رُئان تان راند، کلان تان کامي هنيون اکڙين ويساند، پرينءَ گڏجي ڪنديون. سر حسيني "سسئي " راند = رونئشو، وندر کامي =جلي، سڙي پڄري هنيون = دل، ساهه ويساند = آرام * پنهونءَ جي وئي کان پوءِ سسئيءَ جي ذهني ڪيفيت ٺيڪ ناهي رهي. روئڻ کي هوءَ ڀوڳ، رونئشو ۽ وندر سمجهي ٿي، کلي ٿي ته سندس دل ۽ جسم ۾ باهه لڳيو وڃي . * سندس اکڙين کي حقيقي سڪون ۽ آرام ته تڏهن نصيب ٿيندو جڏهن هوءَ وري پنهونءَ سان موٽي ملندي ۽ گڏجي گذاريندي . سمجهاڻي * محبوب جي جدائي عاشق کي نهوڙي ٿي وجهي پاڻ کي باهه ۾ سڙندو محسوس ٿو ڪري، پر تڏهن سڀ سڪون ۽ قرار ميسر ٿين ٿا جڏهن وري محب ملن ٿا. پنهنجو خيال رکندا ڪيو سائين مظفر منگي جي فيس بوڪ ٽائيم لائين تان ورتل