1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

پاڻي واري مسجد

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏11 مئي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,406
    ورتل پسنديدگيون:
    3,225
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    امروٽ کي امرتا بخشيندڙ پاڻيءَ واري مسجد

    غلام مصطفيٰ سولنگي

    پاڪستان جي تحريڪ جي هڪ يادگار، هڪ پروقار مسجد، جنهن کي ”پاڻي واري مسجد“ جو نالو ڏنو ويو آهي. ماڻهو ان کي ”جوڻيجا مسجد“ به سڏيندا آهن. کير ٿر ڪئنال جي وچ ۾ هئڻ جي ڪري ان کي ”کير ٿر مسجد“ به چيو ويندو آهي پر گهڻا تڻا ماڻهو ان کي ”پاڻي واري مسجد“ ئي چوندا آهن. هيءَ هڪ تاريخي ۽ نرالي مسجد آهي. جنهن جي باري ۾ گهٽ ماڻهن کي ڄاڻ آهي. هن مسجد مان پاڪستان جي تحريڪ ۽ پاڪستان جي نظرئي کي اهي سگهارا بنياد مليا. جن جو منطقي نتيجو هڪ ڌار وطن يعني پاڪستان جي صورت ۾ نڪتو ۽ جتان علم ۽ عرفان ۽ ڏاهپ جا اهي ستارا اڀريا. جن اڳتي هلي پاڪستان جي نظرياتي سرحدن جي حفاظت ڪئي.

    پاڪستان جي تحريڪ ۾ هن ننڍڙيءَ پاڻي واري مسجد جو ڇا ڪردار آهي؟ ان لاءِ اسان کي لڳ ڀڳ هڪ صدي پوئتي تاريخي ڳوٺ امروٽ شريف ڏانهن موٽڻو پوندو، جتي پنهنجي وقت جو جيد عالم ۽ انقلابي شخص مولانا تاج محمود امروٽي رهندو هيو.

    مولانا تاج محمود امروٽي اها شخصيت آهي. جنهن جي علم ۽ فيض جي شهرت نه رڳو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پکڙيل آهي پر هندستان، افغانستان، عربستان، انگلستان ۽ ايران تائين به سندس علمي ۽ مذهبي ڌاڪَ ويٺل آهي. مولانا تاج محمود امروٽي جا مذهبي، روحاني، سماجي، علمي ڪارناما، قومي خدمتون ۽ قربانيون سنڌ جي تاريخ جو هڪ سونهري باب آهن. مولانا صاحب جو اسم مبارڪ سيد تاج محمود شاهه جيلاني ۽ سندس والد بزرگوار جو نالو سيد عبدالقادر شاهه عرف ڀورل شاهه آهي. مولانا صاحب، خيرپور ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ديوانيءَ ۾ ڄائو هو. ڪجهه روايتن مطابق سندس ولادت 1858ع ۾ ٿي هئي. مولانا تاج محمود امروٽي پنهنجي پير ۽ مرشد ۽ روحاني رهبر حافظ محمد صديق ڀرچونڊيءَ جي حڪم تي ضلعي شڪارپور جي تعلقي ڳڙهي ياسين جي قديمي ڳوٺ امروٽ شريف ۾ اچي آباد ٿيو ۽ اهڙي طرح هي ڳوٺڙو ديني تعليم ۽ روحاني تربيت جو مرڪز بڻجي ويو. ان مرڪز مان انهن وڏين وڏين شخصيتن علم حاصل ڪيو. جن اڳتي هلي پاڪستان جي آزادي جي تحريڪ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. اهڙي طرح امروٽ شريف جهڙي ننڍڙي ڳوٺ کي اها تاريخي حيثيت ملي وئي، جيڪا سنڌ جي ڪنهن به ڳوٺ جي حصي ۾ هيل تائين ڪو نه اچي سگهي آهي.

    مولانا تاج محمود شاهه جيلاني جڏهن امروٽ شريف آيو ته سڀ کان پهرين هتي هڪ مسجد قائم ڪيائين. مسجد جو ڪم مولانا صاحب جي هڪ ويجهي ساٿي مستري عبدالرحيم سومري شڪارپوري ڪيو هيو. مسجد جو ڪم هڪ سال تائين هلندو رهيو هيو. مسجد جي مڪمل ٿيڻ جي تاريخ مسجد جي ٻاهرين دروازي تي 1321 هجري بمطابق 1904ع لکيل آهي، جيڪو هاڻي به ڌنڌلو ڌنڌلو نظر اچي ٿو. مسجد تي ڪمال ڪاريگريءَ سان ڪم ٿيل آهي. سڄي عمارت پڪين سرن مان ٺاهي وئي آهي ۽ مٿس گلڪاري ۽ ميناڪاري جو عمدو ڪم به نظر اچي ٿو. هن ديني مرڪز ۾ مولانا عبيد الله سنڌي به ڏهاڪو سال کن درس ڏيندي گذاريا هئا. مسجد جي اترئين پاسي کان مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي حجري جو منارو اڄ به انقلاب جا داستان ٻڌائڻ لاءِ بيتاب آهي. ان مناري سان لڳو لڳ مسجد جو اوڀاريون ۽ ڏاکڻون حصو اڃا تائين به بهتر حالت ۾ موجود آهي.

    هن مسجد شريف جو ٻيهر تعميراتي ڪم گذريل ٻن سالن کان جاري آهي. مسجد کي اندران ڏاڍي خوبصورت نموني سان ٺاهيو ويو آهي. مسجد ۾ داخل ٿيندي ئي هڪ حسين نظارو اکين کي ٿڌو ڪري ڇڏي ٿو. هن نئين مسجد جي مختلف حصن ۾ شيشي جي پچيڪاريءَ جو ڏاڍو سهڻو ڪم ٿيل آهي. انهن چمڪندڙ شيشن ۾ قرآني آيتون وغيره ڏاڍي خوبصورت انداز ۾ لکيون ويون آهن. هن نئين مسجد ۾ ٽالهي جي ڪاٺيءَ جا خوبصورت دروازا ۽ دريون پڻ لڳل آهن. مسجد جي اترئين دروازي کان ٿورو ٻاهر نڪربو ته چند وکن جي پنڌ تي هڪ ننڍڙو قبرستان موجود اهي. جتي مولانا تاج محمود امروٽي جي مزار موجود آهي.

    مولانا صاحب جي قائم ڪيل هن ديني مرڪز مان وڏين وڏين هستين فيض حاصل ڪيو. انهن مان مولانا عبدالوهاب ڪولاچي، مولانا عبدالله کڏهڙي وارو ۽ مولانا عبدالقادر دين پوري شروعاتي دور جا اهي شاگرد هئا، جن اسلام جو حقيقي شعور پهچائڻ سان گڏوگڏ انسان دوستي ۽ رواداري جو پيغام سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچايو. اڄ به هن ديني مرڪز ۾ مستقبل جا معمار ديني علم ذوق ۽ شوق سان حاصل ڪن ٿا.

    مولانا تاج محمود امروٽي جي سڄي عمر علم ۽ روحانيت کي عام ڪرڻ ۾ گذري وئي. مولانا صاحب، امروٽ شريف جي ڀرسان ڳوٺ مُنڌوءَ جي وانڍ جي ٻاهران هڪ ننڍڙي مسجد به قائم ڪئي هئي. پاڻ ڏينهن جا ڪجهه پهر ان مسجد ۾ ويهي عبادت ڪندو هيو.

    منڌوءَ جي وانڍ وڃڻ لاءِ امروٽ شريف کان هڪ روڊ اچي ٿو. جنهن جي ٻنهي پاسن کان سائي پوک ۽ باغن جو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو. کجين جي وڻن جون شاخون هٿ لوڏي ايندڙن کي ڀليڪار چون ٿيون. ساين پوکن کي ڇڏي ٿورڙو اڳتي اچبو ته اوچتو ئي هڪ خوبصورت مسجد نظرن اڳيان اچي ويندي. پاڻي واري مسجد هيءَ اها ئي مسجد آهي. جنهن ننڍي کنڊ جي تاريخ تي گهرا اثر ڇڏيا.

    اها 1923ع جي ڳالهه آهي. سکر بئراج ۽ ڪئنال پروجيڪٽ جو ڪم برطانيا سرڪار جي نگراني ۾ شروع ٿي چڪو هيو. بلوچستان کي آبپاشي جو پاڻي پهچائڻ جي مقصد سان جڏهن سکر جي ويجهو کير ٿر ڪئنال جي کوٽائي شروع ڪئي وئي ته هيءَ ننڍڙي مسجد به کير ٿر ڪئنال جي رستي ۾ ٿي اچي وئي. تنهن ڪري انگريز سرڪار مسجد کي شهيد ڪرڻ جو قطعي فيصلو ڪري ڇڏيو. هيءَ مسجد جوڻيجن جي ڳوٺ ۾ هئي. اهو ڳوٺ جنهن کي منڌوءَ جي وانڍ چيو وڃي ٿو. سو اڄ به ان مسجد جي ڀرسان کيرٿر ڪئنال جي کاٻي ڪپ تي موجود آهي. انگريز سرڪار جوڻيجن جي ڳوٺ کي اٿڻ جو نوٽيس ڏنو. ڳوٺ جا ماڻهو ٻئي هنڌ وڃي ويٺا. سرڪار ڳوٺ جي جاين، وڻن، کوهن وغيره کي ناس ڪرائي، ڪئنال جي کوٽائي شروع ڪري ڇڏي. هيءَ ننڍڙي مسجد به واهه جي وچ ۾ ٿي آئي. تنهن ڪري ان کي شهيد ڪرڻ جو فيصلو ڪيائون.

    مولانا تاج محمود امروٽي تعلقي جي مختيارڪار، ڪليڪٽر ۽ انجنيئري کاتي وارن کي ڪيتريون ئي درخواستون ڏنيون پر خاطر خواهه جواب نه مليو. نتيجي ۾ مولانا صاحب انگريز سامراج سان مقابلو ڪرڻ ۽ کانئن آزادي حاصل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. هزارين ماڻهو گڏ ٿي ويا ۽ هڪ اهڙي ديني، سياسي ۽ مزاحمتي تحريڪ شروع ٿي. جنهن ننڍي کنڊ ۾ موجود انگريز سرڪار جا بنياد لوڏائي ڇڏيا. مولانا صاحب مسجد جي حفاظت لاءِ ماڻهن جا ٽولا مقرر ڪيا. جيڪي جدا جدا وقتن تي مسجد جي چونڪي ڏيڻ لڳا. مولانا صاحب جو چوڻ هيو ته انگريز اسان کي واعدو ڏنو هيو ته سڄي ننڍي کنڊ ۾ ماڻهن کي مذهبي آزادي حاصل هوندي ۽ عبادتگاهن کي سلامتي حاصل هوندي. پوءِ هيءَ واعدي خلافي ڇو آهي؟

    اهڙي طرح کير ٿل ڪئنال کي مسجد جي ٻنهي پاسن کان گذاريو ويو ۽ مسجد پاڻي جي وچ ۾ اچي وئي. ان ڪري هن مسجد کي پاڻي واري مسجد چيو ويندو آهي. هي خوبصورت مسجد تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور جي تاريخي ۽ قديمي ڳوٺ امروٽ شريف کان ڏکڻ طرف ٻن ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي موجود آهي. صبح ٿيندي ئي الله اڪبر جي صدا هن مسجد مان بلند ٿيندي آهي ۽ پوءِ ڏينهن روشن ٿيڻ لڳندو آهي. مسجد تائين وڃڻ لاءِ ٽي فوٽ ويڪري ۽ ستن مضبوط ٿنڀن تي ٺهيل هڪ راهداري آهي. پنجويهه ٽيهه وکون کڻڻ کانپوءِ هن مسجد جو ٻن تاڪن وارو دروازو کلي ٿو. مسجد جي اندر هلڪي سائي رنگ جا سادا ٽائيل لڳل آهن. جيڪي نمازين جي اکين کي ٿڌاڻ ڏين ٿا. سامهون ئي ديوار ۾ ٺهيل ٽن خانن واري الماري ۾ قرآن پاڪ جا نسخا رکيل آهن. ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان ٽن ٽن تاڪن واريون دريون لڳل آهن. جن کي کوليو وڃي ته پوءِ ٿڌڙي هوا مسجد ۾ لڳل پکن کي هلڻ ناهي ڏيندي.

    مسجد جي ٻاهران سامهون واري پاسي کان هڪ چنڊ ٺهيل آهي ۽ ان جي هيٺان وري الله اڪبر ۽ ان جي هيٺان وري ڪلمو پاڪ لکيل آهي. هن مسجد کي چار مُنارا آهن ۽ هر مناري کان ٻئي مُناري تائين ڇهه ڇهه ننڍڙا گنبذ ٺهيل آهن. مسجد ۾ امام سميت ڏهن نمازين جي گنجائش آهي. جيڪي سهولت سان باجماعت فرض ادا ڪري سگهن ٿا. پاڻي واري مسجد ۾ نماز کانپوءِ جڏهن نمازي دعا لاءِ هٿ کڻندو آهي ته پوءِ هو سوچيندو آهي ته هاڻي ان کان وڌيڪ خدا کان ٻيو ڇا گهران؟ هن حسين ۽ دل ڪش نظاري، پرسڪون ماحول، دين جي بزرگن جي روحاني برڪتن، مسجد جي هيٺان حمد ٻڌائيندڙ پاڻي، فرحت بخش هوا ۽ دين جي عظمت جي هن نشانيءَ ۾ نماز پڙهڻ جي سعادت کان وڌيڪ ٻيو ڇا گهرجي؟

    بي شڪ پاڻي واري مسجد قدرت جو هڪ نظارو آهي. هيءَ مسجد پاڪستان جي تحريڪ جي نشاني به آهي ته هڪ تاريخي ۽ ثقافتي يادگار پڻ، جنهن جو مثال ڪٿي به نٿو ملي.
    [​IMG]
    هڪ صدي ٿيڻ واري آهي پر هيءَ مسجد پاڻي تي قائم آهي ۽ انشاءَ الله ڏينهن قيامت تائين موجود رهندي
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏12 مئي 2014
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,278
    ورتل پسنديدگيون:
    26,707
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  3. شعيب محمد

    شعيب محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    167
    ورتل پسنديدگيون:
    334
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    ليڪچرار
    ماڳ:
    سکر
    بهترين معلومات
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو