سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر اڻياسي (79) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”عبادت“ هند ۽ سنڌ جي نامياري ليکڪا ۽ شاعره اندرا شبنم پوناوالا جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. ميڊم اندرا هڪ ڊگهي عرصي کان سوشل ميڊيا ذريعي هند ۽ سنڌ جي ليکڪن کي ملايو پئي اچي ۽ هر قدم تي ڄڻ ته هوء هر پروگرام جو حصو رهي ٿي. سندس ڪهاڻيون پڙهي ايئن لڳو ته انسان جتي به هجي پر معاشري جي ساڳين نا انصافين، روايتن ۾ جڪڙيل رهي ٿو. سندس ڪهاڻيو پڙهي ايئن لڳو ڄڻ سڀ ڪهاڻيون اسان جي ئي چوگرد رهندڙ ڪردارن جون ڪهاڻيون آهن. مان ٿورائتو آهيان منهنجي ڀاءُ ۽ پياري دوست غلام قمبر وساڻ جو جنهن ڪمپوزنگ ۾ هن دفعي به ساٿ ڏنو ۽ سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي ڪمپيوٽر تي سهيڙڻ واري هن سفر ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. لک قرب پياري دوست آصف رضا نظاماڻيءَ جا جنهن خوبصورت ٽائيٽل ٺاهي موڪليو. هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو
اهو ڪتاب مارڪيٽ ۾ موجود ناهي. انڊيا ۾ ڇپيو هو ۽ سنڌ سلامت پاران نئين سر ڪمپوز ڪرائي نيٽ ايڊيشن آندو آهي. ميڊم اندرا چاهي ٿي ته هي ڪتاب سنڌ مان به ڇپائجي ۽ ان سلسلي ۾ ڪجهه پبلشرز سان ڳالهيون هلن پيون... پر ڪاميابي ناهي ملي