ٿَر ٿَر اندر ٿاڪَ، عمرَ ماروئڙن جا لاٿائون لطيف چئي، مٿان لوئيءَ لاکَ عمرَڪَريَو آک، پَهَريَو ٿي پَنَ چران. سر مارئي ٿر = سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ سَٿَلَ مان ورتو ويو آهي. جنهن جي معنى برپٽ، بيابان، پوٺو، ۽ ماڳ مڪان آهي. سڄو ٿر رڻ پٽ بيابان آهي اُتي واهَه يا ڪينال ڪونه آهن. ماروئڙن جي زندگيءَ جو دارومدار کوهن ۽ برسات جي پاڻيءَ تي آهي. ٿري ننڍيون ننڍيون وسنديون ۽ وستيون ٺاهي رهن ٿا. ٿاڪَ = سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ سَٿَلَ مان ورتل آهي جنهن معنى آهي ٺڪاڻو، ماڳ، مڪان، گهر، جاءِ. لاکَ = سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ سَٿَاڪَ مان ورتو ويو آهي. هي هڪ قسم جو ڳاڙهو رنگ آهي جيڪو وڻن مان ملي ٿو. لاک سڻيءَ جي رنڱيل سُٽُ کي به چئبو آهي جنهن سان ٿري پنهنجي لوين تي ڀرت، گل ٻوٽا ۽ چٽ گل ٺاهن ٿا. آکَ = هي به سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ آکيان مان ورتو ويو آهي جنهن جي معنى, حُڪُمُ، ,امُرُ order آهي. پَهريو = ڪاهيو، هڪليو پَنَ چران = پن چاريان، گاهه چاريان. * مارئي عمر کي ٿي چئي ته منهنجي ملڪ ٿر ۾ مارو ماڻهون ننڍيون ننڍيون وستيون ۽ وسنديون ٺاهي رهندا آهن. * منهنجي ڏک، وڇوڙي ۽ جدائيءَ ۾ ماروئڙن پنهنجي لوين تي لاک سان ٺاهيل چٽ ۽ گل ڌوئي صاف ڪري ڇڏيا آهن. * او عمر تون منهنجي آزاديءَ جو فرمان جاري ڪر ۽ مون کي هن ڪوٽ مان ٻاهر ڪڍ ته ٿر وڃي پنهنجي ماروئڙن جي مال کي پن چاريان ۽ گاهه چاريان. سائين مظفر منگي جي فيسبوڪ ٽائيم لائين تان ورتل