اداڪاره شهزادي جي ورسيءَ تي سندس ياد اداڪاره شهزادي سنڌي ۽ اردو ڊرامن سان گڏ فلمن ۾ به ڪم ڪيو. هن 1969ع ۾ فلم پنو عاقل ۾ ڪم ڪيو ۽ 1970ع ۾ پي ٽي وي جي ڊرامي زينت کان شروعات ڪئي. هن 450 کان وڌيڪ ڊرامن ۾ ڪم ڪيو 15 سنڌي فلمن ۾ ڪم ڪيو ۽ لاتوداد ريڊيو ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو. ڊگهو عرصو فن کي ارپيندڙ شهزادي 24 اپريل 2003ع تي اسان کان وڇوڙو ڪيو. اداڪاره شهزادي : فن جي تاريخ جي شهزادي سيد يار محمد شاهه اسان جي شوبز ۾، اداڪاره مرحومه شهزادي، واقعي هڪ شهزادي هئي. جوانيءَ کان وٺي مرڻ تائين خوبصورت زيور، خوبصورت ڪپڙا ۽ خوبصورت ميڪ اپ ۾ هوءَ هميشه خوبصورت ترين لڳندي هئي. بليڪ اينڊ وائيٽ جي زماني ۾ هوءَ هڪ ڊاڪٽرياڻي مثل، ماڻهن جو علاج به ڪندي هئي، ته گڏو گڏ ريڊيو جي صداڪاري به ڪندي هئي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسٽيج تي اداڪاري به ڪندي هئي. سنڌيءَ ۾ ٺهندڙ بليڪ اينڊ وائيٽ فلم ”پنون عاقل“ جنهنجي پاڻ شهزادي هيروئن به هئي ۽ شايد ان ۾ سندس اسي فيصد پيسو به لڳل هو، ڇو ته جڏهن آئون بحيثيت ڊسٽري بيوٽر جي حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ سنڌي فلمن جي ڊسٽريبيوشن ڪندو هوس ته هوءَ پنهنجي فلم ”پنو عاقل“ هلائڻ لاءِ ڏاڍي منٿ به ڪندي هئي. بھرحال اداڪاره شهزادي هڪ خوبصورت ڪردار جي مالڪ، اها نفيس مزاج اداڪاره هئي، جنهن پنهنجي دور ۾ پنهنجي فني سفر ۾ انيڪ يادگار ڪردار ادا ڪيا. ٽي وي ۽ خانگي ايوارڊ به ماڻيا. هيروئن کان ڪريڪٽر ايڪٽر تائين جو سندس فني سفر، سنڌي فنڪارن جي تاريخ ۾ هميشه ڪر کنيو بيٺو هوندو. سندس زندگيءَ بابت ڪئين فيچر ڇپيا هوندا، ڪئين انٽرويو ٿيا هئا، ۽ اڄ هوءَ اسانجي وچ ۾ نه آهي. بلڪ سپرهاءِ وي تي قائم قبرستان نالي ”باغ حسين“ ۾ ابدي ننڊ ۾ ستل آهي. منهنجي مرحومه سان ملاقات بليڪ اينڊ وائيٽ واري دور ۾، ڪراچي ٽي وي اسٽيشن تي ٿي. مونکي ڊرامن جا نالا گهٽ ياد هوندا، پر اهو ضرور ياد اٿم ته هن مونسان جن جن پروڊيوسرن جي ڊرامن ۾ گڏ ڪم ڪيو، انهن ۾ هارون رند، منظور قريشي، محمد بخش سميجو، بيدل مسرور ۽ اقبال لطيف به شامل هئا. ساڳيءَ طرح مون شاهه اسد جي سنڌي فلم ”پرو“ ۽ منهنجي سنڌي فلم ”علي گوهر“ جي شوٽنگ جي ابتدا، لطيف سرڪار جي درگاهه تي جنهن پهرئين سين سان ڪئي، اها منهنجي ۽ شهزادي جي وچ ۾ هڪ خوبصورت ڊرامائي سين هئي. اهڙيءَ طرح ”پرو“ ۽ ”علي گوهر“ ۾ اسان جي وچ ۾ خوبصورت ڊرامائي منظر شوٽ ٿيا. منهنجي ئي لکيل هڪ ٽي وي سيريز ”قلم نمبر“ جنهنجي آخري ٽن قسطن ۾ شهزادي ۽ محمود صديقي وڏا جاگيردار آهن، پر پٽ جي اولاد کان محروم هوندا آهن. هڪ منظر ۾ شهزادي، محمود صديقيءَ کي روئيندي چوي ٿي ته؛ خدا جو شان آهي، جن گهرن ۾ غريب ويلن تي ويٺا آهن، ات پٽن مٿان پٽ ۽ جن جاگيرن کي وارث گهرجن، ات اولاد ئي نه آهي. اهڙي طرح مرحومه کي به صرف هڪ نياڻي هئي، جيڪا سيد گهراڻي جو نوجوان اداڪار ۽ زاهد معصومي جي ڀاءُ کي پرڻائي ڏنائين ۽ آخر تائين ڌيءَ ۽ ناٺيءَ ۾ ساهه هوندو هوس. ساڻس گڏ ڪراچيءَ ۾ اتوار بازار، منگل بازار ۽ جمعه بازار ۾ عورتن جي ڊريسن جا اسٽال لڳائيندي، اداڪاره ممتاز ڪنول سان هميشه سونا زيور ۽ ڊرامي ۾ خوبصورت لباس پائڻ جا مقابلا ڪندي رهندي هئي. جيئن ته هوءَ ڪنن کان گهٽ ٻڌندي هئي، ان ڪري هوءَ پنهنجي مڪالمن سان گڏ سامهون واري اداڪار جا به مڪالمه مڪمل ياد ڪري ايندي هئي، ۽ رڪارڊنگ دوران پنهنجي مڪالمن جي ادائيگيءَ کان پوءِ، سامهون واري اداڪار جي چپن تي اک رکي ويٺي هوندي هئي. ان اداڪار اسڪرپٽ وارو جملو ڳالهايو، ته پوءِ شهزادي پنهنجي حصي جو جوابي مڪالمو ادا ڪندي هئي، پر جيڪڏهن سامهون واري اداڪار يا ادڪاره اهو جملو يا آخري الفاظ، ڪنهن ٻئي انداز ۾ ادا ڪيا، ته پوءِ شهزادي خاموش رهندي هئي، ۽ هدايتڪار جي ڪٽ ڪرڻ کانپوءِ وائڙي ٿي جهيڙو شروع ڪري ڏيندي. چوندي هئي ته؛ جيڪو اسڪرپٽ ۾ لکيل آهي، اهو ته هن ڊائيلاگ چيو ئي ڪو نه. پاڪستان جي سپراسٽار نديم ۾ به اها ئي فني خرابي آهي، ته هو به ڪنن کان ٻوڙو آهي، ۽ سامهون واري جي چپن تي غور ڪري، ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. پر اسانجي اداڪاره شهزادي اسانجي سنڌي فن جي تاريخ جي واقعي خوبصورت شهزادي هئي. اسان کيس هميشه ياد رکنداسين، ڀلي ڪراچي ٽيليويزن ۽ محڪمه ثقافت وارا کيس وساري ڇڏين. سنڌي فن جي تاريخ جي هوءَ واقعي شهزادي هئي ۽ فن جي تاريخ جي شهزادي ئي رهندي.
اداڪاره شهزادي جي ورسي جي موقعي تي ممتاز علي شيخ انسان جي زندگيءَ ۾ نالي جي وڏي اهميت هوندي آهي. انهيءَ لاءِ وڏڙا چون ٿا ته نالو سوچي سمجهي رکڻ گهرجي. نالي جي معنيٰ ۽ مطلب جو وڏو اثر ٿو ٿئي انسان جي مزاج ۽ حياتيءَ جي ٻين معاملن تي. ميڊم نور جهان جو ڇٺيءَ جو نالو الله وسائي هو، انهيءَ لاءِ هوءَ ننڍي هوندي ڪنهن وڏي مرض ۽ بيماريءَ کان محفوظ رهي، پر جڏهن هن جو نالو نور جهان رکيو ويو ته هوءَ واقعي سڄي ملڪ لاءِ آواز جو نور بڻجي ويئي. اداڪاره شهزاديءَ تي به نالي جو وڏو اثر رهيو. هوءَ مزاج ۽ سوچ جي شهزادي هئي، هن انهيءَ زماني ۾ شوبز جي دنيا کي جوائن ڪيو، جڏهن سنڌ جون نياڻيون گهر کان ٻاهر نڪرڻ جي به همت نه ڪري سگهنديون هيون. هوءَ ننڍي هوندي کان پرفارمنگ آرٽ سان دلچسپي رکندي هئي. فلم، اسٽيج، لوڪ گيت، لوڪ رقص هن کي تمام گهڻو وڻندا هئا. فيشن ڊيزائيننگ جو به هن کي ڏاڍو شوق هوندو هو. ۱۹۶۵ع ڌاري هن باقاعده فني سفر جي شروعات ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان هڪ ڊراما آرٽسٽ جي حيثيت سان ڪئي. هوءَ پڙهيل لکيل ۽ فيشن ايبل عورت هئڻ جي باوجود نج سنڌي لهجي ۾ ڳالهائيندي هئي. اجايو وات چٻو ڪري انگريزي لهجي ۾ ڳالهائڻ کي هوءَ پسند نه ڪندي هئي. هن جي شادي ننڍي عمر ۾ ٿي پر سندس مڙس جلد ئي هن کي اڪيلو ڪري ٻئي دنيا ڏانهن هليو ويو. ان مان هن کي هڪ نياڻي هئي، پوءِ ماءُ ڌيءُ گڏجي زندگيءَ جي گاڏيءَ کي شان مان سان اڳتي گهلڻ لاءِ فيشن ڊزائيننگ ۽ گارمينٽس جو ڪاروبار شروع ڪيو. سنڌي رلي، سوسي، اجرڪ، سنڌي ٽوپي ۽ گج وغيره کي سڄي ملڪ ۾ عام ڪرڻ لاءِ هنن گڏجي ڪوشش ڪئي. هن پهرين لالو کيت ۾ هڪ دڪان کولي سنڌي ثقافت کي عام ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو. وري جڏهن خالص عورتن جي بازار ”مينا بازار“ ڪريم آباد ۾ قائم ٿي ته هنن پنهنجو دڪان اوڏانهن شفٽ ڪيو. ڪراچيءَ سميت سنڌ جي ڪنهن به وڏي ننڍي شهر ۾ ڪا ثقافتي نمائش لڳائي ويندي هئي ته اتي شهزاديءَ جو اسٽال لڳل ضرور نظر ايندو هو. هوءَ اڪثر سنڌي ڇوڪرين کي چوندي هئي ته هو به اڳتي اچن ۽ پنهنجو ڪاروبار عزت ۽ شان سان شروع ڪن. ڇاڪاڻ جو سنڌي عورتون ڪنهن کان به گهٽ ناهن. ۱۹۷۰ع ۾ هن جي پهرين سنڌي فلم ”پنو عاقل“ رليز ٿي. انهيءَ فلم ۾ شهزادي پهرين نج سنڌي هيروئن طور ڪاسٽ ٿي. انهيءَ کان پهرين سنڌي فلمن ۾ نگهت سلطانه، سوزي، ڊينيل، سعيده، چڪوري ۽ انيلا وغيره هيروئن جي طور تي ڪم ڪنديون رهيون هيون، پر اهي سڀ غيرسنڌي هيون. فلم پنوعاقل جو هيرو قربان جيلاني هو. شهزاديءَ تي گانا به پڪچرائيز ڪيا ويا. لوڪ رقص به فلم جي ڊمانڊ مطابق ڪيا. ماڻهن شهزاديءَ جي پرفارمنس جي ڏاڍي تعريف ڪئي، پر ڪمرشل ذهنيت رکندڙ پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر فلمن ۾ اجايا ٺينگ ٽپا ڏيندڙ ڇوڪرين کي ڪاسٽ ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندا هئا. انهيءَ لاءِ شهزاديءَ کي وري ڪنهن ٻي فلم ۾ هيروئن نه بڻايو ويو. ان کانپوءِ سنڌي فلم ڌرتي دل وارن جي، نادر گوهر ۽ پرو ۾ به باصلاحيت فنڪار بهترين پرفارمنس جو مظاهرو ڪيو. هن ٻن اردو فلمن ۾ به ڪم ڪيو. فلمن جو ڪم جڏهن گهٽيو ته شهزاديءَ ريڊيو ۽ ٽي ويءَ جو رخ ڪيو، جتي کيس Welcomeچيو ويو. ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي قمر شهباز مرحوم هن آرٽسٽ جي لاءِ هڪ ڪردار تخليق ڪيو، ان ڪردار جو نالو پهرين شهزادي رکيو ويو، مگر ڪردار هڪ جهيڙاڪ ۽ بدمزاج عورت جو هو. شهزاديءَ نالي تي اعتراض ڪيو انهيءَ لاءِ انهيءَ ڪردار جو نالو شهزاديءَ بدران راڻي رکيو ويو. انهيءَ ڪردار جو هڪ تڪيه ڪلام هو ”چخي“ اهو ايترو ته مقبول ٿيو جو هر گلدستو پروگرام ۾ اهو راڻيءَ وارو ڪردار ضرور رکيو ويندو هو. اي آر بلوچ انهيءَ راڻي جو پوڙهو عاشق ۽ سهيل افغاني ان جو چرٻٽ پٽ، ڏاڍي مزيدار ڪچهري ٿيندي هئي. اڃا به اها رڪارڊنگ ريڊيو پاڪستان جي لائبريريءَ ۾ محفوظ آهي. پي ٽي وي تي شهزادي تمام گهڻا رول ڪيا. ڊراما سيريل زينت، جنگل، ديوارين ۽ هٿين گل ميندي ۾ هن آرٽسٽ يادگار ڪم ڪيو. ۱۹۹۹ع ۾ ريڊيو پاڪستان شهزاديءَ کي بهترين ڊراما آرٽسٽ جو ايوارڊ ڏنو انهيءَ کان علاوه ٻين ڪيترن ئي ادارن پاران هن کي ڪيترائي انعام ۽ سندون ڏنيون ويون ۽ ماڻهن خراج تحسين ۽ محبتن جا گل نڇاور ڪيا. هوءَ سنڌ جي لوڪ ناچن جو هڪ وفد وٺي چين ۽ ڪوريا جو دورو به ڪري آئي هئي. هن اتي سنڌي ثقافت ۽ موسيقيءَ کي پروموٽ ڪيو. (ڪتاب : فلمي دنيا جا مهان سنڌي فنڪار تان ورتل)
1989ع ۾ اداڪاره شهزادي سان، آچر بازار يا منگل بازار ڪراچي ۾ دوستن ملاقات ڪرائي هئي، اها بازار به سندس جي هئي جتي دوستن به پڻ خريداري ڪئي، ۽ هن سان چانھ ڍڪ به گڏجي پيتوسين، ويهن منٽن جي ڪچهري ۾ ڪنهن به قسم جي هلڪڙائپ جو مظاهرو نه ٿيو.ڪچهري ايئن ئي ٿي جيئن ڪنهن گهريلو عورت سان ٿيندي آهي، نه ڪ شوبز واري ڪچهري. الله سائين کيس مغفرت ڪري.