جيءُ منهنجو جن، اَنگڙيارو وَڍيو پُڄاڻان پريُن، سبَان سَڄَو نه ٿئي. سر حسيني "سسئي " جيءُ = جسم، جان، بدن، دل اَنگڙيارو = بي ترتيب، آڏو ابتو، هنڌان هنڌان وڍئو = چيريو، ڪپيو * محبوبن, معشوقن منهنجي جسم کي ايئين ويهي وڍيو، ڪپيو ۽ ڪوريو آهي جو ڪوبه سنڌُ ساڄو ۽ سالم ناهي. * ڏاڍي ڪوشش ڪئي اٿم وڍيل ۽ ڪپيل عضوا ميڙي ڳنڍڻ جي پر هي گهايل جسم سڄو ٿئي ئي نٿو. سمجهاڻي: عاشق رڳو ڪهاڙي، بندوق ۽ گوليءَ سان نه گهائبو آهي پر محبوب جا ناز انداز، ماڻان ۽ ادائون به وڍي، ڪپي، ڪَورَي ۽ گهائي وجهنديون آهن. وري محبوب ئي گهايل جسم کي پنهنجي پيار جا پَهَا رکي ۽ محبت جي ملم سان چاڪُ ڪندا. پنهنجو خيال رکندا ڪيو سائين مظفر منگي جي فيس بوڪ ٽائيم لائين تان ورتل