سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر اسي (80) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”دل جي خانه بدوشي“ خوبصورت احساسن جي شاعر ۽ ليکڪ فياض لطيف جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. شاعريءَ جو هي سندر ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران ڇپايو ويو آهي.
اسين ٿورائتا آهيون پياري دوست فياض لطيف جا جنهن هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ قرب پياري دوست رياضت ٻرڙي جا جنهن سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني.
لٿي آ رات نيڻن ۾،
پرينءَ جي تات نيڻن ۾.
لِڪايون ٿا وتون لوڪان،
اوهان جي بات نيڻن ۾.
پُسيو آ پاند ڇو دل جو؟
وُٺي برسات نيڻن ۾!
خدا جو پَرتوو جانان!
اوهان جي ذات نيڻن ۾!
نهاريو هُن کڻي نظرون،
ڦُٽي پرڀات نيڻن ۾!
رکون سانڍي ڪِئين سرتي!
اُلا جذبات نيڻن ۾!
سَلي آ راز سارا وئي،
اوهان جي سانت نيڻن ۾!
هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو
پرينءَ جي تات نيڻن ۾.
لِڪايون ٿا وتون لوڪان،
اوهان جي بات نيڻن ۾.
پُسيو آ پاند ڇو دل جو؟
وُٺي برسات نيڻن ۾!
خدا جو پَرتوو جانان!
اوهان جي ذات نيڻن ۾!
نهاريو هُن کڻي نظرون،
ڦُٽي پرڀات نيڻن ۾!
رکون سانڍي ڪِئين سرتي!
اُلا جذبات نيڻن ۾!
سَلي آ راز سارا وئي،
اوهان جي سانت نيڻن ۾!
هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: