1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

ڪِٿي هُئي روشني اڳ ۾ ؟ محمّد ﷺ روشني آندي

'حمد و نعت' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,277
    ورتل پسنديدگيون:
    26,703
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي


    نعت

    جميل سومرو

    ڪِٿي هُئي روشني اڳ ۾ ؟ محمّد ﷺ روشني آندي ،
    مُئل انسانيت جي لئه ، محمّد ﷺ زندگي آندي .

    زماني جي فرعونن کي ڏنائين مات محبت سان ،
    خدا سان لنئون لڳائڻ جي ، محمّد ﷺ عاشقي آندي .

    نشي ۾ ڌت هُيو هر دم ، هو غفلت ۾ بني آدم ،
    اتي نج ، پاڪ وحدت جي محمد مئڪشي آندي.

    جيئاپي جي اصل هيئيت بگاڙي ۽ لتاڙي وئي ،
    انوکيون جدتون آيون ، محمّد ﷺ سادگي آندي .

    رڳو پٿر جي پوڄا هُئي بُتن جو راڄ قائم هو ،
    حقي توحيد ڦهلائي محمّد ﷺ بندگي آندي .

    مُلي جي دِين جا مُنڪر اسان آهيون وڏي واڪي ،
    چُمون ٿا دِين سو ئي جو محمّد ﷺ سوکڙي آندي .

    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏27 مئي 2014
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبد الله فهيمي

    عبد الله فهيمي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    362
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سنڌي علماء جي ڪتابن کي جمع ڪرڻ
    ماڳ:
    ڳوٺ حاجي بگن خان ابڙو تعلقه ۽ ضلع لاڙڪاڻه
    محترم، محسن، سائين سليمان وساڻ صاحب !
    ان شعر ۾ هي لائن :
    نشي ۾ غرق هو آدم هُيو هر هوش کان ٻاهر ،
    ۾ الله جي نبيءَ جي توهين ٿئي ٿي.
    جيڪڏهن ان شعر جي درستگي هن طرح ٿئي ته احسان.

    نشي ۾ غرق هو بني آدم هُيو هر هوش کان ٻاهر ،

    يا هن طرح درستگي ٿئي

    نشي ۾ غرق هو آدمي، هُيو هر هوش کان ٻاهر ،
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,277
    ورتل پسنديدگيون:
    26,703
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بلڪل اوهان سان سهمت آهيان .... جيڪڏهن پڙهندڙ سمجهدار هوندو، اوهان وانگر ته هو سمجهي ويندو ته اشارو بني آدم ڏانهن آهي ...

    اوهان جي نشاندهي شاعر تائين پهتي ڪئي آهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبد الله فهيمي

    عبد الله فهيمي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    362
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سنڌي علماء جي ڪتابن کي جمع ڪرڻ
    ماڳ:
    ڳوٺ حاجي بگن خان ابڙو تعلقه ۽ ضلع لاڙڪاڻه
    محترم سائين !
    شاعري جي اصول ۾ ڪٿي به مذڪور نه آهي ته
    اسم اشارو (آدم)
    ۽
    مشار اليه (جنهن جي طرف اشارو ڪيو وڃي) : (بني آدم) ٿئي.
    ۽ اها محبت به ناهي جو
    هڪ الله جي نبي کي اسم اشاري طور استعمال ڪجي ۽ ان مان مراد ان جي امت يا اولاد وٺجي.
    ۽ هن شاعري ۾ ته نشي جي ڳالهه مذڪور آهي. اتي ته نهايت احتياط ڪرڻ گهرجي.
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,277
    ورتل پسنديدگيون:
    26,703
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جميل سومري صاحب تصحيح ڪندي ساڳيو بند ڪجهه هن طرح موڪليو آهي

    متبادل سٽ ............

    نشي ۾ ڌت هُيو هر دم ، هو غفلت ۾ بني آدم ،
    اتي نج ، پاڪ وحدت جي محمد مئڪشي آندي .

    Chat
     
  6. سعيد سنڌي

    سعيد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 جولائي 2013
    تحريرون:
    375
    ورتل پسنديدگيون:
    431
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدر آباد سنڌ
    واه واه سبحان الله
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو