راڻي سندو روحَ ۾، پسَو پَڳهُه پيوم ٻيڙيءَ جيئن ٻڌي ويو، سوڍو ساهه سندوم وهڻ وههُ ٿئوم، جاڳيو ٿي جَرَ هاريان. سر مومل راڻو پَڳَھُ = ٻيڙيءَ کي ٻڌڻ جو رسو، نَوڙُ پِئَومِ = پيم پِسَو = ڏسئو سَندَومِ = سندم، منهنجو وِھُ = زهر ٿِئَومِ = ٿيم، منهنجو ٿيو جَرُ = پاڻي، ڳوڙها، هنجون، لڙڪ بيت جو پس منظر ~ روح راڻي سان ٻيڙيءَ جي رَسَي جيان ڦاٿل ٿي ڏسان. ~ سوڍو منهنجي ساھ کي ٻيڙيءَ جيان ٻڌي ويو آهي. ~ منهنجو ويهڻ زهر ٿي ويو آهي ۽ جاڳيو پئي هنجون هاريان. سمجهاڻي راڻو رُسِي پنهنجي ملڪ ڍٽ هليو ويو آهي. مومل جو روح راڻي جي محبت ۾ گرفتار ٿي ويو آهي. مومل پاڻ کي ايئين محسوس ٿي ڪري جيئين ٻيڙي لنگر سان ٻڌي ڇڏبي آهي. سندس کائڻ پيئڻ، اٿڻ ويهڻ ۽ آرام ڪرڻ زهر ٿي ويو آهي. مومل پنهنجي محبوب راڻَي لاءِ راتو ڏينهن هنجون هاريندي ۽ لڙڪ لاڙينديٿي رهي. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____