• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

برکا بوند بهار جي : 16 شاعرن جي شاعري تي مشتمل ڪتاب

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
10354148_10203494172493173_6195891270959521767_n.jpg

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر اٺهتر (78) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”برکا بوند بهار جي“ سنڌ جي 16 شاعرن جي شاعريء تي مشتمل گلدستو آهي. پياري دوست ۽ مرڪ پبليڪيشن شهداد ڪوٽ جي سرواڻ مرتضى لغاريءَ کي جس هجي جنهن هن ڪتاب جي سهيڙ ڪئي آهي. جن شاعرن جي شاعري هن ڪتاب ۾ شامل آهي انهن ۾ عبدالله شاهه اطهر، شفيع محمد شاد، سميع ساجد جوڻيجو، ڪؤڙل قربدار، ناشاد رشيد سنڌي، رشيد خانواهي، پريتم قاضي، عمر دراز، مٺل سولنگي، شيخ نديم، سرتاج ڀٽو، بدر انصاري، بلال عزيز بروهي، پريت گهمرو، عائشه ميمڻ ۽ مرتضى لغاري شامل آهن.

اسين ٿورائتا آهيون پياري مرتضى لغاريءَ جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني ۽ هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني. هي ڪتاب مرڪ پبليڪيشن شهداد ڪوٽ پاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي.



 
Back
Top