(سر ديسي سسئي) سُتينءَ پير ڊگها ڪري، وڏي جاڙَ ڪياءِ، دَرَ ڀَر اُڀئين دوست جي، سُر پُر هُوند سُياءِ، اصل آريءَ ڄام جي، سَڳي تُون نه سياءِ، پنهونءَ سين پياءِ، ٿي نڀاڳي ننڊون ڪرين. جاڙَ = غفلت، ويسر، ڀُلَ، غلطي سُياءِ = سُڻين هان، ٻڌين هان سياءِ = سڱ ۾، مائٽياڻي اڄ ڀٽائي سسئيءَ تي ڪاوڙيل ٿو ڏسجي. * پير ڊگها ڪري بي فڪري ٿي وڃين سمهين پئينءَ، سسئي تو وڏي غفلت جو مظاهرو ڪيو آهي. * جنهن جاءِ ۾ پنهون ۽ سندس ڀائر ترسيل هئا ان جي در جي وٽ ۾ بيهي پاڻ ۾ سندن سُس پُس ۽ ڳالهه ٻولهه جيڪر ٻڌين هان. * تون ڪا پنهونءَ جي ويجهي مائٽياڻي ته نه هئينءَ نه، ڪنهن سڱ يا ناتي رشتي ۾ ته نه هئينءَ نه. * اي نڀاڳي سسئي ! ڪرين ٿي پنهونءَ سان پيار، عشق ۽ وري ڪرين ٿي ننڊون، حيف ٿئي. * سمجهاڻي ڀٽائي انهن سمورن ماڻهن کي تنبيهه ٿو ڪري جيڪي ڳولائو آهن محبوبَ ۽ منزلن جا. ته ڪڏهن به غافل نه ٿيو، سک، چين، قرار ۽ آرام نه طلبيو. هر پل هر گهڙي سجاڳ ۽ هوشيار رهو. ڪنهن ويل به متان وساريو ان کي جنهن جي طلب ٿا رکو. هميشه پنهنجي سوچ ۽ نظريي سان جڙيا رهو. پنهنجو خيال رکندا ڪيو صبح جو سلام.