فيس بوڪ گيم انوائيٽز مان جان ڇڏايو.

'فيس بوڪ' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏15 جون 2014۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    السلام عليڪم سنڌ سلامت ساٿيو !

    فيسبوڪ استعمال ڪندڙن جو هڪ وڏو انگ صرف آنلائن رانديون (گيمز) کيڏڻ لاءِ فيسبوڪ استعمال ڪندو آهي ۽ گڏوگڏ پنهنجي دوستن کي هزارين نوٽيفڪيشن جو تحفو به موڪليندو آهي . جڏهن ته فيسبوڪ استعمال ڪندڙن ۾ وڏو انگ انهن گيمن کي پسند به نٿو ڪري ۽ انهن لاءِ ته گيم کيڏڻ کان وڌيڪ انهن وٽ پهتل گيم رڪئيسٽ بور ڪندڙ ۽ ڪاوڙ ڏياريندڙ هونديون آهن.

    جيڪڏهن توهان سان به اها حالت آهي ته پريشان نه ٿيو ! ڇو ته توهان انهن گيم رڪئيسٽ مان جان آجي ڪري سگهو ٿا! سو به فيسبوڪ جي دوستن کي سان ناتو ٽوڙڻ بغير (يعني unfriend ڪرڻ جي ضرورت ناهي) . توهان انهن راندين ۽ اطلاعن (نوٽيفڪيشن) کي آساني سان بلاڪ ڪري سگھو ٿا. :)

    ان لاءِ سڀ کان پهرين توهان پنهنجو فيسبوڪ اڪائونٽ کوليو، مٿي ساڄي پاسي ڏنل ٽڪنڊي تي ڪلڪ ڪري اتان سيٽنگ (Setting) تي ڪلڪ ڪريو .

    [​IMG]


    ان کان پوءِ سيٽنگ جي صفحي تي کاٻي پاسي بلاڪنگ (Blocking) جو بٽڻ دٻايو ۽ ان سامهون اسڪرين ۾ ڏنل ٻه آپشن مان هڪ منتخب ڪريو .
    [​IMG]


    ان جو مطلب آهي ته توهان ڪنهن خاص دوست وٽان ايندڙ ايپليڪيشن انوائيٽ کي بلاڪ ڪري سگھو ٿا يا وري ڪنهن خاص ايپليڪيشن کي ئي بلاڪ ڪري سگھو ٿا. مثال طور توهان جو دوست توهان کي Candy Crush جي دعوت ڏئي ٿو ته پهرين آپشن ۾ ان دوست جو نالو لکو ۽ جيڪڏهن دعوت ڏيندڙ دوستن جو انگ وڌيڪ آهي ۽ ڪينڊي ڪرش استعمال ڪرڻ جي دعوت ٿو ڏئي ته پوءِ توهان ٻئي نمبر ڏنل آپشن ذريعي ايپليڪيشن کي بلاڪ ڪري ڇڏيو . :)
    [​IMG]
    اميد اٿم ته توهان ان طريقي ڪار کي سمجھي ويا هوندا ۽ ان تي عمل ڪري فيسبوڪ تي پُرسڪون زندگي گذاري سگھو ٿا .
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪم جي ڳالهه.. بهترين سمجهاڻي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ادا الله ڀلو ڪندؤ. ٻيو ته خبر ناهي باقي سٽي ويلي نالي ڪا نڀاڳي راند آهي جنهن جا نوٽيفڪيشن مٿو ئي کائي ويا هُئا. بس هاڻي ٿا اهو رستو روڪيونس.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام بهترين ادا
    ٽپ شيئر ڪرڻ جي مهرباني
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڪو اهڙو طريقو جنهن سان ٽيگ ڪندڙن مان جان ڇٽي ؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ادا طريقو آهي. پر سڀاڻ اوهان کي موڪليندس

    في الحال انتظار ڪريو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ان سلسلي ۾ ادا عبدالحفيظ لغاري جي آندل هن موضوع کي پڙهي ۽ عمل ڪري ڏسو...
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    بهترين ونڊ جاني ڏاڍو سٺو طريقو آ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سهڻي ونڊ ڪئي اٿَوَ ، ڪافي دوستن کي فائدو ملندو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو