سنڌ جي ناليواري ليکڪ قمر شهباز جي ياد ۾ حميد ڀٽو تنهنجون يادون، مٺڙا ماڻهو، بادل جئين برسن، هاءِ اڃايل منهنجون اکريون بوندن لئه ترسن..! جهڙيون خوبصورت سٽون سرجيندڙ سرجڻهار سائين قمر شهباز اڄوڪي ڏينهن تي 4 سال اڳ اسان کان جسماني طور جدا ٿي ويو. قمر شهباز جيڪو يارن جو يار، ڌرتي جو وفادار حلالي پٽ هو ته سنڌ جي ادب، ثقافتي ٻولي تهذيب، تمدن ۽ فن جو رکوالو هو جنهن پنهنجي ڏاهپ وسيلي هميشه سنڌ جي نالي بچائڻ ۽ ڌرتي جي تقدس رکڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو. هن سرڪاري نوڪرين ۾ اعليٰ عهدن تي رهڻ باوجود سنڌ جي مسئلن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي هئي. هن سنڌ جي وڏي ليکڪ، دانشور، ڪالم نگار، ڊراما نگار، صداڪار، ڪمپيئر، هدايتڪار، سماج سڌارڪ ۽ شاعر قمر شهباز 13 اپريل 1938ع تي محمد مقبول ٻگهيو جي گهر نواب شاهه ۾ جنم ورتو. بنيادي ۽ ثانوي تعليم بعد ڪراچي يونيورسٽيءَ مان انگلش ۾ ايم. اي ڪيائين ۽ مختلف ڪاليجن ۾ بحيثيت ليڪچرار ۽ اسسٽنٽ پروفيسر پڙهائيندو رهيو. ايس ايم ڪاليج ڪراچي مان سندس مقرري ڪنڌڪوٽ ڊگري ڪاليج ۾ پرنسپال طور ٿي، جنهن دوران ملازمت جي حوالي سان سندس مصروفيتون فن ادب ثقافت کي هٿي ڏيڻ هو ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ ئي اسٽيج ناٽڪ پيش ڪيائين جنهن ۾ پاڻ ناٽڪ لکيا ۽ اداڪاري پڻ ڪيائين. هو ڪميشن جو امتحان پاس ڪري وفاقي سرڪار جو ملازم ٿيو ۽ نوڪرين جي حوالي سان مختلف ترقيون ڪندو ڊائريڪٽر پاپوليشن ڊويزن اسلام آباد، ڊائريڪٽر ايڪسپورٽ ائنڊ انٽرنيشنل افيئرس، ڊائريڪٽر آءِ ٽي سي، جنرل مئنيجر ايڪسپورٽ ائنڊ ٽريڊ فيبرڪس، اٺن سالن تائين ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر گهي ڪارپوريشن آف پاڪستان، ڊائريڪٽر ٽريڊ ڪارپوريشن، چيئرمئن ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۽ سن 1998 ۾ انهيءَ عهدي تان رٽائرمينٽ حاصل ڪري پنهنجي ٻولي ۽ ادب لاءِ مڪمل وقت ڏيڻ لڳو. نوڪريءَ دوران هن مختلف ملڪن جا دؤرا پڻ ڪيا، جن ۾برطانيا، جرمني، آمريڪا، فرانس، سئٽزرلئنڊ، عرب امارات، بيلجيم، يوگوسلاويا، سعودي عرب، ملائيشيا، سريلنڪا، سنگاپور، ڪويت، رومانيا، ٿائيلئنڊ، مصر، هالينڊ، چين، انڊيا ۽ هانگ ڪانگ وغيره شامل آهن. قمر شهباز لکڻ جي شروعات 1954 ۾ ڪئي جنهن دوران اسٽيج ڊراما، ٽي وي ڊراما، ريڊيو ڊراما، فلمون، افسانا، شعر، مضمون، ڪالم لکيا، سندس ٽيليويزن ۽ ريڊيو جي ناٽڪن کي تمام گهڻي عوامي مقبوليت ملي ۽ پاڻ ڪيترن ئي ريڊيو جي ناٽڪن ۾ صداڪاري پڻ ڪئي. قمر شهباز ٽيليويزن جي، مختلف پروگرامن ۾ ڪمپيئر طور پاڻ مڃرايو. قمر شهباز مختلف سماجي ۽ تعليمي سرگرمين ۽ ادارن سان پڻ واڳيل رهيو جن ۾ ايڊيوڪيشن سوسائٽي، ميمبر ائڊوائيزري ڪاميٽي براڊ ڪاسٽنگ، ميمبر سينٽرل بورڊ آف فلم سينسر، ميمبر بورڊ آف گورنرس پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس، ميمبر سچل چيئر ۽ ميمبر شيخ اياز چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، وائيس پريزيڊنٽ پيس ڪاميٽي ڪراچي، سرپرست آل سنڌ وومين ايسوسيئيشن ۽ مارئي فورم، سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ڪراچي جو سرپرست ۽ مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو. سنڌي اسپيڪنگ يونين جو صدر سميت ٻين سماجي ثقافتي ادارن ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏنائين. قمر شهباز جي ڇپيل ڪتابن ۾: ”اٺون گهر“، ”ضمير جو موت“ (ڪالم ڪهاڻين جو مجموعو)، ”چنڊ رهين ٿو ڏور“ (شعري مجموعو)، ”قمر شهباز جون چونڊ ڪهاڻيون“ ۽ ”واچوڙن ۾ لاٽ“ (ڊراما) شامل آهن، جڏهن ته سوين ڪهاڻيون، ڊراما، شاعري ۽ اسڪرپٽس وغيره لکڻ کان علاوه هن ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ ٻرندڙ مسئلن تي مسلسل ڪالم پڻ لکيا. ڪنهن سونهن ڏني ڪنهن ساهه ڏنو ڪنهن دردن جو درياهه ڏنو ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو آيا ڪهڙا جيءُ جياريا وڇڙيا. جهڙيون خوبصورت سٽون لکندڙ قمر شهباز خوبصورت شاعري لکي جنهن ۾ ڌرتي جو درد سمايل هو. ڌرتيءَ جي درد لاءِ لکي ٿو ته…. سنڌو ديس دليرن جو-شهميرن جو شهزورن جو هت ڌرتي سونا سنگ ڪري-هت سانوڻ سئو سئو رنگ ڪري هت چانڊوڪي ڄڻ چاندي آ-هت محبت سڀ جي باندي آ هت مهمانن کي مان ملي-هت درد وندن کي دان ملي هت دولهه درياهه خان هو-شتي شهبازين جو شان هو هن ديسن جي ڪهڙي ڳالهه ڪيان-هن ديس ۾ ڪيئي لال مڻيا. هو هميشه سچ ڳالهائيندو هو جنهن سبب مٿس ڪيترائي اديب ۽ ڪامورا ڏمريل هوندا هئا.سندس مختلف اخبارن ۾ ڇپيل ڪالم “ڄڃ پرائي” ۾ کريون ۽ سچيون ڳالهيون ڪندو هو. قمر شهباز جو گيت چنڊ رهين ٿو دور، تون ڌرتي جو درد نه ڄاڻين، هت هر آشا باندي آهي، بيوس مجبور چنڊ رهين ٿو دور. جڏهن اهو گيت بيدل مسرور سميت مختلف فنڪارن ڳايو ته ان کي اڄ تائين تمام وڏي مڃتا ملي ٿي. قمر شهباز جي شاعري سوين فنڪارن ڳائي آهي ۽ قمر شهباز جي شاعري ۾ ولگر شاعري نه لکي هميشه تهذيب ۽ تمدن جي مطابق شاعري ڪئي آهي ۽ قمر شهباز طنز مزاح لکڻ جو بادشاهه ليکڪ هو هن پنج کن سنڌي فلمن جو ڪهاڻيون پڻ لکيون ۽ تن فلمن جا نغما پڻ لکيا. پاڻ جواني ۾ ريڊيو ۽ ٽي وي تي صداڪاري ۽ اداڪاري پڻ ڪندو هو، هن ڪيترن ئي پروگرامن ۾ ڪمپيئرن پڻ ڪئي. کيس تقرير ڪرڻ جو وڏو ڏانءُ هوندو هو، کيس وڏي ليڊر واريون صلاحيتون موجود هيون ۽ ڪنهن انسان کي پرکڻو هجي ته ان سان گڏجي ڪو ڊگهو سفر ڪجي يا ڏيتي ليتي ڪجي ته ان انسان جي سڌي سڃاڻپ ٿي ويندي آهي. اتفاق سان سال 2002 کان ڪيترا ڀيرا مختلف ملڪن ۾ گڏجي سفر ڪرڻ جو مونکي پڻ اتفاق ٿيو ۽ هميشه پرڏيهي سفرن ۾ پنهنجي اولاد وانگر خيال ڪندو رهيو ۽ سندس انسانيت واريون لکين خوبيون سامهون آيون. هو هڪ مڪمل انسان هو. ۽ سرڪاري نوڪري دوران وڏي عهدي تي هجڻ باوجود ڪالاباغ ڊيم خلاف 1997ع ۾ هلندڙ مهم ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي مظاهرن ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪئي ۽ هن نوڪري جي پڻ پرواهه نه ڪئي ۽ ڌرتي جي خاطر اڳڀرو رهيو ۽ هن ڪيترائي ڀيرا جيل پڻ ڀوڳيو. هن دنيا جي سنڌين کي گڏ ڪرڻ لاءِ سنڌي اسپيڪنگ يونين جو عمل آندو جنهن ۾ صدر قمر شهباز ۽ ٻين عهديدارن ۾ شمشير الحيدري، حسين هارون، غلام نبي مورائي، سليم ميمڻ، ولي محمد روشن، حميد ڀٽو، رفيق ڀٽو ۽ ٻيا اديب شامل هئا. سندس جو خواب هو ته دنيا جا سنڌي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿين. جڏهن ته پرائيويٽ ٽي وي چئنلز کان اڳ قمر شهباز طرفان سنڌي چئنلز شهباز کولڻ جو اعلان ڪيو ويو پر مختلف ادارن طرفان سندس اعلان کانپوءِ ترت مختلف چئنلز آندا ويا ۽ شهباز چئنلز جي ڪافي ساري تياري ۽ کڏا مارڪيٽ ۾ آفيس پڻ قائم ڪيائين جيڪو خواب سندس حياتي جي آخر تائين اڌورو رهيو. قمر شهباز جي اولاد ۾ هڪ پٽ ۽ چار نياڻيون آهن. جڏهن ته قمر شهباز 5 مئي 2009ع تي صبح جو 7 وڳي ڪراچي جي ڪالا پل ويجهو نيشنل ميڊيڪل سينٽر اسپتال ۾ وفات ڪري ويو ۽ کيس ڪراچي ۾ گذري واري علائقي جي قبرستان ۾ مٽيءُ حوالي ڪيو ويو ۽ قمر شهباز پنهنجي شاعري ۾ زندگي ۽ موت لاءِ هن طرح لکي ٿو” اچو ته زهر جو پيالو پي ڇڏيون اچو ته موت کي ڪنهن ريت پروقار ڪيون جيئون ته اهڙي طرح جو زمانو جيئي ٿو مرون ته موت کي هڪ ڀيرو اشڪبار ڪيون. واقعي ئي قمر شهباز اهڙي طرح زندگي گذاري جو سندس زندگي ٻين جي لاءِ اتساهه جو سبب بڻي. قمر شهباز جي سنڌ کي اڃا تمام گهڻي ضرورت هئي پر بيوقتائتي موت کيس هن جهان مان وٺي ويو. موت جي لاءِ قمر شهباز چواڻي…….موت اسان کي مات نه ڏيندو-پرت ناهي پڇتاءُ مڱڻا موٽي آءُ…
قمر شهباز : ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ ڪالم نگار رضوان گل سنڌي ادب جون ڪجهه شخصيتون اهڙيون به آهن جن هڪ ئي وقت شاعري، ڪهاڻي، ڊرامي، ڪالم نگاري ۽ فنون لطيفا جي مختلف شعبن ۾ خدمات سرانجام ڏنيون آهن. عام طور اهو تاثر هوندو آهي ته گھڻن شعبن ۾ ڪم ڪرڻ کان بهتر آهي ته ڪنهن به هڪ شعبي ۾ ڪم ڪجي، ان طرح تخليقي سطح تي بهتر نتيجا حاصل ڪري سگھجن ٿا، پر ادب جي مختلف شعبن ۾ جن ماڻهن تمام ڀرپور نموني لکي پاڻ ملهايو، اهڙن تخليقڪارن ۾ قمر شهباز جو نالو تمام وڏي اهميت جو حامل آهي. هن نه فقط ڪهاڻي پر شاعري، ڪالم نگاري ۽ هدايتڪاري کان علاوه ڪيترائي ڊراما، فيچر، خاڪا، فلمي ڪهاڻيون ۽ اسڪرپٽس پڻ لکيا. قمر شهباز جو نالو سنڌ جي انهن اديبن ۾ شمار ٿئي ٿو جن تمام گهڻو لکيو آهي. قمر شهباز ولد محمد مقبول ٻگهيو ۱۳ اپريل ۱۹۳۸ع تي نواب شاهه ۾ جنم ورتو. بنيادي ۽ ثانوي تعليم بعد ڪراچي يونيورسٽيءَ مان انگلش ۾ ايم. اي ڪيائين ۽ مختلف ڪاليجن ۾ بحيثيت ليڪچرار ۽ اسسٽنٽ پروفيسر پڙهائيندو رهيو. ايس ايم ڪاليج ڪراچي مان سندس تقرري ڪنڌڪوٽ ڊگري ڪاليج ۾ پرنسپال طور ٿي، جنهن بعد ملازمت جي حوالي سان سندس مصروفيتون هن ريت رهيون: ڊائريڪٽر پاپوليشن ڊويزن اسلام آباد، ڊائريڪٽر ايڪسپورٽ ائنڊ انٽرنيشنل افيئرس، ڊائريڪٽر آءِ ٽي سي، جنرل مئنيجر ايڪسپورٽ ائنڊ ٽريڊ فيبرڪس، اٺن سالن تائين ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر گهي ڪارپوريشن آف پاڪستان، ڊائريڪٽر ٽريڊ ڪارپوريشن، چيئرمئن ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۽ سن ۱۹۹۸ ۾ انهيءَ عهدي تان رٽائرمينٽ. جئين مٿي ڏنل تفصيل مان ظاهر آهي ته ملازمت جي حوالي سان قمر شهباز انتهائي اهم عهدن تي فائز رهيو ۽ پنهنجي ڀرپور صلاحيتن سان ترقيون پڻ ماڻيائين. انهيءَ دؤران هن مختلف ملڪن جا دؤرا پڻ ڪيا، جن ۾ برطانيا، جرمني، آمريڪا، فرانس، سئٽزرلئنڊ، عرب امارات، بيلجيم، يوگوسلاويا، سعودي عرب، ملائيشيا، سريلنڪا، سنگاپور، ڪويت، رومانيا، ٿائيلئنڊ، مصر، هالينڊ، چين ۽ هانگ ڪانگ وغيره شامل آهن. قمر شهباز لکڻ جي شروعات ۱۹۵۴ ۾ ڪئي. هن پنهنجي ڪالمن ۽ ڪهاڻين ذريعي سنڌ جي مسئلن ۽ پيڙهيل طبقي جي هيسيل ماڻهن جي نمائندگي ڪئي. هن جابر ڪردارن جي پت وائکي ڪري عام ماڻهن ۾ شعور بيدار ڪرڻ لاءِ بيباڪي سان مسلسل قلم ذريعي جنگ جوٽي. قمر شهباز سنڌ جي نوجوان صحافين ڏانهن پنهنجي ڪتاب ”ضمير جو موت“ جي ارپنا ۾ لکيو آهي: ”سنڌ جي نوجوان، بي خوف ۽ سورهيه صحافين جي نانءِ، جن روايتي خوشامندي، لوڀي ۽ وڪاميل صحافت جا جُهونا ڪوٽ ڪيرائي، نئين صاف سٿري، وطن دوست ۽ سڄاڻ صحافت جو پايو وڌو آهي. شل سندن محنت، محبت ۽ سچائي سنڌڙيءَ جي سيني تي جلندڙ نفرت جي آڳ اُجهائي سگهي!“ اها سنڌ جي صحافين جي نانءِ ڪيل ارپنا قمر شهباز جي سنڌي نوجوان صحافين ۽ سنڌ لاءِ اٿاهه محبت ۽ عقيدت جو ثبوت به آهي ته سندس پيغام پڻ. قمر ۽ امر اهي ٻئي نالا سنڌي ادب ۾ پنهنجي انفرادي انداز وارين لکڻين سبب الڳ مقام ۽ حيثيت رکندڙ آهن. هميشه قمر ۽ امر جو ذڪر گڏيل طور نڪرڻ جو اهم سبب قمر شهباز ۽ امر جليل جي تمام قريبي دوستيءَ آهي. امر جليل جيڪو سنڌي ڪهاڻي ۽ ڪالم نگاريءَ ۾ پنهنجو هڪ جدا مقام ۽ سڃاڻپ جو منفرد حوالو رکندڙ آهي، تنهن قمر شهباز کان ئي متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجو نالو قاضي عبدالجليل مان قمر جي نالي سان ٺهڪندڙ نالو ”امر“ رکيو. امر جليل جهڙي ٺهه پهه سچ لکندڙ ڪهاڻيڪار جيڪو نوجوانن لاءِ آدرشي ڪردار بڻجي چڪو آهي، کي ادب جي ميدان ۾ وٺي اچڻ جو ڪريڊٽ پڻ قمر شهباز ڏي ئي وڃي ٿو. قمر شهباز مختلف سماجي ۽ تعليمي سرگرمين ۽ ادارن سان پڻ واڳيل رهيو آهي، جن ۾ ايڊيوڪيشن سوسائٽي، ميمبر ائڊوائيزري ڪاميٽي براڊڪاسٽنگ، ميمبر سينٽرل بورڊ آف فلم سينسر، ميمبر بورڊ آف گورنرس پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس، ميمبر سچل چيئر ۽ ميمبر شيخ اياز چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، وائيس پريزيڊنٽ پيس ڪاميٽي ڪراچي، سرپرست آل سنڌ وومين ايسوسيئيشن ۽ مارئي فورم وغيره شامل آهن. قمر شهباز پنهنجي لکڻين ۾ ڪڏهن به ڪا مصلحت واري ٻولي يا انداز اختيار نه ڪيو. سندس نثر توڙي نظم جو محوّر ۽ مرڪز سنڌي ٻولي، ڪلچر ۽ سنڌو سڀيتا جي سونهن کان ويندي انهن مڙني مسئلن ۽ مونجهارن تي مشتمل آهي، جيڪي اڄ به ساڳئي ريت موجود آهن. سنڌ سان سندس عشق جي اظهار واريون چند سٽون ڏسو: * رات انڌيري ڪيسين، نيٺ اُجالو ٿيندو، سک جو سورج ڏياڻ ته اڀريو، منزل جو ڏس ڏيندو. * ڪين رُڪياسين، ڪينَ جهڪياسين، توڙي اوکو پنڌ، سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ. * سنڌڙي تنهنجي سينڌ نه اُجڙي، تو تان جندڙي گهوري ڙي! شاعريءَ کان علاوه قمر شهباز جون ڪهاڻيون پڻ سنڌي سماج جي دردن جي چٽي تصوير پيش ڪندڙ آهن. نوجوان صحافي ۽ ڪالم نگار زرار پيرزادي کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ قمر شهباز هڪ سوال، ”توهان شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار آهيو توهان ڪهڙي صنف ۾ پنهنجو اظهار بهتر طور ڪري سگهيا آهيو؟“ جي جواب ۾ چيو هو ته: ”مون ادب جي هر صنف تي قلم آزمايو آهي، افسانا، شعر، مضمون، ڪالم، اسٽيج ڊراما، ٽي وي ڊراما، ريڊيو ڊراما ۽ فلمون وغيره هر صنف ۾ پنهنجي وسعت ۽ اهميت آهي ڪوبه هڪ ٻئي کان گهٽ نه آهي مون ضرورت آهر ۽ موضوع جي لحاظ کان مختلف موقعن تي مختلف صنفن ۾ لکيو آهي ان ڪري چئي نه ٿو سگهان ته ڪهڙو پاسو سگهارو اٿم، وري به پڙهندڙ بهتر منصف ٿي سگهن ٿا.“ قمر شهباز جي ڇپيل ڪتابن ۾: ”اٺون گهر“، ”ضمير جو موت“ (ڪالم ڪهاڻين جو مجموعو)، ”چنڊ رهين ٿو ڏور“ (شعري مجموعو)، ”قمر شهباز جون چونڊ ڪهاڻيون“ ۽ ”واچوڙن ۾ لاٽ“ (ڊراما) شامل آهن، جڏهن ته سوين ڪهاڻيون، ڊراما، شاعري ۽ اسڪرپٽس وغيره لکڻ کان علاوه هن ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ ٻرندڙ مسئلن تي مسلسل ڪالم پڻ لکيا.
ڪڏهن جي سي پي گيهه واري اداري ۾ قمر شهباز سان ڪنهن ملاقات ڪئي هئي ؟؟؟؟؟؟؟ جي ها ته مان يقين سان ٿو چوان ته اهو هن اجائي تعريف سان سهمت نه ٿيندو.
سنڌ جو چوٽي جو ڪهاڻيڪار قمر شهباز جي 5 مئي تي اٺين ورسي جي مناسبت سان ابراهيم لاشاري (وارهه) سنڌ ادب تي نظر ڪبي ته ادب جي دنيا ۾ ڪيترن ئي شاعرن ۽ نثر نويسن جا نالا نظر نشابر نظر پيا ايندا جن پنهنجو ادبي پورهيو سنڌي ادب جي جهول ڀرڻ ۾ تمام وڏي ڪوشش ڪئي آهي انهن چوٽي جي اديبن منجهان سنڌي ادب جو سڀني بلڪل ڪافي ادبي صنفن ۾ پاڻ مڃائيندڙن جي لسٽ ۾ قمر شهباز جو نالو به چوٽي جي ڪهاڻيڪارن ۾ شمار ٿئي ٿو قمر شهبار ساڳئي وقت شاعري جون سٽون چوڻ به مشهوري ماڻي آهي ته ڪهاڻي لکڻ جو به بهترين ڏانءَ به اٿس هو ڊراما لکي به پنهنجو نالو روشن ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي ادبي دنيا ۾ سندس ڪالم نويسي کي به ساراهيو ويو آهي هو پنهنجي لکڻي واري زماني ۾ ڪهاڻيون لکي پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاريندو رهيو جو وڃي منزل ماڻيائين سنڌ جو هي چوٽي جو اديب ، ڪهاڻيڪار وچ سنڌ واري اڳوڻي شهر نوابشاهه ۽ هاڻوڪي نيئن نالي سان مشهور ٿيندڙ بينظير آباد جي معزز شخصيت محمد مقبول ٻگهيو صاحب جي گهر جنم وٺندڙ قمرالدين ٻگهيو 13 اپريل سال 1938ع اربع جي ڏينهن کان هن دنيا ۾ جنم ورتو سندس ادبي جهان ۾ وري (قمر شهباز) جي نالي سان مشهوري ماڻيائين شروعاتي پرائمري تعليم نوابشاهه مان ئي ورتائين جتي سنڌ جي محنتي ۽ مشهور تعليمدان محترم ايم _ايڇ خواجه جي شفقت ۽ رهنمائي نصيب ٿي ۽ مئٽرڪ جو امتحان سال 1955ع ڌاري پاس ڪري انٽر 1957 ۽ گريجوئيشن جو امتحان سال 1959ع نوبشاهه مان پاس ڪري وڏيڪ تعليم سال 1962ع ڌاري ڪراچي يونيورسٽي منجهان ايم _اي (انگريزي ادب) ۾ پاس ڪري ان ئي سال درس تدريس جي شعبي سان سلهاڙجي ليڪچرار جي نوڪري حاصل ڪيائين ان نوڪري جي عرصي دوران هن سنڌ جي مختلف ڪاليجز جن ۾ ميرپور خاص، نوابشاهه ، شڪارپور ، ڪنڌڪوٽ ۾ سال 1962ع کان سال 1972ع تائين استادي پيشي سان سلهاڙيل رهيو تنهن بعد هن محنتي پروفيسر مقابلي جو امتحان پاس ڪرڻ بعد پهريان پاڪستان ائير فورس کاتي ۾ (پائلٽ آفيسر جي عهدي تي ڪم ڪيائين تنهن بعد (پي _ اين _ ايس_ سي )وزارت صحت ايڪسپورٽ پروموشن بيورو، ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان ۾ ڪجه عرصو ملازمت ڪرڻ بعد سال 1985ع کان گيهه ڪارپوريشن آف پاڪستان ڊائريڪٽر جنرل جي عهدي ۾ ملازمت واريون خدمتون سرانجام ڏيندو رٽائرمينٽ جي عمر اچي پهتي سرڪاري 60 سال عمر پوري ٿيڻ ٿي ان ئي اهم منصب تان رٽائر ٿيو قمر شهباز لکڻ جو فن انگريزي چوٿين درجي پڙهڻ دوران حاصل ڪري ادبي دنيا ۾ پير پاتو هو قمرشهباز پهريون شعر سندس استاد جي ئي مان ۾ چيو هو جنهن وقت سندس استاد رٽائر ٿي رهيو هو قمر پنهنجي من جو خيال هن طرح پيش ڪري چوي ٿو ته غريبن جو حامي ۽ فلاڻنجو يار اسان جو سائين عبدالستار اهڙي ريت هن سنڌي ادب ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي پاڻ اسڪولي زماني ۾ ڀنزيه لکڻيون ۽ ڪارٽونن تي مبني هڪ هفتيوار رسالو (چڻنگ ) ڇپرائي پڌرو ڪري اسڪولي دوستن ۽ استادن ۾ پيو ورهائيندو هو ، ان وقت پاڻ کل ڀوڳ (مزاحيه شاعري ) ڪندو هو ۽ ان زماني ۾ سندس شاعر وارو تخلص وري (پاهوڙي ) جي نالي سان هوندو هو قمر شهباز جڏهن ٻالڪپڻ جي دور ۾ پهرين ڪهاڻي لکي جيڪا ان زماني ۾ دادو مان شايع ٿيندڙ رسالي (اسان جي منزل ) جي زينت بڻجي قمر شهباز جو نالو نروار ڪرايو سال 1954ع ڌاري جي زماني ۾ نوابشاهه منجهان گل محمد چنا صاحب (ادا) نالي رسالو جاري ڪرايو ان رسالي جي سٿ ۾ قمر شهباز پڻ هڪ هو ان رسالي جي اهيا خصوصيت پڻ هئي ته ان منجهه هڪ زبردست وڻندڙ تنقيدي سلسلو رکيو ويو جنهن جو موضوع هوندو هو (چئي ڇا ٻڌايان )هي رسالو سنڌي ادب جي (ٻه سال) زينت بڻجندو رهيو ۽ سنڌ ڌرتي جي ڪيترن ئي ناميارن ۽ املهه اديبن کي پنهنجي حصي جي جاءِ ڏني انهن چوٽي جي اديبن منجهان محترم امر جليل صاحب ، آغا سليم ، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي ، برده سنڌي نظر سنڌي ۽ يوسف شاهين جي ادبي پورهي کي نشابر ڪري سندس ادبي دنيا ۾ معتارف ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي نه ڇڏي . تنهن بعد قمر شهباز مسلسل محنت ۽ پنهنجي ادبي شگف سان لکندو رهيو ان زماني جي شايع ٿيندڙ رسالن جهڙوڪ مهراڻ ، نيئن زندگي ، روح رهاڻ ، سهڻي، فردوس ، هلال پاڪستان مئگزين ۾ سندس لکڻين کي وڏي مقبوليت ملندي رهي ۽ ادبي دنيا جي همعصر اديب کان قمر شهباز بازي کٽي پنهنجو نالو ۽ سڃاڻپ جلدي ڪرائي ورتي قمر شهباز سنڌي ادب جو هي آل رائونڊر اديب شاعر، ڪهاڻيڪار جي سڃاڻپ کانسواءِ هن ريڊيو ۽ ٽيلويزن لاءِ ڪيترائي ڊرامن لکڻ جو اعزاز حاصل هيو جيڪي مقبوليت جو سبب پڻ بڻيا قمر شهباز صداڪار جي رنگ سان به رنگيل هيو ريڊيو تي سندس مقبول ترين ڊرامن منجهان قرض مرض فرض ، ڪاري ، تنهنجون ڳالهيون سڄڻ ، واچوڙن ۾ لاٽ ، ۽ رشتا ، مان ۽ منهنجو ساٿي وغيره شامل هئا جڏهن ته ٽيليويزن تي پڻ هن جي ڊرامن کي وڏي پذيرائي ملي انهن ڊرامن ۾ ڪنگلو، ٻه ۽ ٻاويهه، شڪسٽ ، پنهل کان پوءِ ، دادلو ، واري سندو ڪوٽ ، راهون جدا جدا ، انٽرويو ، تمام گهڻي مقبوليت ملي ان کانسواءِ قمر شهباز اسٽيج ڊرامن لکڻ جي فن جو پڻ هڪ بهترين ماهر هو هن ڪيترائي مضمون ، ڪالم ۽ مزاحيه ڪالم ۽ ڊاڪمينٽري فلمون لکيون قمر شهباز کي اهيو به اعزاز حاصل آهي ته سندس جي لکيل ڊاڪمينٽري فلم کي هڪ (عالمي ايوراڊ ) پڻ ملي چڪو آهي قمر شهباز سال 1965ع ڌاري مشهور افسانه نگار (ارشاد سومرو ) سان نڪاح ڪيو سندس گهرواري هاڻ ادبي لڏي ۾ وري (ارشاد قمر ) جي نالي سان سڃاڻپ رکي ٿي قمر شهباز شاعري کان علاوه سنڌي ادب جي هر صنف تي پنهنجي ڏات سان قلم کي آزمايو سندس کي سمورين صنفن تي وڏي دسترس حاصل هئي قمر شهباز جي شاعري جو مجموعو (چنڊ رهين ٿو ڏور ) ڪهاڻين جي مجموعن ۾ قمر شهباز جون چونڊ ڪهاڻيون ، اٺون گهر ، ضمير جو موت ۽ ٽي وي ريڊيو جي ڊرامن جي مجموعو ۾ (واچوڙن ۾ لاٽ ) ڇپجي ادبي دنيا جي مارڪيٽ جي زينت بڻيا آهن قمر شهباز سنڌي ادب جي جهول ۾ پنهنجي ادبي پورهي زبردست نموني پيش ڪري ادبي دنيا جي سمورن ساٿين کان اڪيلو ٿي 5 مئي 2009ع اڱاري ڏينهن زندگي جا 71 سال 22 ڏينهن گذاري هميشه لاءِ راهه رباني ٿي ويو ، سندس اڄ اٺين ورسي ملهائي ويندي سنڌ جا سمورا اديب سندس فن ۽ ڪردار تي روشني وجهندا قمر شهباز ڪهڙي نه سهڻي نموني سان پنهنجي من جو خيال شاعري جي روپ ۾ پيش ڪري چوي ٿو ته آءُ گهڙي پل ويهه ته مٽجن گهرا گهرا گهاءَ پهر پهر کي پنهنجا ڏکڙا پلڪن کي پڇتاءُ . سنڌ جو چوٽي جو ڪهاڻيڪار قمر شهباز جي 5 مئي تي اٺين ورسي جي مناسبت سان ابراهيم لاشاري (وارهه)