سنڌي زبان بچائڻ لاءِ ڇارُومن، ديوانگيري وغيره زبانُن جو سهارو ورتو وڃي؟

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏10 اپريل 2010۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سنڌي زبان بچائڻ لاءِ ڇارُومن، ديوانگيري وغيره زبانُن جو سهارو ورتو وڃي؟
    تحرير : عبدالرزاق ميمڻ

    سنڌي زبان جيڪا عربي اسم الخط سان وُجود ۾ آئي آ ڇا؟ اهان هُنن زبانن ۾ به لکي ۽ ڳالهائي سگھجي ٿي. ڏاهن ۽ تنقيد نگارن کان سوال آهي ته ڇا اهي زبانون سنڌيءَ جا 52 اُچار اوڙهي ئي انداز ۾ اُچاري سگھنديون؟ رومن انگلش ته هرگز نه، اھن ڪري جو اُن جا اُچار 50سيڪڙو گهٽ آهن جيڪي سنڌيءَ لاءِ تباهيءَ جو ڪارڻ بڻبيون.

    مُهنجي خيال ۾ سنڌي قوم کي وري ٻين سُورن ۾ مُبتلا نه ڪجي ۽ سنڌي قوم کي زبان ۽ عربي اسم الخط ۾ لکيل سنڌي اسڪرپٽ کي تقسيم نه ڪجي، ڇو جو هي هڪ ئي اهڙو اسڪرپٽ آهي جيڪو سنڌيِ زبان جا ٻاونجاه (52) اُچار اُچاري سگھي ٿو. جيڪي فلحال عربي رسم الخط ۾ آهي.

    جي هندستان ۾ لکجندڙ ٻولي ”ديوانگيري “ انهن 52 (سُرن) اکرن کي اُچاري سگھي ٿي ته ڪو مسئلو ڪونهين پر سنڌي ٻوليءَ جي شناخت عربي رسم الخط سان ئي آهي . باقي رومن انگلش ۾ ته 50 سيڪڙو گهٽ اوُار آهن، خبر ناهي مڃيل تنقيد نگار اُنهن جي سپورٽ ڇو پيا ڪن.

    ڇا ؟ ڱ ، ڻ، ڳ، وغيره جهڙا سائون اُچاريسگھبا؟


    هي مضمون مون هندستان جي برک سنڌي ميڊيا جي هيٺئين نمائندي جي موٽ ۾ چيو، پڙهي پاڻ فيصلو يا ڪا راِ ڏيو.
    From: Abdul Razzaq Memon <sindhi_media@yahoo.com>
    To: Cc: chand@eim.ae; chand@iemsc.ae
    Sent: Mon, March 8, 2010 5:11:00 PM
    Subject: Re: Sindhi Media SOLLYWOOD introduces, promotes, projects Sindhi Talents, Legends, actors, actresses, Directors, Producers etc with GLOBAL MEDIA

    QTE...
    "We all know that Sindhi community has near 100% literacy rate and high proficiency in English and local languages. Also, since every Sindhi can read and write Sindhi in Devnagri, Roman or Perso-Arabic script. Hence every Sindhi can state he or she is literate in Sindhi" UNQTE..

    MY Opinion مُهنجو جواب يا راءِ
    I belive that we do not have to create & divide Sindhi Nation towards the script. The correct & final single script should be that one which remains same as we pronounce, it can be scripted in 52 sounds whether alphabetic whether in prononciation. if Devangri has that sound capability or even same & more we shoul have not objection if at their side, but roman english have only 5o% amost less sounds & it can not be replaced with Arabic holding 52 sounds. Please let us know that sindhi 52 pronounced sounds are clarily sounded in Devnagri? have that language such sounds ڱ، ڳ، ڻ، ڃ، etc.

    مُهنجي خيال ۾ سنڌي قوم کي وري ٻين سُورن ۾ مُبتلا نه ڪجي ۽ سنڌي قوم کي زبان ۽ اسڪرپٽ ۾ تقسيم نه ڪجي، ڇو جو هڪئي اهڙو اسڪرپٽ هُجي جيڪي سنڌيِ جان ٻاونجاه اُچار اُچاري سگھي جيڪي فلحال عربي رسم الخط ۾ آهن، جي ديوانگيري انهن اکرن کي اُچاري سگھي ٿي ته ڪو مسئلو ڪونهين باقي رومن انگلش ۾ ته 50 سيڪڙو گھهٽ اوچار آهن، خبر ناهي مڇيل تنقيد نگار اُنهن جي سپورٽ ڇو پيا ڪن.
    Best Regards


    --------------------------------------------------------------------------------
    From: Asha Chand <chand@eim.ae>
    To: Sindhi Friend <chand@iemsc.ae>
    Sent: Fri, April 2, 2010 10:36:05 PM
    Subject: Very Important---Ensure you are counted


    Dear Sindhi Brother/Sister,
    THIS IS A MATTER OF PARAMOUNT IMPORTANCE!
    Pl forward this mail to each and every Sindhi you know WITHOUT FAIL
    Chand//Sindhisangat Team

    -------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------

    STAND UP AND BE COUNTED AS A SINDHI

    TAKE PRIDE IN BEING COUNTED AS A SINDHI

    The first phase of Indian National Census for the whole country will be carried out from April 2010 to July 2010.

    It is the duty of every Sindhi to ensure that each and every Sindhi and his whole family is positively registered as a Sindhi in the Census. This is not only a matter of great pride but also extremely important for Sindhi community to get due recoginition as well as some vital proprotionate benefits.

    We all know that Sindhi community has near 100% literacy rate and high proficiency in English and local languages. Also, since every Sindhi can read and write Sindhi in Devnagri, Roman or Perso-Arabic script. Hence every Sindhi can state he or she is literate in Sindhi.

    I am sure every Sindhi will make conscious effort to ensure some Sindhi speaking capablity.

    [For me,---If you can say Jai Jhulelal, and read and write the same in any of the three scripts, you are a literate Sindhi]

    Jai Jhulelal Jai Sindhi
    Sindhisangat Team
    www.sindhisangat.com
    www.sindhisangat.tv
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي زبان بچائڻ لاءِ ڇارُومن، ديوانگيري وغيره زبانُن جو سهارو ورتو وڃي؟

    ادا عبدالرزاق، ادي آشه چند Asha Chand، جيڪا هند ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي هندو جيڪي هندستان ۾ رهنٿا انهن جي ڀلي ۽ بهتريءَ لئه جاکوڙي پئي، تازو هندستان ۾ آدمشاري پئي ٿئي، ان سبب ادي چند اهو عرضنامو لکيو هو هندستان جي سنڌين ڏانهن ته هو ان آدمشاريءَ ۾ ڀرپور حصو وٺن پوءِ اهي ڪهڙي به لاپيءَ ۾ سنڌي لکندا هجن ۔۔۔

    هندستان جي سنڌين سان اها ويڌن آهي ته انهنجو اولاد هاڻ عربي فارسي خط لکي ڪونه ڄاڻي جنهن سبب هو سنڌيءَ کان ڏور ٿيندا پيا وڃن، انڪري هو ڪوشش پيا ڪن ته سندن اولاد ڪهڙي به لاپي اختيار ڪري پر سنڌيءَ کي نه وساري ته جيئن هو پنهنجي شناخت قائم رکي سگهن ۔۔۔

    سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين سان اهڙي ڪا به تڪليف ناهي جو هو صدين کان عربي فارسي خط ۾ سنڌي لکنٿا بلڪه هن وقت سنڌ ۽ هند ۾ عربي فارسي خط ۾ لکيل هزارين نه پر لکين ڪتاب موجود آهن ۽ اهو ايڏو وڏو سرمايو جو سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود آهي انکي برباد ۽ ختم ڪرڻ ڪٿان جي عقلمندي چئبي جو اسين هاڻ عربي فارسي رسم الخط ڇڏي ڪنهن ٻي لاپيءَ ڏانهن لاڙو کانئون ۔۔۔ آءُ ته چوندس ته اهو سنڌي ٻوليءَ جي تباهيءَ جو ڪارڻ ٿيندو ۔۔۔

    ها باقي جي هندستان جا سنڌي چاهن ته هو پنهنجي اولاد کي بيشڪ ديوناگري يا رومن ۾ سنڌي لکڻ پڙهڻ سيکارن يا وري هو چاهن ته سنڌ مان استاد سٺين پگهارن تي وٺن ۽ سنڌي سکڻ لکڻ پڙهڻ جا مرڪز هندستان، دوبئي ۽ سنگاپور ۾ قائم ڪن ۔۔۔ هن وقت هندستان جا سنڌي، ڌڻيءَ جي مهربانيءَ سان لک پتي نه ڪروڙ پتي نه پر خرب پتي آهن ۔۔۔ هو چاهن ته پئسي ۽ اخلاقي قدرن جي مدد سان پنهنجي اولاد کي سنڌي سيکاري سگهن ٿا ۔۔۔ اسين سنڌ واسي سندن هر طرح جي مدد ڪرڻ لئه تيار آهيون ۔۔۔ پر کين پاڻ کي اڳڀرو ٿيڻو آهي ته جيئن هو سنڌي ٻوليءَ کي قائم ۽ دائم رکي سگهن ۔۔۔

    باقي ڳالهيون ته کوڙ آهن جي وقت سر پيون ٿينديون ۔۔۔
    sindhsalamatsaathsal
     
  3. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: سنڌي زبان بچائڻ لاءِ ڇارُومن، ديوانگيري وغيره زبانُن جو سهارو ورتو وڃي؟

    سائين عبدلرزاق! سائين نثار بلڪل صحيح لکيو آهي۔ باقي رهي ڳالهه سنڌي ٻارن کي پڙهائڻ جي ۽ سنڌي استادن جي اهي ته هند ۾ ئي جام آهن۔ پر هو به ڇا ڪن جو ٻار سنڌي پڙهن جي توجه ئي نه ٿا ڏين۔ ان جو سبب وري اهو آهي ته والدين ٻارن سان سنڌيٌ ۾ ڳالهائڻ پسند ئي نه ٿا ڪن۔ هنن جي مطابق جي ٻار ڪنهن محفل ۾ سنڌي بجا هندي يا وري انگريزي ۾ ڳالهائيندو ته ٻار جي وڌيڪ پڙهيل هئڻ جو ثبوت ملندو۔ خير هر ڪنهن جو پنهنجو پنهنجو سوچڻ جي طريقو آهي۔ بس سائين هاڻي ڪهڙا ويهي سور توهان سان سلجن۔ خير الله ڪندو اهو ڏينهن به ايندو جو هر سنڌي صرف سنڌي ۾ ئي ڳالهائيندو۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي زبان بچائڻ لاءِ ڇارُومن، ديوانگيري وغيره زبانُن جو سهارو ورتو وڃي؟

    مهرباني دوست رنجيت، يار! ڪٿي هئين ايترا ڏينهن، وري به اهو ئي چئبو ته ڀائڙا دير ئي سهي پر منهن ته نه مٽايو اٿئي، اها اسان لئه وڏي ۽ خوشي جي ڳالهه آهي ۔۔۔ توکي ته خبر آهي ته ڍاري هڻڻ وارا جوڳي به اڄڪلهه غائب آهن، نه ته جوڳين کان ڍارو هڻايون ضرور ها ۔۔۔

    ڪيئن پيو ڪم ڪار هلي ۽ ڪهڙيون مصروفيتون آهن، آگاهه ضرور ڪجو ۔۔۔ ۽ اڄڪلهه اوهانکي ڪو خيال ٽپڪي نه ٿو، ان ۾ ڪو راز آهي ڇا؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو