سَسُئِي حُسَينِي مُٺ مُٺ سُورَن سڀڪنهين، مون وٽ وَٿاڻان

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 مئي 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مُٺ مُٺ سُورَن سڀڪنهين، مون وٽ وَٿاڻان
    ڀَريُون ڪَيو ڀُڻان، ويا وهائُو نڪري.


    سر حسيني، سسئي

    مُٺ مُٺ = ٿورڙا، اڻ لکا، نه هئڻ جي برابر
    سڀڪنهين = سڀڪنهن وٽ
    وَٿَاڻان = انبار، وڏي تعدا ۾، ججهي تعداد ۾
    ڀريون = ٻوجها
    ڀُڻان = گهما، هلان، ڦران
    وهَائُو = خريدار، سوداگر، واپاري


    هر ڪنهن وٽ ٿورڙا، مڙئي، نه هئڻ جي برابر ڏک آهن پر مون وٽ سورن جا، ڏکن جا انبار آهن. سُورَ مون وٽ گهر ٺاهي ويهي رهيا آهن، ٽڪي پيا هن.

    انهن ئي سورن ۽ ڏکن جون ڀريون مٿي تي کنيون وتان ٿي گُهمندي پر ڏک خريد ڪري سک ڏيڻ وارا شايد لڏي ويا هن. ڪير به ته ڪونهي جيڪو ڀاڱي ڀائيوار ٿئي، ڪو ڏڍ، ڪا آٿت ۽ ڪو دلاسو ڏئي.

    سمجهاڻي :

    ڀٽائي سماج جي بي حسيءَ تي ماتم ڪندي چئي ٿو ته انساني قدر ختم ٿي رهيا آهن. ڪير به ڪنهن سان ڏک ۾ تڪليف ۾ شريڪ ناهي، گَڏجي رهڻ، رواداري قائم ڪرڻ ۽ ڀائيچاري وارا گڻ ختم ٿي ويا هن. پرائي ڏک تي روئي پوڻ وارا ماڻهون مري ويا. ڏڍ، آٿت، سهارو ۽ ڀرجهلو ٿي بيهڻ وارا الائي ڪاڏي گم ٿي ويا هن.

    پنهنجو خيال رکندا ڪيو.

    سائين مظفر منگي جي فيس بوڪ وال تان ورتل
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو