الطاف شيخ نيوهالا کان نيويارڪ : الطاف شيخ

'الطاف شيخ جا سفرنامه' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 جون 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر ايڪياسي (81) آمريڪا بابت سفرنامو ”نيو هالا کان نيويارڪ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي سفرنامو ناليواري سفرناما نگار ۽ سنڌ سلامت جي محسن سائين الطاف شيخ جو لکيل آهي.

    ٿورائتا آهيون سائين الطاف شيخ صاحب جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏيڻ سان گڏ ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.



     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ملڪاڻي ۾ سؤٽ جي تيل جي ايجنسي تي ڪتابن پڙهڻ جي عادت سڀني کي هُئي جيڪي به اچي اُتي ويهندا هُئاسين. انهن ڏينهن پهريون دفعو سائين جو ڪتاب ڪراچي کان ڪوپن هيگن ڏٺم. اتفاق سان اهو پڙهي نه سگهيس ۽ اڄ تائين اهو ڪتاب انهن منجهان آهي جيڪي نه پڙهيا اٿم. پر الطاف صاحب جي ڪُجهه شيداين کان الطاف صاحب جو تعارف ٿيندو ويو. ۽ سڀني کي اهو تجسس هو ته جڏهن الطاف سڄي دُنيا گهُمي آهي ته سفرناما رُڳو اوڀر جا ڇو؟ ان وقت شايد اڃان ملير کان مالمو سنگت نه پڙهيو هو. پر پوءي اهو توڙي اڇن جي مُلڪ ۾ اسين ڪارا به پڙهي ورتاسون. وري به آمريڪا جي سفرنامي جي سِڪ رهي. نيٺ سائين جو هڪ ڪتاب بخشو لغاري کان بالٽيمور پڙهيوسين ۽ هن ڪتاب جو ٻُڌاندا رهياسين. اڄ اوهان هي شيئر ڪري تُرڪي ۾ ڪتابن جي ٻاڙ لاهڻ واري ڪم ۾ هميشه جيان حصو ونڊيو آهي. وڏا وڙ،
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏19 جون 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪيئي ڳالهيون هن ڪتاب ۾ آهن. ڪيترن ئي شخصيتن جو به ذڪر آهي جن کي سڌي يا اڻ سڌي طرح سڃاڻيون ... پر انهن بابت گهڻو ڪجهه پڙهڻ لاء مليو.

    ۽ ها انبن بابت نيو يارڪ جي دوست جي ڳالهه :

    هڪ دفعي پاڪستان کان انب گهرايا هئم. هتي پهچندي پهچندي ايڏي دير ٿي وئي، جو انهن ۾ ڪينئون لڳي ويو. انبن جي قيمت ۽ ڀاڙو ته کيسي مان ڀريم، پر انهن ڪنن انبن کي Dispose ڪرڻ لاءِ وڏو خرچ ڳچيءَ ۾ پئجي ويو. هتي جي قانون مطابق پهرين فيوميگيشن وارن کي اطلاع ڪرڻو پيو، جن منهنجي خرچ تي اچي انهن دٻن کي Fumigate ڪيو ۽ پوءِ انهن کي صحيح هنڌ تي ڊمپ ڪرائڻ لاءِ خاص ڪئريئر (مزدا) جو بندوبست ڪرڻو پيو جيڪا وڃي ڏورانهين هنڌ تي ڦٽو ڪري آئي ۽ ٻي پاسي انڊيا جي هر شيءِ اک ڇنب ۾ هتي پهچيو وڃي ۽ انڊيا جا واپاري جهڙو Sample ڏيکاريندا آهن، اهڙو ئي پٺيان مال پهچي ويندو آهي ۽ هر دٻي ۾ جهڙو مٿيون Layer سٺي شيءِ جو هوندو آهي، اهڙو هيٺ تري ۾.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    پاڪستان مان ته ترڪي ڏانهن انب موڪلي به نه ٿا سگهجن، سُٺو ٿيو هڪ دوست آيو پئي اهو کڻي آيو. پر هاڻي ان پاسي به احتياط ڪبو.......
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    الطاف شيخ فيس بوڪ تي لکي ٿو :

    منهنجو هي ڪتاب display ڪرڻ جي سليمان وڏي مهرباني. دراصل مون 1968 کان 1972 تائين ڪيترائي جهاز آمريڪا جي اوڀر وارن بندرگاهن ، ڪئناڊا ۽ هيٺ ويسٽ انڊيز جي بندرگاهن ڪيوبا، ٽرنيڊاد ۽ جئميڪا کان برمودا، بهاما ۽ برازيل ۾ هلايا. اٽڪل 35 سالن بعد آئون وري انهن بندرگاهن ۾ ويس...پر هن ڀيري پاڻي واري جهاز بدران هوائي جهاز، ريل گاڏين ۽ بسين ڪارن ۾. هي ڪتاب انهي سفر جو احوال آهي.
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪِتاب: نيو هالا کان نيو يارڪ، ليکڪ: الطاف شيخ

    موضوع: آمريڪا (USA) جو سفرنامو

    الطاف شيخ سامونڊي سفرن بعد جڏهن هڪ مسافر جي حيثيت ۾ باءِ ايئر ۽ باءِ روڊ آمريڪا جو ٽي مهينا کن دورو ڪيو ان تي جيڪي ٻه ڪِتاب اچي چڪا آهن انهن مان هي ـــ ”نيو هالا کان نيو يارڪ“ پهريون آهي. هي ڪِتاب ”روشني پبليڪيشن“ وارن سال 2007ع ۾ ڇپرايو.
    آمريڪا اسان لاءِ سڀ کان ڏورانهون ملڪ آهي چاهي ڪو باءِ ايئر يا سامونڊي رستي اوڀر کان وڃي يا اولهه کان. 1968ع ۾ جڏهن الطاف پنهنجي سامونڊي سفر جو آغاز ڪيو ۽ سندس جهاز نيويارڪ، بالٽيمور، نيو اورلينس ۽ ٻين آمريڪي بندرگاهن ۾ پهتو ته هن کي پنهنجي ملڪ جا ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ نظر آيا. ظاهر آهي اسان جي ماڻهن جو پرديس وڃي رهڻ يا نوڪري ڪرڻ جو اڃان ايڏو رجحان نه هو، ان وقت تائين جيڪي نِڪتا به هُئا ته انهن جو زور وڌ ۾ وڌ انگلنڊ هوندو هو ۽ ٻي طرف هانگ ڪانگ ۽ جپان. پر هاڻ حالتون مختلف ٿي ويون آهن. اسان جي ملڪ ۾ بيروزگاري ۽ امن امان جي خراب صورت ڪري اڄ اسان جا ڪيترائي ماڻهو انگلنڊ ۽ ڀر وارن يورپي ملڪن ۾ ته ڇا پر آمريڪا به پهچي ويا آهن. الطاف لکي ٿو ته.... سٺ واري ڏهي ۾ هن کي جيڪي پنهنجي ملڪ جا ماڻهو نظر آيا ٿي انهن ۾ گهڻي ڀاڱي وڏيرا، سردار ۽ نواب چوڌري يا انهن جا ٻارَ هئا جيڪي پئسو خرچڻ ۽ عياشيءَ لاءِ آمريڪا آيا ٿي. پر اڄ حالتون مختلف آهن اڄ اسان جي ملڪ کان ايندڙ نوجوانن ۾ وڏو حصو اهي آهن جيڪي آمريڪا ۾ رهي پورهيا يا نوڪري ڪري پئسو بچائي پنهنجن ٻارن کي پڙهائي تعليم يافته بنائين ٿا. پرديس ۾ رهي هو پنهنجي مذهب، ڪلچر ۽ ثقافت کي قائم رکن ٿا. الطاف شيخ جو هي سفرنامو اڄ جي ۽ ماضي جي دور جي ڪهاڻي آهي. 532 صفحن تي مشتمل هي سفرنامو ۽ 32 کن صفحن تي تصويرن سميت هي ڪِتاب هڪ دلچسپ سفرنامو آهي جنهن تي الطاف شيخ کي پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس، اسلام آباد طرفان ايوارڊ به ملي چڪو آهي. هن ڪِتاب ۾ 200 کن عنوانن هيٺ ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو