سونَ برابر سَڳڙَا، لُون لُون برابر لَکُ رُپو جنهن رَد ڪيو، ڪَوڙُ تهين کي ڪَکُ مون ماروءَ جو مَکُ، تيل نه لائيان تنهنجو. سر مارئي سڳڙا = ڌاڳا، اُهي ڌاڳا جيڪي ماروئڙن منهنجي ٻانهُن، ڪاراين ۾ ٻڌا هئا. لُون = تند، ڌاڳو برابر لَکُ = لک جي برابر رُپو = چاندي، سون سڪا، مال ملڪيت، عيش عشرت رَد ڪيو = ترڪ ڪيو، لالچ نه ڪئي، طمع نه ڪئي ڪَوڙُ = ڪروڙ مَکُ = ساٺ سوئنڻ ويل لڳايل تيل * او عمر منهنجي ماروئڙن جيڪي مون کي ٻانهُن ۾، ڪاراين ۾ ڌاڳا ٻڌا هئا سي سون جي چين ۽ ڪنگڻن کان اُتَمُ ۽ اعلي' آهن. انهن ڌاڳن جي هڪ هڪ تند کي لَکَ لَکَ جي برابر ٿي سمجهان. * جنهن تنهنجي سمورين لالچن، سڪن، سون، چاندي ۽ عيش عشرت کي قبول نه ڪيو، تنهن لاءِ تنهنجا هي ڪروڙ به هڪ ڪک مثل آهن. * کيتَ سان مڱڻي ويل ساٺ سونئڻ ڪندي مون کي منهنجي ماروئڙن جيڪو تيل لڳايو هو. اُهو منهنجي لاءِ فخر جو باعث آهي تنهنڪري تنهنجا تيل ڦليل, هار سينگار ۽ ويس وڳا مون کي نه گهرجن. سمجهاڻي ڀٽائي اسان کي حُبُ الوطني، پنهنجي قوم ۽ ڌرتيءَ سان پيار جو درس ڏئي ٿو ۽ سيکاري ٿو ته ڪنهن به لالچ ۾ اچي پنهنجي قوم ۽ ڌرتيءَ سان ٺڳي ۽ غداري نه ڪيو. پنهنجي سادگيءَ واري زندگيءَ تي هميشه ناز ۽ فخر ڪيو. ____ سائين مظفر منگي جي فيسبوڪ ٽائيم لائين تان ورتل