IPL 2014 ۾ ڪلڪته نائيٽ رائيڊرز چيمپيئن بڻجي وئي

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 جون 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    شاهه رخ خان جي ڪلڪتا نائيٽ رائيڊرز IPL 2014 جي چيمپيئن بڻجي وئي آهي. ڪلڪته جي ٽيم فائنل ۾ سخت ۽ سنسني خيز مقابلي کانپوء آء پي ايل جي سڀ کان ڪامياب ٽيم ڪنگز اليون پنجاب کي آخري اوور ۾ ٽن وڪيٽن تان شڪست ڏني.

    پهريان بيٽنگ ڪندي ڪنگز اليون مقرر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي عيوض 199 رنسون ڪري 200 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جيڪو هڪ مشڪل ٽارگيٽ هيو. ووهرا 67 ۽ ساها 115 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

    جواب ۾ ڪلڪتي جو سڀ کان ڪامياب رانديگر رابن اٿاپا جلد ئي آئوٽ ٿي ويو ۽ وڪيٽون ڪرنديون رهيون .... پر منيش پانڊي هڪ اينڊ تان لاجواب راند پيش ڪندو رهيو. ڪلڪتي جي رانديگرن گهربل رن ريٽ 10 برقرار رکيو ۽ هر اوور ۾ هڪ بائونڊري هڻندا رهيا. پانڊي صرف 50 بالن تي 94 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. آخري اوور ۾ ڪلڪتي جي ٽيم 7 وڪيٽن عيوض مقرر ٽارگيٽ پورو ڪري ورتو. منيش پانڊي کي ميچ جو بهترين رانديگر ۽ گلين ميڪسويل کي ٽورنامينٽ جو بهترين رانديگر جا اوارڊ مليا.

    هن ٽورنامينٽ ۾ ڪلڪتي جو رابن اٿاپا 660 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، سمٿ 566 ۽ ميڪسويل 528 رنسون ٺاهيون. بالنگ ۾ چنئي سپر ڪنگ جي موهيت شرما سڀ کان وڌيڪ 23 وڪيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته سريش نارائن 21 ۽ ڀنيشور ڪمار 20 وڪيٽون ورتيون. ميڪس ويل 36 ڇڪا جڏهن ته سمٿ 34 ڇڪا هنيا.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    آئي پي ايل جي ڪاميابي جو ثبوت .. هن ٽورنامينٽ تي لکين نه، ڪروڙين نه پر اربين روپيه آهن.. چوندڙ ڀلي اڃان به گولف کي دنيا جي مهانگي راند چوندا هجن پر جيڪر ڏسجي ته ڪرڪيٽ اهو ريڪارڊ ٽوڙي ورتو آهي..
    انڊيا بگ ٿري آڻي هڪ حساب سان پنهنجو جائز حق ورتو آهي.. جو هڪ اندازي مطابق هو آئي پي ايل ذريعي آئي سي سي جي سالانه ڪمائي ۾ هر سال 80 سيڪڙو اضافو آڻي رهيو آهي جنهن مان بگ ٿري جي مد ۾ 50 سيڪڙو واپس وٺي رهيو آهي.. جڏهن ته پاڪستان کي ڏٺو وڃي ته هوُ آئي سي سي جي خزاني ۾ سالانه هڪ سيڪڙو اضافو آڻي رهيو آهي ۽ آئي سي سي کان سندس ڊيمانڊ ٽوٽول ڪمائي جو 25 سيڪڙو آهي...
    ظاهر آهي ته سندس ڊيمانڊ آئي سي سي ڪٿان قبول ڪندي... پاڪستاني بورڊ کي گهرجي ته پنهنجي موقف جي تائيد لاءِ رڳو اخلاقيات جو جواز نه رکي بلڪه عملي طور به اهڙا قدم کڻي جنهن سان ملڪ جا رانديگر پاڻ ڀيڙو ٿيڻ سان گڏو گڏ ڪرڪيٽ رينڪنگ ۾ به پهرين نه ته ٻي پوزيشن برقرار رکن.. ان سلسلي ۾ توڙي جو ڊسمبر ۾ سپر ليگ جي انعقاد ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي پر هڪ ته پاڪستاني بورڊ ۾ ميوزيڪل چيئر ۽ ٻيو ته پاڙي واري ملڪ ۾ آئي پي ايل سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهن... ۽ جيڪڏهن هڪ جملي ۾ ڳالهه ڪجي ته ائين چئجي ته “ملڪ سان ڪنهن جي به سچائي نه آهي..”
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو