سنڌي ٻاراڻي ادب جي ليجنڊ، اسرار شام جو لاڏاڻو

'راءِ شماري' فورم ۾ شبير ساگر طرفان آندل موضوعَ ‏18 جون 2014۔

  1. شبير ساگر

    شبير ساگر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 جنوري 2013
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    136
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪوٽ عالم ضلع ٺٽو (هاڻي ضلع سجاول)
    اسٽيج،ريڊيو، ٽي وي،فلمن جو آرٽسٽ، ليکڪ، پروڊيوسر، ڊائريڪٽر، رٽائرڊ پرائمري استاد ۽ سنڌي ٻارڙا مئگزين جو باني اسرار شام ميمڻ ڪافي عرصو ڪينسر جھڙي موذي مرض ۾ مبتلا رهڻ بعد رات ٽنڊوڄام ۾ پنهنجي رهائشگاھ تي60 سالن جي ڄمار ۾ انتقال ڪري ويو. انا لله و انا اليه راجعون. مرحوم ڪافي وقت راجپوتانه اسپتال ۾ داخل هيو کيس ٻه ڏينهن پهرين اسپتال مان لا علاج ڪري ڊسچارج ڪيو ويو هيو. سندس يادگار اسٽيج ڊرامو انڪوائري آفيسر تمام مشهور هيو. سندس جنازي نماز اڄ صبح جو 9 وڳي ٽنڊوڄام ۾ ادا ڪئي وئي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    منهنجي خيال ۾ انڪوائري آفيسر (ڪتاب) مرزا قليچ بيگ جو تصنيف ڪيل ڊرامو آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب جو جلد ڪچو آهي، جنهن ۾ 76 صفحا آهن. اِن جو ڇاپو پهريون، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سال 1966ع ۾ شايع ڪيو۽ اهيو ڊرامو اسرار شام جو ناهي هي ڊرامو ڪتابي صورت ۾ مون وٽ موجود آهي.. اسرار شام سان .منهنجي ذاتي دوستي هئي، جڏهن پاڻ سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن شروع ڪيو هئائين تڏهن دادو شهر لاء ڪاپيون وڪرو ڪرڻ لاء مون کي چونڊيو هو.دعا آهي ته رب پاڪ سندس بشري خطائون معاف ڪري جنت الفردوس ۾ جايون عطاء ڪري. سندس نالو اهڙو آهي جو مان پهرين کيس هندو سمجهندو هئس.

    اسرار شام: سنڌي ٻاراڻي ادب جي ناليواري ليکڪ ۽ صحافي -اسرار شام- جو جنم 29 مارچ 1954ع ڌاري ٽنڊي ڄام جي هڪ علمي ادبي گهراڻي ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو حاجي محمد جمعو ميمڻ هو. اسرار جو اصل نالو اسرار احمد ميمڻ آهي. هو ابتدا ۾ روزاني ”سنڌ نيوز“ -اخبار- جو اسٽاف رپورٽر رهيو، بعد ۾ 1987ع کان وٺي سنڌي ٻارڙن لاءِ علمي، ادبي، ثقافتي، معلوماتي ۽ تفريحي ڪتابي سلسلو شروع ڪيائين، جنهن جو نالو ”سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن“ رکيائين. هن وقت تائين -ان- ڪتابي سلسلي جا 122کان وڌيڪ ڪتابڙا منظرعام تي اچي چڪا آهن. پاڻ وقت بوقت سنڌي ٻارڙن لاءِ مختلف تفريحي پروگرامن جو بندوبست پڻ ڪندو رهيو آهي. سنڌي ۽ -اردو- اسٽيج ڊرامن جي فيلڊ ۾ به وڏو حصو ورتو اٿس. مشهور اسٽيچ ناٽڪ ”لوئي لڄ“ جي گولڊن جوبلي شو تي کيس سونو -تاج- پهرايو ويو. سندس طويل انٽرويوءَ تي مشتمل ڪتاب ”آئون ڪو ڄاڻان“ ڇپجي چڪو آهي، جڏهن ته پندرهن کن اڻ ڇپيل ڪتاب اٿس. سندس علمي ۽ ادبي ڪارنامن تي کيس مختلف سماجي تنظيمن طرفان اوارڊ ۽ ٻلا ڏنا ويا آهن....بشڪريه سنڌيانه
    [​IMG]
    ڪتاب: ”وڌي جڏهن آئون وڏو ٿيندس“
    سنڌي لئنگويج اٿارٽي پاران ڇپايل هن ڪتاب جو ليکڪ اسرار شام آهي، جنهن کي ڀوڳ چرچي ۾ آئون ”پراسرار شام“ چوندو آهي، جيتوڻيڪ هو پراسرار بلڪل ناهي، سنئون سڌو ماڻهو آهي، ”سڌي راند سونٽي“ جي ڄاڻندو آهي ۽ سندس دل ۾ ڪنهن لاءِ به ٻيائي ناهي هوندي. سندس شخصيت جي باري ۾ ڪجهه نه لکندس، جنهن جو هڪ سبب اهو آهي ته هو ڪنهن تعارف يا تعريف جو محتاج ناهي. ٻيو ته اسرار شام ايترو ته گهڻ رخو ماڻهو آهي جنهن تي تمام گهڻو لکي سگهجي ٿو. اهڙي شخصيت کي ڪوزي ۾ بند ڪرڻ منهنجي وس ۾ ناهي. ”وڌي جڏهن آئون وڏو ٿيندس“ ٻاراڻي مذاحيه ۽ اصلاحي ناٽڪن جو ڳٽڪو آهي، جنهن کي سولي سنڌي جو ويس ڍڪائي ٻارن جي پڙهڻ جهڙو بڻائڻ سندس ئي قابليت آهي. هن غير شادي شده هوندي به ٻارن لاءِ تمام گهڻي جاکوڙ ڪئي آهي.

    ڊاڪٽر فهميده حسين جي چوڻ موجب هنن ناٽڪن کي اسٽيج ڪري انهن جون سي ڊيز پڌريون ڪيون وينديون، جيڪي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ ڪارائتيون ٿينديون. اسرار شام پاڻ ”ناٽڪ ۾ ناٽڪ“ جي عنوان سان لکي ٿو ته ”عالمي ادب جي حوالي سان خاص ڪري سڌريل ملڪن ۾ هن صنف تي وڌيڪ ڪم ٿيو آهي، ٻارن لاءِ ڪارٽون ٺاهيندڙ والٽ ڊزني ۽ ڊراما سيريز ”هيري پوٽر“ جو رڪارڊ ٽوڙ بزنس، ان جو کليو ثبوت آهي.“
    ڪتاب جي مهڙ ۾ خالد آزاد ”سنڌي ۾ ٻارن لاءِ لکيل ناٽڪن جي ارتقا هڪ جائزو“ جي عنوان سان ٻارن لاءِ لکيل ۽ اسٽيج ڪيل ناٽڪن جو تفصيلي جائزو پيش ڪيو آهي. اسرار شام نهايت خوبصورت ناٽڪڙا لکيا آهن ۽ ٻولي ايتري ته سولي آهي جون مون جهڙو سٺ سالن جو ٻار به آسانيءَ سان پڙهي حاصل مقصد ڪڍي سگهي ٿو. ڪتاب خوبصورت ڪاغذ تي ڇپايل آهي ۽ ٽائٽل ڪور به تمام سهڻو آهي.
    ”تعارف“ وفا مولا بخش قمبراڻيءَ لکيو آهي، جنهن جي چواڻي اسرار شام گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي پر سندس تعارف جو حوالو ٻارن جي ليکڪ وارو آهي. ٻاراڻي ادب سان سندس وابستگي اسڪول واري زماني کان آهي. اسڪول ۾ پڙهڻ دوران غير سماجي سرگرمين ۽ حصي وٺڻ ۽ ٻارڙن جي تنظيمن ”ٻارڙن جي ٻاري“ ۽ ”بزم گلشن سنڌ“ سان لاڳاپيل هئڻ ڪري سندس لاڙو ٻاراڻي ادب طرف ٿيو. هن جي پهرين ڪهاڻي ”ڪتو ۽ بگهڙ“ جي عنوان سان ۱۹۷۴ع ۾ ”گل ڦل“ ڇپي. اڄ تائين سندس لاتعداد لکڻيون، ڊراما، ڪهاڻيون، ڪالم ۽ فيچر مختلف روزانه ۽ هفتيوار اخبارن جي صفحن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چڪيون آهن. آخر ۾ آئون اهو انڪشاف ڪندو هلان ته ڪجهه سال اڳ ملهايل ”ناٽڪ صدي“ جي نشاندهي ڪري ملهائڻ ۾ اهم ڪردار اسرار شام جو هو، جيڪو ڪريڊٽ ٻيا کڻي ويا.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏19 جون 2014
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. شبير ساگر

    شبير ساگر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 جنوري 2013
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    136
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪوٽ عالم ضلع ٺٽو (هاڻي ضلع سجاول)
    ادا توهان تمام سٺي معلومات شيئر ڪئي آهي سائين اسرار جي باري ۾ ، مهرباني ڪري درست ڪندا ته سنڌي ٻارڙا جا 60، 70 نه پر 123 شمارا شايع ٿيا آهن
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏18 جون 2014
  4. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    اسرار ميمڻ جيڪو اسرار شام جي نالي سان سنڌي ساهت ۾ سڃاتو وڃي ٿو، سندس قضيي جي پروڙ حيدرآباد جي ئي سنگت موبائل فون تي مئسيج جي صورت ۾ ڏني.

    يار ڏاڍو دلڪش، نفيس ۽ نيارو شخص هو. هن سان ڪچهريون ته اڪيچار ٿيون هر ڪچهري ۾ هن جو موضوع ٻاراڻي ادب کي عالمي سطح تي پهچائڻ هو.

    جڏهن سنڌي ٻارڙا ميگزين ڪڍڻ شروع ڪيائين تڏهن آئون اٺين جماعت ۾ پڙهندو هئس. خط لکي اتساهيندو هو ته گل ڦل لاءِ لکين ٿو هاڻ سنڌي ٻارڙا لاءِ لک.

    آئون اسرار سان سنڌي ٻارڙا ۾ شروع کان ڪم ڪيو. منهنجون ڪيتريون ئي لکڻيون ڇپيون. اسٽيشن روڊ تي جنهن بلڊنگ ۾ آفيس هئي اتي نئون نياپو وارن جي به آفيس هئي. ات اڪثر ڪچهريون ٿينديون هيون.

    هو سنڌي ٻارڙا جي تشهيري عمل لاءِ سنڌ ياترا تي نڪتو، ڳچ شهرن ۾ هن سان سنگ سنگ هئس، هاڻ اهي سما منهنجي لاءِ اعزاز آهن.

    مون کي هن جي قضيي سچ ڏاڍو ڏکوئي وڌو آهي. آئون ڍنڍرڪون ڏئي رنو هان. اڊڪا ور ور ڪري اچن ٿا.

    هن يار جا ڪيترائي مون کي لکيل خط مون وٽ اڄ به سانڍيل پيا آهن، سوچيان ٿو انهن تان دز لاهي سهيڙي اشعات جوڳو بڻايان
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. شبير ساگر

    شبير ساگر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 جنوري 2013
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    136
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪوٽ عالم ضلع ٺٽو (هاڻي ضلع سجاول)
    ادا معصوم ، اوهان سائين اسرار سان ڳچ وقت ساڻ گذاريو آهي، اوهان سائين بابت يادگيرين کي ڪتاب جي شڪل ڏئي سگهو ٿا.
     
  6. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    يار بلڪل
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    مولا ڪريم سندن مغفرت فرمائي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڏکائتي خبر آهي ...

    رب پاڪ سندس مغفرت ڪندو ... آمين
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. abdullah jarwar

    abdullah jarwar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2013
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    181
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Tando Allahyar
    اسرار شام
    دنيا ۾ هر روز ڄمڻ ۽ مرڻ جو قدرتي عمل جاري آهي، پر دنيا ۾ ايندڙ ۽ ويندڙ ڪي ڪي انسان ۽ انهن جا ڪم اهڙا هوندا آهن، جيڪي سندن پٺيان هميشه ياد ڏياريندا رهندا آهن. انهن انسانن ۾ وري ڪو اهڙو انسان هجي، جنهن جو واسطو ادب سان هجي ۽ هو پنهنجي پويان پنهنجو اڻ مٽ خزانو اڇي پني (ڪاغذ) تي لکت ۾ ڇڏي وڃي ۽ ان جي لکيل تحرير وارو ادب اکين اڳيان اچي ته سندس هئڻ جو احساس دل ۾ پيدا ٿيندو آهي. اهڙين شخصيتن جي سلسلي ۾ منهنجو پاڙيسري، منهنجي شهر ٽنڊوڄام ۾ جنم وٺندڙ لالا اسرار ميمڻ، جنهن جي پيدائش جو گهر علم ۽ ادب جي وچ ۾ هو، جتي سراج الحق ميمڻ، فهميده حسين ميمڻ، ڀاءُ عبدالسلام ۽ ڀاءُ عبدالسبحان ميمڻ جنم ورتو هجي.

    لالا اسرار ميمڻ پنهنجي نالي پٺيان 1972ع ۾ لساني جهيڙي ۾ زرعي ڪاليج (ان وقت) جي ٻن بي گناهه شاگردن کي شام 5 وڳي شهيد ڪرڻ سبب پنهنجي لاءِ تخلص طور شام منتخب ڪري ڇڏيو. ان کانسواءِ اسرار ميمڻ بطور شام ٿيڻ سان گڏوگڏ پنهنجو مَٽُ پاڻ هو. اڄ 17 جون جمعي ڏينهن اسرار شام جي ٻي ورسي آهي. مون کي اڄ به چٽو ياد آهي ته اسرار شام جي آخري ڏينهن ۾ هن ڪوڙي ۽ دوکيباز دنيا مان موڪلائڻ کان صرف ٽي ڏينهن اڳ آئون، مٺل جسڪاڻي سان گڏ سندس گهر ميمڻ پاڙي ۾ ملڻ ويو هئس. هو منهنجو ننڍي هوندي جو حُجتي يار هو ۽ منهنجي لکڻ ۽ سندس لکڻ ۾ فرق محسوس ڪندي چوندو هو ته ’يار منهنجي ٻاراڻي رسالي ۾ ڪرڪيٽ لاءِ لک، ڇو ته ڪرڪيٽ راند ٻارن کي گهڻي پسند آهي‘ هو اهو به چاهيندو هو ته ڪرڪيٽ راند سکڻ جي حوالي سان سندس ٻارن واري پرچي ۾ مضمون شايع ٿين، ان لاءِ مون کيس هڪ پراڻو رسالو شورش ڪاشميري (ڪشمير) جو ’چٽان‘ به ڏنو هو ته ان تان مضمون ۽ ڏنل اسڪيچ هو هلائي، پر هن ان بدران مون تي زور ڀريو ته آئون خود لکان. جنهن لاءِ آئون اڄ به شرمندو آهيان ته لکي نه سگهيس ۽ هو خاص طور اهو طعنو هر عيد نماز پڙهڻ کانپوءِ گلي ملڻ وقت ڪن ۾ ڏيندو هو ته ”اعظم 12 مهينا ٻيا گذري ويا، مضمون نه مليو.“ اسرار شام جو سياري ۾ مچ ڪچهري جي لاءِ سڀني کي سڏڻ به خاص ڪم هوندو هو ۽ هو ان ۾ منهنجي لاءِ منهنجن پٽن کي به دڪان تي زور ڀري دعوت ڏئي ۽ وٺي اچڻ جو چئي ويندو هو، پر مون جهڙو سوير سمهڻ وارو ماڻهو انهن محفلن ۾ پهچڻ کان هميشه محروم رهيو.

    اسرار شام بطور هڪ استاد جيڪو وقت اسڪول يا شاگردن کي ڏنو، سو پنهنجي جاءِ تي، پر هن جيڪو ڪم ٻاراڻي ادب ۽ صحافت لاءِ ڪيو سو هميشه ياد رهندو، هن ٻارن ۾ لکڻ جو شعور پيدا ڪيو ۽ لکڻ لاءِ ٻارن ۾ حوصلو ۽ صلاحيت پيدا ڪرائي ته ڪهاڻي، نظم ڪيئن تحرير ڪجي؟ ان کانسواءِ هڪ ٻار کي سٺو آرٽسٽ ٿيڻ لاءِ تصويرون ڪيئن ٺاهڻ سيکارجن ۽ هڪ فنڪار ٿيڻ لاءِ ٻار ۾ ڇا ڇا هئڻ گهرجي؟ اهڙين سڀني خوبين کي ملائي اسرار شام ٻارن لاءِ هڪ ادارو هو. اڄ ٻي ورسي تي اسان اسرار شام کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ سندس آخري آرامگاهه تي گلن جي چادر چاڙهڻ کانسواءِ سنگت ساٿ چند گهڙيون گڏ ويهي اٿي وينداسين، پر اسرار شام جو اصل مقصد جيڪو سندس مشن ٻارن ۾ شعور بيدار ڪرڻ هو، اها بيداري واري لاٽ سندس سنگت ۽ پٺيان وارن مان ڪير ٻاريندو؟ ڇا اسان فقط مرحوم ٿيڻ وارن جي ورسين ملهائڻ ۽ گلن جي چادر ٻارهين مهيني چاڙهي پنهنجو فرض نڀائڻ کي ترجيح ڏيندا رهنداسين يا ڪجهه ٻيو به ڪري سگهون ٿا؟

    اسرار شام جي منظور چيمبر حيدرآباد واري بند پيل آفيس ۽ رڪجي ويل ٻاراڻي ادب وارو ڪتاب وري ڪيئن هلن، ان لاءِ ڪجهه ڏينهن پهرين اها آفيس کولڻ ۽ ٻارن جو ڪتاب ”سيرت“ ٻيهر ڇاپڻ لاءِ سائين حيات علي شاهه بخاريءَ راقم کي چيو هو ۽ ان لاءِ اسرار شام جي وارثن سان رابطو قائم ڪيو ويو، جن وري نصير مرزا کان پڇڻ کانپوءِ ڪو فيصلو ڪرڻ جو چيو هو، جنهن جو تاحال ڪو جواب نه مليو. ورنه اسرار شام جي هن ٻي ورسي تي سندس پٺيان ڇڏيل ادبي ورثي مطابق سندس لاءِ ڪو ڪتاب ضرور پڙهڻ لاءِ ملي وڃي ها.

    ٻاراڻي ادب لاءِ سنڌ ۾ ڪيترائي نالا اڻ مٽ آهن، جن ۾ محمد بخش جوهر ۽ آر ايڇ احمد جو ڪتاب گهر، اسماعيل بن واصف، اياز يا نوالي، لياقت يوسفاڻي (ڏيپلو) ان کانسواءِ سائين پير مظهرالحق عبرت ۾ ٻارن جو صفحو، سائين بشير ڀٽي (هلال حيدرآباد) حسام سومرو هلال ڪراچي، احمد خان شيخ (آفتاب) هنن سڀني ٻارن ۽ ٻاراڻي ادب لاءِ وڏو ڪم ڪيو آهي. انهن سان اسرار شام جو مقابلو هجي يا نه هجي پر خود اسرار شام پنهنجو پاڻ ۾ هڪ نالو آهي. اسان اسرار شام جي ٽئين ورسي تي سندس ئي اداري پاران ڪو ڪتاب ٻارن لاءِ ڇپائي ڀيٽا ڏيڻ وقت گلن جي چادر سان گڏ هٿن ۾ اهو ڪتاب به کڻي بيهنداسين، اها صرف اميد ڪريون يا حقيقت ثابت ٿيندي، سو وقت ظاهر ڪندو؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. abdullah jarwar

    abdullah jarwar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2013
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    181
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Tando Allahyar
    هن مضمون جو ليکڪ مير اعظم علي ٽالپر آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو