* اديون عبد اللطيف چئي * آن جي ڏٺي جيڏيون, پنهونءَ جي پاٻوهه سَنجهي ۽ صُبُوحَ , سُورَن ٿي سَجَڪيُون. سر حسيني "سسئي " آن = آءُ,آئون, مون پَاٻَوهَه = مشڪڻ, مرڪڻ, گلاب جي مکڙيءَ جيان ٽڙي پوڻ سَجَڪيُون = سٿجي پوڻ, سٽجي پوڻ, وٺجي وڃڻ, سُڪَ ٿي وڃڻ, ڦاسي پوڻ, گهائجي پوڻ, گرفتار ٿي پوڻ * سسئي پنهنجي سرتين ۽ سهيلين سان پنهونءَ جي پيار, حُسنَ,سونهَن سوڀيا, سندرتا, حسناڪين, مرڪي ملڻ ۽ گلاب جي گل جيان ٽڙي پوڻ, ناز, انداز ۽ ادائن جي پئي واکاڻ ڪري. * اهيي ادائون ۽ سونهَن منهنجي پرينءَ جون جي اوهان به پسو هان ته صبح ۽ سانجهي پنهونءَ جي سڪ سان سلهاڙيل هجو هان ۽ مون جيان توهان جو سک ۽ قرار به ڦٽل هجي هان. پنهنجو خيال رکندا ڪيو صبح جو سلام. سائين مظفر منگي جي فيس بوڪ ٽائيم لائين تان ورتل
سهڻي نموني ڏنل آسان سمجهاڻي .... مظفر منگي صاحب جا ٿورائتا آهيون جو روزانو هڪ بيت سمجهاڻي سان شيئر ڪندو رهي ٿو.