نوان صوبا ٺاهڻ اصل ۾ سنڌ ڌرتي کي ورهائڻ جي سازش آهي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ شبير جتوئي طرفان آندل موضوعَ ‏16 اپريل 2010۔

  1. شبير جتوئي

    شبير جتوئي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ايگزيڪيوٽو آفيسر مهران شگر ملز ليميٽڊ ٽنڊو الهيار
    ماڳ:
    ٽنڊو مستي، خير پور ميرس
    وڌيڪ صوبا ٺا هڻ جي جيڪا سازش شروع ڪئي وئي آهي ا صل ۾ اها اسانجي سنڌ ڌرتي کي ورهائڻ جي سازش آهي۔ اسان انهن جي هن فيصلي جي خلاف ڀرپور احتجاج ڪري پنهجي ڌرتي کي بچائينداسين۔ مان سنڌسلامت فورم ذريعي سنڌي دوستن کي ان فيصلي خلاف پنهجو احتجاج نوٽ ڪرائڻ جي اپيل ڪريان ٿو۔
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اوان صوبا ٺاهڻ اصل ۾ سنڌ ڌرتي کي ورهائڻ جي سازژش آهي

    ادا شبير جتوئي صاحب: اوهانجي مهرباني جو اهڙي اهم موضوع تي اوهان دوستن کي احتجاج ڪرڻ جي گذارش ڪئي آهي ۔۔۔

    آ٪ءُ هن فورم ذريعي سنڌ سان ٿيندڙ انيڪ ناانصافين جو ذڪر ڪندو رهيو آهيان ۽ احتجاج به ڪندو رهيو آهيان، جنهن سبب ڪجهه پيارا دوست ڪاوڙجي به ويا آهن ۔۔۔ آءُ هن موقعي ته سڀني دوستن کي ٻانهون ٻڌي عرض ڪندس ته قومي انصاف لئه، قومي حقن لئه، قوم جي سهڻي مستقبل لئه جدوجهد ڪن ۽ جت به ظلم ٿيندو هجي ان خلاف پنهنجون سڀ طاقتون استعمال ڪن ۔۔۔ ته هن جهان ۽ الله آڏو پڻ سرخرو ٿين ۔۔۔ ظالم ۽ شيطان ڪير به هجي چاهي هو پاڻ کي مسلمان سڏائيندو هجي ان خلاف جهاد ڪرڻ عين فرض آهي ۔۔۔۔

    سنڌ بچايو ۔۔۔ پنهنجي اولاد جو مستقبل سنواريو
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اوان صوبا ٺاهڻ اصل ۾ سنڌ ڌرتي کي ورهائڻ جي سازژش آهي

    سنڌ کي ڪڏهن به ورهائڻ نه ڏينداسين۔۔۔ سنڌ جي بقا جي معاملي تي سڀ پارٽيون هڪ آهن۔۔ انشاءَ الله سنڌ جي سازشي دشمنن کي شڪست جو منهن ڏسڻو پوندو
     
  4. شبير جتوئي

    شبير جتوئي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ايگزيڪيوٽو آفيسر مهران شگر ملز ليميٽڊ ٽنڊو الهيار
    ماڳ:
    ٽنڊو مستي، خير پور ميرس
    جواب: اوان صوبا ٺاهڻ اصل ۾ سنڌ ڌرتي کي ورهائڻ جي سازژش آهي

    مانوارا نثار صاحب، مهرباني توهان جي جو توهان سنڌ ڌرتي سان ٿيندڙ نا انصافين تي قلم کڻندا آهيو۔ پر سائين اهو ته ٻڌايو ته اهي ڪهڙا دوست آهن جيڪي سنڌ ڌرتي سان ٿيندڙ نا انصافين تي قلم ۡکڻڻ تان اوهان کان ناراض ٿيندا آ هن۔ هي سنڌي فورم آهي ۽ جيڪڏهن ڪو دوست يا فورم انتظاميه ان تي ناراض ٿيندا ته پوء اها سٺي ڳالهه نه ٿيندي جو هڪ سنڌي فورم تي سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين تي آواز نه اٿارجي۔
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اوان صوبا ٺاهڻ اصل ۾ سنڌ ڌرتي کي ورهائڻ جي سازژش آهي

    ڀائڙا ، پاڻ ته ”ڪاتي هيٺان ڪنڌ پوٌءِ به نعرا نينهن جا“ جي اصول تي هلڻ وارا آهيون، هن فورم جا سڀ دوست ۽ انتظاميه جا دوست، سنڌ دوست آهن ۽ سندن رڳ رڳ ۾ سنڌ سان پيار ڀريل آهي ۔۔۔ هن فورم جي انتظاميه جنهن جو آءُ به هڪ ننڍڙو ڪارڪن آهيان، نه ته سنڌ جي ڳالهه تي نالان ٿيندا آهن نه منع ڪندا آهن ۔۔۔ بس هن فورم جا سڄڻ ۽ اسانجا ڪجه دوست ياد اچي ويا ۔۔۔

    اوهان ان ڳالهه تي فڪرمند نه ٿيو ۔۔۔

    رب العالمين اسانکي حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
    shal judy hujeen
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: نوان صوبا ٺاهڻ اصل ۾ سنڌ ڌرتي کي ورهائڻ جي سازش آهي

    واڪا ڪرڻ مون وس۔۔۔ ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو۔۔۔
    ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيل مون کي هڪ واقعو ياد ٿو اچي۔۔۔۔
    ڪنهن سلطنت ۾ هر شخص سڪون سان رهندو هو۔۔۔۔ ڏک ۽ سور ڪنهن سان نه اوريندو هو۔۔۔ بادشاهه کي فڪر ٿيڻ لڳو ته جيڪڏهن اهڙي صورتحال رهي ۽ ڪنهن ڌارئي حملو ڪيو ته عوام کي فڪر نه رهندو ۽ اهڙي صورتحال ۾ جڏهن عوام احتجاج نه ڪندو ته ملڪ تي قبضو ٿي ويندو۔۔۔۔
    وزير بادشاهه کي صلاح ڏني ته ”قبلا ۔۔۔! هتان ڀرسان ئي هڪ ندي گذري ٿي۔۔۔ اسان جي شهر جا ماڻهون روزانو روزگار خاطر ندي تي اڏيل پل ڪراس ڪري پار وڃن ٿا ۽ واپسي تي ڪجهه رقم ڪمائي پيٽ گذر ڪن ٿا۔۔۔ ڇونه پل ڪراس ڪرڻ تي هڪ روپيو ٽيڪس رکيو وڃي۔۔۔ ماڻهن کي تڪليف ٿيندي ته اهي احتجاج ڪندا۔۔۔ جنهن سان انهن جي طبيعت ۾ تبديلي ايندي۔۔۔“
    بادشاهه سوچيو ته احتجاج وڌي سندس حڪومت خلاف به ٿي سگهي ٿو پر وزير ڪنهن طرح کيس قائل ڪيو ۔۔۔ پر هفتو گذري ويو بادشاهه حيران ٿي ويو ته ڪنهن به ماڻهون احتجاج نه ڪيو۔۔۔ هن دفعي وزير کيس ٽيڪس وڌائي ٻه روپيا ڪرڻ جو مشورو ڏنو۔۔۔
    هفتو گذري ويو پر ڪو احتجاج نه ٿيو ۔۔۔ وزير ٽيڪس وڌائي پنج روپيه ۽ پوءِ ڏهه روپيه ڪري ڇڏيو پر بادشاهه حيران ٿيندو رهيو ته ڪنهن به ماڻهون احتجاج نه ڪيو۔۔۔
    آخر بادشاهه تنگ ٿي پل ڪراس ڪرڻ واري هر ماڻهون تي ڏهه روپيا ٽيڪس کانسواءِ هڪ ڪوڙو لڳائڻ جو فيصلو ڪيو پر احتجاج وري به نه ٿيو آخر ڏهه روپيه ۽ ٻه ڪوڙا سزا ٽيڪس لڳائي وئي پر احتجاج هن دفعي به نه ٿيو۔۔۔
    آخر بادشاهه هڪ کليل درٻار سڏائي ۔۔۔ جڏهن سارو لوڪ گڏ ٿيو ته بادشاهه کين مخاطب ٿيندي چيو ته ”منهنجي پوري ڪوشش رهي آهي ته هن ديس جو هر ماڻهون سڪون ۽ بغير پريشاني جي زندگي گذاري پر ان باوجود جيڪڏهن ڪنهن کي ڪا تڪليف رسي هجي ته ڳالهه ڪري۔۔۔۔“
    پوري ميڙ منجهان ڪو به نه اٿيو ۔۔۔ بادشاهه حيران ئي هيو ته هڪ 50 سالن جو عمر رسيده ماڻهون اٿي بيهي رهيو۔۔۔ بادشاهه جي چهري تي آخرڪار چمڪ آئي ته ڪو ته آهي جيڪو احتجاج جي لاءِ تيار ٿيو آهي۔۔۔
    ان ماڻهون اٿي بيهي چيو ۔۔۔ ”بادشاهه سلامت ۔۔۔ توهان جي بادشاهي سلامت رهي۔۔۔ ٻي ته ڪا پريشاني ڪانهي۔۔۔۔ بس ندي جي پل ڪراس ڪرڻ دوران اسان کي ڊگهي لائين ٺاهي بيهڻي ٿي پوي ۔۔۔ ڇو ته ڪوڙا هڻڻ وارو هڪڙو سپاهي آهي ۔۔۔ مهرباني ڪري ڪوڙا هڻڻ لاءِ ڪجهه وڌيڪ سپاهي مقرر ڪيو ته جيئن وقت سر ندي ڪراس ڪري سگهجي۔۔۔۔“
    دوست شبير صاحب احتجاج ته سنڌي جي ڳلين، روڊن ۽ رستن تي روز آهي ۔۔۔ جنهن جي گواهي اخبارون به ڏين ٿيون۔۔۔۔ پر هي وقت آهي سجاڳي ڏيارڻ جو ۔۔۔ بهتر رهندو ته هر پليٽ فارم تان اهڙن عملن سان ٿيندڙ نقصان کان به پنهنجي اٻوجهه ماروئڙن کي آگاهي ڏيارجي۔۔۔
    هڪ انتهائي اهم خدشي کي وائکو ڪرڻ لاءِ مهرباني۔۔۔
     
  7. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: نوان صوبا ٺاهڻ اصل ۾ سنڌ ڌرتي کي ورهائڻ جي سازش آهي

    ادا سمون جو جواب پڙهي اصل لاجواب ٿي وياسين، پر سائين احتجاج ريليون، ڌرڻا، ٻيو گهڻو ڪجهه ٿيندو رهي ٿو۔۔۔۔۔ پر اسان جو ڪو سنڌي ليڊر، يا ڪو اڳواڻ جڏهن پاڻ انهن تي عمل پيرا نه ٿيندا ته پوءِ عوام ويچاري ڇا ڪندي۔۔۔۔ باقي اها دعا ڪريو ته الله سائين انهن سنڌي اڳواڻن کي سانڃهه ڏئي ته جيئن هو به عمل پيرا رهن۔۔۔ ۽ سنڌ سان سچائي ائين ڪن جيئن ڪراچي شهر سان ايم ڪيو ايم وارا ڪري رهيا آهن۔۔۔۔۔
     
  8. شبير جتوئي

    شبير جتوئي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ايگزيڪيوٽو آفيسر مهران شگر ملز ليميٽڊ ٽنڊو الهيار
    ماڳ:
    ٽنڊو مستي، خير پور ميرس
    جواب: نوان صوبا ٺاهڻ اصل ۾ سنڌ ڌرتي کي ورهائڻ جي سازش آهي

    سائين سمون صاحب اوهان سڀني دوستن جي مهرباني جو توهان واضح ڪيو ته اسان سنڌ ۽ سنڌي قوم جي مسئلن تي هن فورم ذريعي آواز اٿاري سگهون ٿا۔ باقي رهي اڳواڻن جي ڳالهه ته انهن جي قوم سا ن سچي ٿيڻ لاء ته اسين رڳو دعا ئي ڪري سگهون ٿا۔
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: نوان صوبا ٺاهڻ اصل ۾ سنڌ ڌرتي کي ورهائڻ جي سازش آهي

    ادا بلڪل پنهنجي ماروئڙن جي لاءِ ڪجهه به ڪري سگهون ٿا۔
    " ڪات منهنجي ڪنڌ تا آءُ نچندو اچان۔ جيئي سنڌ، جيئي سنڌ آءُ چوندو اچان۔ "
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو