• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پا ڻي جو مسئلو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ JOKHIO KHABRI
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

JOKHIO KHABRI

سينيئر رڪن
ڳوٺ رئيس وليداد جوکيو ۾ گذريل هڪ مهيني کان پاڻي بند پيو آهي. ڳوٺ ۾ ٻه بور لڳل آهن، هڪ سرڪاري ۽ هڪ پرائيويٽ ڪمپني(B.G.P) طرفان. پرائيويٽ لڳل بور جو پينل ۽ پمپ ڳوٺ جو چڱو کائي ويو. سرڪاري بور (گهر گهر ۾ سرڪاري نلڪه لڳل آهن) . جيڪو هتي جو سوشل ورڪر حاجي ممتاز علي هلائي رهيو هو. جيڪو 2010 ۾ في نل 30 رپيا وٺندو هو ۽ روز پاڻي کوليندو هو. 2011 ۾ رقم 50 ڪئي وئي ۽ پاڻي هڪ ڏينهن ڇڏي ٻئي ڏيهن ملندو هو 2012 ۾ رقم 100 ٿي ۽ پاڻي 3 ڏينهن کان پو ملندو هو. 2013 ۾ رقم 200 ٿي ۽ پاڻي مهيني ۾ 5 يا 6 دفعا ملندو هو2014 ۾ رقم ته 200 ئي رهي پر پاڻي غريبن جي پهنچ کان پري ٿي ويو. پاڻي هلائندڙ جوهر جوکيو وال الگ الگ ڪري سندس پاڻي ته 24 ڪلاڪ کولي ڇڏيو پر ٻين لا مسئلو ڪري ڇڏيو. هينئر به ڳوٺ وارن لا ته پاڻي بند آهي پر جوهر لا پاڻي هلي رهيو آهي.
 
Back
Top