• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پيار جي پهرين بارش : رضوان گل

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
10264964_10203444706616557_4957047832023312646_n.jpg

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر ستهتر (77) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”پيار جي پهرين بارش” لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ بهترين شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نگار رضوان گُل جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.

اسين ٿورائتا آهيون سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ پياري دوست رضوان گُل جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني ۽ هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني. هي ڪتاب ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي.

مرڪي ڏسنديٖ هوءَ، ڪجهه شرمائي پئي
نيڻ کڻي پوءِ هيٺ، ڪنڌ جھڪائي پئي

ڪوئي پيو ٿو يارَ ائين مَٽي هر روز
ويس وڻن جا رُتِ، جيئن مٽائي پئي

جيئري ساڻس گڏ ڪوئي ڪونه رُنو
جيئن وڇڙي ويو دنيا، لڙڪ وهائي پئي

پيار اسان جو شايد کيس نه آيو راس
گھورَ اسان ڏي هاڻ، هوءَ گھٽائي پئي
ٿورين گھڙين لئه مرڪَ ڏنئين جيڪا
ٿورا هاڻ اسان تي ڪيئن جتائي پئي​


 
Back
Top