبه بندي ڪو ڏهاڪو سال پراڻو موضوع نه بلڪه دنيا جي قديم تهذيبن کي ڏٺو وڃي ته ، شهرن کي رهڻ لائق بنائڻ قبل مسيح، روم، يونان، مصر ۽ سنڌو ماٿريءَ مان شروع ٿئي ٿو. انهن تهذيبن ئي شهرن کي رهڻ لائق، سهولتن سان ڀرپور هجڻ جي شروعات ڪئي ۽ بهترين شهرن جو وجود آندو. اسين ان سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب سان تعلق رکون ٿا جن هن سڄي دنيا جي انسان کي شهر اڏڻ، شهري حفاظت، قدرتي آفتن کان شهر جو بچاءُ، پيئڻ جو پاڻي، نيڪال جي طريقي، مارڪيٽ جي جڳهه، رهائش جي جڳهه، تفريح ۽ ميل ميلاپ جي جڳهه الڳ الڳ ٺاهڻ جي ترڪيب دنيا کي ڏني. انهي ترڪيب کي کڻي اڄ دنيا جا ملڪ پنهنجي شهرن کي رهڻ لائق سان گڏ صحتمند ماحول کي ترتيب ڏئي رهيا آهن. ان سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جنهن ۾ موئن جو دڙو، گجرات ۾ موجود راکيگري جا آثار، هاڪڙو سان گڏ سنڌو نديءَ جي ٻنهي ڪپن تي موجود آثار ۽ هڙپا شامل آهن تن ان دور ۾ ڪشاديون ۽ پڪيون گهٽيون، پاڻيءَ جي ذخيري جي جڳهه، پاڻيءَ جو نيڪال، رهائش لاءِ بهترين عمارت سازي ۽ شهر جي اڏاوت هڪ گرڊ جي نموني تي ڪئي وئي. موئن جو دڙو۽ ٻيا شهر منهنجي نظر ۾فقط هڪ شهر نه بلڪه هڪ بهتر منصوبه بندي جو مثال ۽ سماجي ادارو لڳي ٿو. جتي هر سهولت جو خيال هجڻ سان گڏ شهر جو ملي جلي خيال رکڻ ظاهر ٿئي ٿو. عمارت سازي، گهٽين جونقشو، پاڻيءَ جي نيڪال کي ڏسندي اهو سمجهي سگهجي ٿو ته ان وقت جي رياست ۽ عوام ڪيترو نه سلجيل ۽ عقلمند هو. مشاهدي مان اهو به اندازو لڳائجي ٿو ته شهر جي مرڪزي علائقي ۾ مارڪيٽ ۽ دڪان هئا جنهن کي رهائشي علائقن کان ڌار ڪري هڪ وڏي ديوار ڏني وئي هئي. شهر جي هر گهر ويجھو پاڻي جا کوهه اهو ثبوت ڏين ٿا ته شهر جي وسيلن تي ڪنهن هڪ جو قبضو نه هيو. گهڻي قدر گهرن ۾ وهنجڻ جي جاءَ گهر سان لڳ نظر اچي ٿي جنهن جو نيڪال مرڪز ۾ گزر ڪندو شهر کان ٻاهر وڃي ٿو. شهر جي حفاظت لاءِ شهر جي ٻاهران چوڪيون قائم هيون ۽ ٻوڏن ۽ قدرتي آفتن کان بچيل رهڻ لاءِ به يقينن ڪو جوڳو بندوبست ڪيل هوندو. انهيءَ کان علاوه دنيا جو پهريون مربوط ۽ پائدار نڪاسي جو نظام سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب ۾ ئي نظر اچي ٿو. اهو سب گهمندي شهر جي منصوبه بندي هڪ دلڪش منظر پيش ڪري ٿي.

    شهري منصوبه بندي نه ٿيڻ ۾ فقط حڪومتي ڌيان يا سياسي عمل دخل نه بلڪه رهائش پذيرن ۾ اخلاقيات جو هجڻ به وڏو خال پيدا ڪري ٿو. وڏيون ڳاڏيون، وڏا بنگلا ٺاهڻ سان مان نٿو سمجهان ته تهذيب جي سڃاڻپ ٿئي ٿي بلڪه انهن بنگلن اڳيان صفائي جو خيال، روڊن جو هجڻ، پاڻيءَ جو نيڪال ۽ وڻڪاري شامل آهي. اسان جي گهرن اندر صفائي هجي ٿي بهترين فرنيچر هجي ٿو سڀ کان سٺي ڳاڏي هجڻ جي خواهش هجي ٿي پر اسان پنهنجي آس پاس جي ماحول، گهٽين جي صفائي پاڙيوارو پهرئين ڪري جي نظريئي تي هلندي خراب کان خراب تر ڪندا رهون ٿا.

    رهڻ لائق ۽ خوبصورتي جي حساب سان دنيا جي پڌري ڪيل فهرست ۾ پاڪستان جو فقط هڪڙو شهر ڪراچي آهي ۽ تنهن جو نمبر به 135 آهي هاڻي ان مان توهان اندازو لڳايو ته باقي شهرن جي حالت ڇا هوندي بلڪه ٻڌائڻ کان پهرئين مون کي اهو سوچڻ گهرجي ته توهين سب هتان جا ئي رهواسي آهيو ۽ پڻ انهن مونجارن تي ازخود ئي سوچي رهيا آهيو. جيئن ته مان مٿي شهري منصوبه بندي بابت توهان کي ٻڌائي آهيو آهيان ته ڪهڙين ڳالهين کي ذهن ۾ رکي منصوبه بندي ڪئي وڃي ته پر پاڪستان ۾ شهر منصوبه بنديءَ جو ڪو نالو نشان ئي نظر نٿو اچي ۽ جيڪڏهن ڪٿي ڪي سٺا پاڙا اڏيا به ويا آهن ته ڪنهن پرائيوٽ ڪمپني طرفان ۽ مسلسل انهن کي قائم رکڻ، پٺڀرائي ڪرڻ ۽ هلائڻ انهن خانگي ادارن جو ئي ڪم آهي جو انهن علائقن ۾ وڃجي ٿو ته رستا موڪرا، حددلخلين جو نه هجڻ، سهڻا پارڪ، گهرن جي نقشن جو اداري طرفان پاس ٿيڻ شامل آهي. پر اهڙو عمل ملڪ جي ٻين شهرن ۾ نظر نٿو اچي ۽ ملڪ جي باقي شهرين کي ڳاڏين، ٽهيلن، ڪچري، گندي پاڻيءَ ۽ بڳل روڊن جي گپاگيهه ۾ زندگي گذارڻي پوي ٿي. انهي سڄي عمل ۾ حڪومت جي بي ڌياني ۽ رهائش پذيرن ۾ پنهنجي شهرن جي حفاظت ۽ مالڪي جو تصور گهٽ هجڻ آهي.

