جنهن تڙ ڌُوڙون ڌُون، چوٽا چَندَنَ چڪَ ڪيو اچن ڀؤنئر ڀَنڀَوليا، پاڻيءَ تنهين پون راوَلَ رَتَو رون، ڪو وَهُ لڳو واسئين. سر مومل راڻو تڙ = غسلخانو، وهنجڻ جي جاءِ، Bath room ڌُوڙون = هڪ جيڏيون، سرتيون، مومل جون سهيليون ڌُون = ڌوئن چَندَنَ = خوشبودار تيل چڪَ ڪيو = مليو ڀَنڀَوليا = خمارجي پيا، مست ٿي پيا، موهجي پيا رَاوَلَ = راجائي نسل جا شهزادا، راجپوت رَتَو = ڳاڙهو پاڻي، رت جا ڳوڙها وَهُ = اُڪيرَ، مستي، جوش، جذبو واسئين = کي واسيو، مهڪجي پيو * ڪاڪ محل جي جنهن تڙ يا غسلخاني ۾ مومل ۽ ان جون سهيليون پنهنجا چيلهه تي پوندڙ ريشمي وار چندن جي خوشبودار تيل سان ٿيون ملن, ڌوئن ۽ وهنجن. * سندن مهڪندڙ وارن مان ڳڙندڙ پاڻيءَ ۾ اهڙي ته هٻڪار ۽ خوشبو آهي جو ڀؤنئر به موهجي, مست ٿي اچي اُتي ڳاهٽ ٿيا آهن. * ڪيئي راجا، راجپوت شهزادا مومل جي سونهَن سندرتا ۽ حسناڪين ۾ قيد ٿي وتن ٿا رت جا ڳوڙها ڳاڙيندا. سمجهاڻي * ڀٽائيءَ جي هن جماليات، سونهَن سندرتا ۽ حسناڪين سان ڀرپور بيت ۾ ڪمال جو مشاهدو ۽ ڪمال جي فوٽوگرافي آهي. ايئين جيئن ڀٽائي سڀ ڪجهه پنهنجي اکين سان پئي ڏٺو. وري بياني انداز اهڙو عجيب ۽ شاهڪار آهي جو پڙهڻ وارو پاڻ کي ڪاڪ محل ۾ مومل ۽ ان جي سهيلين جي وچ ۾ پيو محسوس ڪري. مظفر منگي جي فيس بوڪ وال تان ورتل