جيڏيون ! مُنهنجي جيءَ سان، راڻَي رڻُ ڪَيو قَلَبُ ڪاڪ ڪنڌن ۾، پُرزا ٿي پَيو ٻُجهان ٻَهَر ويو، هنئون هنڌ نه اڳيين. سر مومل راڻو جيڏيون = هڪجيڏيون، سرتيون جيءَ = جان، جسم، بدن، دل رڻُ = انڌيرُ، ظلم، برباد، غضبُ، قهرُ قَلَبُ = دل هنئون ڪنڌن = ڪنڌيون، ڪپر، ڪنارا پرزا = ذرا ذرا ٻُجهان = سمجهان ٿي، ڀانئيان ٿي ٻَهَر = ٻاهر هنئون = هنئڙو، دل اڳيين = ساڳي، اها ئي سمجهاڻي *مومل ٿي چئي ته او سرتيون ! مون سان، منهنجي جان سان، منهنجي جسم سان، منهنجي دل سان راڻي وڏو ظلم ۽ قهر ڪيو آهي. * منهنجي دل راڻي جي اوسيئڙي ۾ ڪاڪ نديءَ جي ڪپن تي ذرا ذرا ٿي ٽٽي پئي آهي. * مان سمجهان ٿي ته منهنجي دل سيني کان ٻاهر نڪري وئي آهي شايد راڻي جي ڳولا ۾. سائين مظفر منگي جي فيسبوڪ ٽائيم لائين تان ورتل