    پهرئين پاڻ حڪومت جي بي ڌيانين کي ڏسون ته ڪهڙي نموني گذريل ڏهاڪن ۾ ملڪ جي شهرن جي واڌ ويجهه ۾ حصو ورتو آهي پوءَ پاڻ انفرادي حقيقن کي ڏسون. پاڻ فقط حيدرآباد شهر کي ڏسون ته تصوير واضع ٿي ويندي، حيدرآباد سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شهر ۽ ڪراچيءَ کان پوءِ هر شعبي ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. گذريل ڏهاڪن ۾ حيدرآباد شهر جي آس پاس تمام گهڻيون ڪالونيون، پاڙا ۽ وسيتون آباد ٿيون آهن ۽ فليٽن جي به ڀرمار ٿي آهي. شهر جو موجوده ڏهانچي جو جائزو وٺون ته حيدرآباد هن وقت ماڻهن، ڳاڏين، فيليٽن، اسڪولن ۽ رهائشي منصوبن ۾ پر ٿي چڪو آهي ۽ شهر اندر موجود نڪاسي جو نظام اهو ئي ويهه سال پراڻو آهي جنهن سبب برسات جي ٿوري مقدار ۾ پوڻ سان به روڊ رستا ڀرجو وڃن ۽ گهڻن علائقن ۾ ته مهينن تائين پاڻي جو بيهڻ ڪا نئين ڳالهه نه آهي. حڪومت جي ادارن نڪاسيءَ وارن قدرتي وهڪرن، لنگهن جيڪي برسات جي مند ۾ پنهنجي سر پاڻ ڪم ڪندا آهن تنهن مٿان به ڪالونين ۽ پاڙن کي اڏڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. تازو ئي برسات ان جو مثال آهي جنهن ڪراچي جهڙي شهر ۾ ايمرجنسي جهڙي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي جو قدرتي، اصلوڪن نڪاسيءَ جي نظام مٿان فليٽ، گهر ۽ ڪالونيون جوڙيون ويون ۽ ڪنهن قسم جي ڪا موري به نه ڇڏي وئي جو گهڻي برسات وسڻ تي هو پنهنجو ڪم ڪن.ٻئي پاسي شهر اندر ٺهندڙ فليٽن کي اهو ڄاڻندي به منظوري مليو وڃي ته فليٽن کي پنهنجي پارڪنگ موجود نه آهي ۽ انهن فليٽن جي پارڪنگ جو بوج به ٻاهرئين روڊ تي پوڻو آهي. ڪجهه ڏهاڙا اڳ ته مون ڪراچي ويندڙ روڊ تي به فليٽ ٺهندي ڏٺا تعجب ۾ وجهندڙ ڳالهه اها هئي ته فليٽن جي موهڙ سپر هاوي ڏانهن هئي ۽ اتي فليٽن جو ٺهڻ نامناسب ۽ نهايت ئي نقصاندهه آهي. دنيا جي ملڪن ۾ شهرن جي ويهه سالا، پنجويهه سالا يا ان کان به وڌيڪ جي منصوبه بندي ڪئي ويندي آهي ته ۽ ايندڙ وقت جو اندازو لڳائي روڊ، سروس روڊ، پارڪ، مارڪيٽ، صحت جا مرڪز جوڙيا ويندا آهن يا وري انهن جي جاءَ ڇڏي ويندي آهي پر هتي جيئن آهي تيئن آهي جي بنياد تي شهرن جو ٻيڙو ٻوڙيو پيو وڃي ۽ ايندڙ هر حڪمران ڌر جو فقط اسٽريٽ لائيٽس تي زور آهي جڏهن ته ملڪ توانائي جي بحران کي به منهن ڏئي رهيو آهي. انهيءِ سان گڏوگڏ شهرن جي خوبصورتي اتان جي ٽرانسپورٽ تي به منحصر ڪري ٿي. اسان جي ملڪ اندر ٽرانسپورٽ جي طرف ته ڪو ڌيان ئي نه آهي. ماضيءَ ۾ حڪومت طرفان شروع ڪيل منصوبه ڪجهه سالن اندر ئي ٽپ ٿي ويا جيڪي انتهائي سهولتڪار هئا. اسڪول جي موڪل ۽ آفيسن جي موڪل جي ٽائيم تي اسان جا شهر ڏسڻ وٺان هجن ٿا. سوين ڳاڏيون هر ماڻهوءَ کي ماني تي پهريئن پهچڻ جي جلد هجي ٿي. سوين ڳاڏين جو هجڻ انهي ڪري آهي ته اسان جي حڪومت عوام کي بهترٽرانسپوٽيشن جون سهولتون ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ اسان پنهنجي روڊن، رستن ۽ ملڪ ۾ موجود توانائيءَ جو نقصان ڪري رهيا آهيون. هر گهر مان هڪ ٻار لاءِ اسڪول مان پڪ ڊراپ لاءِ هڪ ڳاڏيءَ جو هجڻ لازمي آهي پر دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ اسڪول بس جو رواج آهي ته جيئن روڊن تي بوج کان بچجي ۽ وڌ کان وڌ ٻار اسڪول تائين پهچي سگهن. انهي تسلسل کي اڳتي وڌائيندي اسان جي حڪومتن شهرن جي خوبصورتي کي بدصورتي ۾ مٺائڻ لاءَ ڪا قصر نه چڏي آهي. ايڏي وڏي شهر حيدرآباد ۾ سيروتفريح، وندر، فرحت بخشيندڙ علائقن جي حوالي سان ڪجهه به موجود نه آهي. پراڻا موجود سيروتفريح، وندر، فرحت بخشيندڙ علائقا هاڻي ڪچري جو ڏهير آهن. هن وقت موجود حيدآرباد بلديه 4200 ڪاردار ۽ ڪارندا حيدرآباد صفائي ڪرڻ ۾ به انهيءَ ڪري ناڪام آهن جو انهن کي سهولتن جو نه هجڻ ۽ ڳتيل علائقن سبب رسائي جو عمل مشڪل ٿيو وڃي.

    گڏوگڏ انهيءَ سان اسان پاڻ انفرادي طور به پنهنجي شهرن جي خوبصورتي، شهري منصوبه بندي ڪرڻ ۽ صحتمند ماحول ٺاهڻ ۾ ناڪام ويا آهيون. مون اڪثر ڏٺو آهي اسان پنهنجي گهرن منجهه سڀ آسائشون گڏ ڪيون ٿا پر در ٻاهران بيٺل پاڻي، ڪچري ۽ صاف صفائي طرف ڌيان ڏيڻ کان قاصر آهيون. شهر ٽرئفڪ جي قانونن کي ڀڃڻ اسان جي روز جو ڪم آهي ۽ پنهنجي پاڙي پارڪ، وڻڪاري ۽ موجود سرڪاري عمارتن جي مالڪي ڪرڻ ۾ عيب ۽ سڄو ڏوهه حڪومت مٿان ڌريون ٿا.

    حقيقتن ٿيڻ ائين گهرجي ته سنڌو ماٿريءَ جي شاهڪار منصوبه بنديءَ کي تصور کي ٻيهر زنده ڪيون ۽ پنهنجا شهر هڪ دفعو ٻيهر رهڻ لائق، سهولتن سان ڀرپور، سيروتفريح، وندر، فرحت بخشيندڙ علائقن کي جوڙيون. حڪومت کي گهرجي ته مستقبل جي گهرجن کي ڏسندي وڏي مدي واري منصوبه بنديءَ جوڙين. مارڪيٽ ۽ رهائشي منصوبن کي ڌار ڌار ڪري شهر کي خوبصورت بنائن، روڊن ۽ رستن جي تعمير بهتر نموني ڪري شهر کي متبادل رستن جي سهولت ڏين، ڳتيل آباد وارن علائقن ۾ وڏين ڳاڏين، ريهڙن، ٽهيلن ۽ دڪانن جي هجڻ تي پابندي هڻن. شهر جي پارڪن ۽ تفريح جي موجود مقامن کي انسان جي ويهڻ لائق بڻائين. پبلڪ ٽرانسپورٽ بهتر ڪري گهڻين ڳاڏين جي استعمال کان پاسو ڪري سگهجي ٿو جنهن سان ملڪ جي توانائي کي پڻ بچت ۽ ساهي ملندي. سرڪار کي گهرجي ته اينٽي انڪروچمينٽ ۽ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جهڙن ادارن کي سگهار بنائين ۽ باصلاحيت انجنيئر ۽ ڪاردار ڀرتي ڪن.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سهيل صديقي

    سهيل صديقي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏3 مارچ 2014
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    سوشل ڊولپمنٽ پراڪٽشنر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    چپيل ڪاوش اخبار مڊويڪ ميگزين
     
  3. سهيل صديقي

    سهيل صديقي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏3 مارچ 2014
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    سوشل ڊولپمنٽ پراڪٽشنر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    چپيل ڪاوش اخبار مڊويڪ ميگزين
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,661
    ورتل پسنديدگيون:
    27,130
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بهترين لکيو اٿو ... پر ڪاش ڪو اسان جي انتظاميه ۽ حڪومتن کي سمجهائي
     
  5. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    481
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بهترين ۽ وقتائتو مضمون آهي . اسان جي ملڪ ۾ اڳي، ڪا منصوبه بندي ٿيندي هوندي ، پر موهن جي دڙي واري آثارن کان سوا ڪٿي به ان جا نشان نه ٿا ملن . .پاڪستان کان اڳ واري حيدرآباد جي هيرا آباد ۽ ڪراچي جا ڪجهه حصا منصوبه بندي سان جڙيل هنڌ هيا، ناجائز ولار ڪندڙن انهن نشانين کي به مٽائي ڇڏيو آهي .
    هن وقت شهري منصوبه بندي ته ڇا؟ پر ڪنهن به معاملي ۾ڪا به منصوبه بندي ڪانهي . بيروزگاري جي ڪري ننڍن وڏن شهرن ڏانهن ماڻهن جي لڏپلاڻ ته ويتر معاملي کي خراب ڪري ڇڏيو آهي . اهڙو حال رهيو ته اسان پنهنجي ئي گٽرن واري پاڻي ۾ ٻڏي مرنداسين ڇاڪاڻ ته ڀڄڻ واري رستن ته به قبضا ٿيل هوندا .
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو