• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نفسيات : ڊاڪٽر علي احمد قاضي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
نفسيات جهڙي اهم موضوع تي ڊاڪٽر علي احمد قاضي جو لکيل ڪتاب پيش آهي. ياد رهي ته هي ڪتاب 1969ع ۾ ڇپيو هو ۽ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو آهي. ادبي بورڊ ۽ آنلائين ڪتاب گهر جي ٿورن سان هي ڪتاب سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪيو ويو آهي.



 
لاجواب ونڊ.
سائين هڪ ٻيو به عرض آهي ته ، هڪ ڪتاب ”علم چهرا شناسي“ گهرجي ٿو . اگر توهان وٽ پي ڊي ايف ڪاپي هجي ته ذاتي ڪچهري ۾ يا وري اي ميل ڪري موڪليندا ته مهرباني ٿيندي.
 
ڪتاب نفسيات : ڊاڪٽر علي احمد قاضي مان ورتل


هڪ دلچسپ حقيقت

هر روز اسان کي اهڙا مسئلا منهن پون ٿا جن لاءِ فيصلو ڪرڻو ٿو پوي ته هيئن ڪريان يا هونءَ ڪريان. نفسيات چوي ته
جڏهن به اهڙي ٻه واٽي تي پهچين ۽ فيصلو ڪرڻو پويئي ته ڪهڙي واٽ وٺان ته سمجهه ته لالچ جي
حدن اندر آهين ۽ پوءِ هڪدم انهيءَ راهه لڳ جا تنهنجي خودغرضيءَ کان ٻاهر هجي، جي هڻتڻ ڪيئي
۽ مٿس غالب نه پئين ته لالچ توکي هڪدم وڪوڙي ويندي ۽ تون سهڻي نانگڻ جي وڪڙ ۾ آهين.
نفسيات جو اهو مطلب نه آهي ته تون جاه جلال جو مالڪ نه ٿين يا پنهنجو زندگانيءَ جو مقصد نه
رکين. پر هائو هائو ڪري ٻين جو ڀاڱو نه کائي ڇڏ، جو هو سڪندا وتن ۽ تون غير واجبي موجون ڪندو
وتين، ونڊ کاءُ سک پاءُ.پنهنجون ضرورتون پوريون ڪري ڪجهه ضعيفن جو به حصو ڪڍ، ته
تنهنجو سماج قائم رهي. تنهنجي قوم قائم رهي، نه ته نه سماج قائم رهندو نه قوم نه تون.

ڏسو صُحفو نمبر 11 .
 
Back
Top