ميموري ڪارڊ فارميٽ ٿو گھري

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ عبد الله فهيمي طرفان آندل موضوعَ ‏15 جون 2014۔

  1. عبد الله فهيمي

    عبد الله فهيمي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    363
    ورتل پسنديدگيون:
    931
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سنڌي علماء جي ڪتابن کي جمع ڪرڻ
    ماڳ:
    ڳوٺ حاجي بگن خان ابڙو تعلقه ۽ ضلع لاڙڪاڻه
    السلام عليڪم !
    دوستو،
    منهنجي موبائيل ۾ موجود ميموري ڪارڊ ۾ خبر ناهي ڪهڙي مصيبت اچي وئي آهي جو هو فارميٽ جو آپشن ڏئي ٿو. کلڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي. اهڙي طرح جيڪڏهن موبائيل کي پي سي سان ڪنيڪٽ ٿو ڪريان ته به اتي ميموري ڪارڊ نه ٿو کلي. اتي به فارميٽ جو آپشن ٿو اچي.
    مهرباني ڪري ڪو اهڙو ڏس ڏيو جنهن سان منهنجي ڊيٽا مون کي واپس ملي وڃي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ادا عبدالله السندي....پنهنجي ميموري ڪارڊ کي ٻه ٽي ڏينهن لاڙڪاڻي جي اُس ڏيکاريو... ضرور ٺيڪ ٿي ويندو...;)
    وڌيڪ ادا ذيشان رشيد ماهرِ ڪمپيوٽر و نيٽ اسپيشلسٽ کي عرض ته ڪو جائز طريقو ٻڌائين...ته جيئن اسان جي محترم ڀا جي وڃايل ميموري واپس اچي سگهي ۽ اڃا به وڌيڪ پاورفل بڻجي سگهي....:p:)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ان ايرر اچڻ جو عام سبب هوندو آهي... ڪارڊ ۾ موجود ڊيٽا جو ڪرپٽ هجڻ... اهو به ٿي سگهي ٿو ته ڪارڊ ۾ موجود سسٽم فائيلز جيڪي ڊيٽا کي ريڊ ۽ رائيٽ ڪرائينديون هجن ڪرپٽ ٿيون هجن... يا وري ممڪن آهي ته ڪارڊ ۾ بيڊ سيڪٽر بڻجي چڪا هجن...
    مٿيئن سڀني ڳالهين جو ڪارڻ هوندو آهي ڪارڊ کي ڪنهن به ڊوائيس يا ڪمپيوٽر مان ان پراپر ريموونگ... بحرحال هن مسئلي کي سلجهائڻ جو هڪ طريقو ونڊوز ۾ ئي موجود آهي توهان به ڪوشش ڪري ڏسو... ان لاءِ
    My Computer تي ڊبل ڪلڪ ڪريو ۽ سامهون نظر ايندڙ ڊرائيوز مان ميموري ڪارڊ واري ڊرائيو تي ساڄي پاسي ڪلڪ ڪري Properties چونڊيو... توهان جي سامهون هڪ ڊائلاگ باڪس کُلي ايندو... ان مان Tools ٽيب تي اچي Error-checking سيڪشن مان Check Now... بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو..
    هاڻي سامهون کلندڙ ونڊوز جي سيڪشن Check disk options مان ٻنهي آپشنس Automatically fix file system errors ۽ Scan for and attempt recovery of bad sectors تي چيڪ لڳايو ۽ Start بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو..

    [​IMG]

    سسٽم کي سڪين ڪرڻ ۾ وقت لڳي سگهي ٿو جيڪو ميموري ڪارڊ ۾ موجود ڊيٽا جي سائيز تي منحصر آهي... هڪ دفعو سڪيننگ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ڪارڊ کي ڊائريڪٽ ڊبل ڪلڪ ڪري کولڻ بجاءِ سسٽم پين مان ڊرائيو سليڪٽ ڪري کوليو... ۽ پهرين فرصت ۾ موجود ڊيٽا کي ڪاپي ڪري وٺو... جنهن کان پوءِ ڪارڊ کي وڌيڪ ڪارآمد بنائڻ لاءِ فارميٽ ڪريو...
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    سائين ڪمپيوٽر ۾ اوهان سان شايد ئي ڪو پهچي. بهترين جواب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو