پاڪستان ۾ ميڊيا گهرو لڙائي بند ٿيڻ گهرجي؟

'راءِ شماري' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏20 جون 2014۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    پاڪستان ۾ ميڊيا گهرو لڙائي بند ٿيڻ گهرجي؟


    پاڪستان ۾ ميڊيا جي هڪ حصي ، خاص ڪري اردو ٻولي جي اخبارن ۽ چينلن وچ ۾ هڪ “ميڊيا گهرو لڙائي” چالو آهي، جيڪا هاڻي بند ٿيڻ گهرجي. ان لڙائي جي ڪري ملڪ ۾ هڪڙي ميڊيا هائوس جو آواز بند ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن ته ٻيا ڪجهه ادارا پنهنجي مخصوص عينڪ وسيلي ان امر کي اهم سمجهي ان جي اٺ ئي پهر وڪالت ۾ لڳا پيا آهن. تاريخ جي ڪتابن ۾ ملڪن جي اندر “ گهرو لڙائي” جا ڪيئي قصا موجود آهن. يورپ هجي يا آميريڪا انهن جي ڪئين علائقن ۾ اها گهرو لڙائي ورهين جا ورهيه هلي آهي، هزارين، لکين ماڻهو قتل ٿيا آهن، سماجن انهن لڙائين ۾ لڳل زخمن کي چٽي ۽ چيٺي وري نئين سر پنهنجو ڪاروهنوار هلايو آهي. پر هي لڙائي ملڪن وچ ۾ يا نسلن وچ ۾ نه پر ميڊيا جي هڪ مخصوص حصي وچ ۾ لڳل آهي، جيڪا بند ٿيڻ جي اشد گهرج آهي. پاڪستان ۾ ميڊيا، اظهار، آزادي ۽ جمهوري روين جي تاريخ ۾ ڪيئي تلخ واقعا موجود آهن پر ڪڏهن به ميڊيا پاڻ ئي ان جبر جو بنياد هجي، اهو نئون مظهر آهي.
    پاڪستان ۾ ميڊيا جي مختلف حصن جي پاڻ ۾ ويڙهه کي هڪ مهينو ٿي رهيو آهي. ميڊيا جا رپورٽر، ميڊيا ۾ اخبارون، ميڊيا ۾ چينل، ڪيبل آپريٽر، ٽي وي تي هلندڙ ٽاڪ شوز جا ائنڪرپرسن، ميزبان ۽ مهمان هڪٻئي سان سامهون ٿي رهيا آهن. ڄڻ ته ٻه ڌريون هجن، جن جا هٿ هڪٻئي جي ڳچيءَ ۾ هجن. اهي هٿ ميڊيا ۾ قابو ٿي رهيا آهن ۽ آهستي آهستي ميڊيا پنهنجو پاڻ کي “داغدار” ڪري هڪ جواز ڏئي رهي آهي ته جيئن مٿن ڪوبه ايڪشن ٿئي ته ان جا جواز ۽ سبب به اڳواٽ ئي موجود هجن. آميريڪا ۾ پراڻي چوڻي آهي ته پنهنجي مخالف کي ” اول بدنام ڪريو، پوءِ ان بدنامي جي بنياد تي کيس سزاوار ڪريو” پر هاڻي ملڪ جي ان خاص ميڊيا کي ٻيو ڪير به نه پر پاڻ کي “ بدنام” ڪري پاڻ ئي “مون کي مار” جون دعوتون ڏئي رهي آهي. جنهن سان ميڊيا جي آزادي کي خطرا پيدا ٿيا آهن. ميڊيا جي ان ڏوهه کي سمجهڻ جي گهرج آهي، اها خطرناڪ راند آهي، کين اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته سندن ڪنهن به خطرناڪ “ميڊيا مخالف” ايڪشن جي ڪري پوءِ سندس اوهي واهي به ڪير نه بڻجندو ۽ اها ڳالهه ئي ميڊيا جي مخالفن لاءِ بهترين موقعو بڻجندي.
    ملڪ جي پارليامينٽ،قومي اسيمبلي، سينيٽ، حڪمران مسلم ليگ، پاڪستان پيپلزپارٽي، انساني حقن جي تنظيم ۽ ٻين صاف لفظن ۾ ميڊيا کي مشورو ڏيندي چيو آهي ته هڪ ميڊيا هائوس کي نشانو بڻائي، ان جي گهٽ گهيڙ بند ڪري اصل ۾ ميڊيا پنهنجي آزادي تي وار ڪري رهي آهي، جنهن ڇڪتاڻ کي بنا دير ختم ٿيڻ گهرجي. هنن چيو آهي ته جي اها حالت گهڻو وقت جاري رهي ته پوءِ اها لڳل باهه سموري ميڊيا کي پنهنجي هنج ۾ وٺي ڇڏيندي ۽ ڪير به پنهنجو دامن بچائي نه سگهندو.
    ميڊيا جو خاص ڪري اردو ٻولي وارو حصو جنهن نموني اڳتي وڌي ان سموري عمل ۾ شريڪ ٿيو آهي ۽ ڏينهنون ڏينهن ان کي وڌائي رهيو آهي، انهن کي اها سمجهه هجڻ گهرجي ته پنهنجي چينلن ۽ اخبارن کي رڳو هڪ اداڪاره ۽ ائنڪرپرسن تائين محدود ڪري اصل ۾ هو پاڪستان جي ڪروڙين ماڻهن سان واسطو رکندڙ مسئلن کان لنوائي رهيا آهن ۽ انهن مسئلن جي باري ۾ اصل تصوير پيش ڪرڻ کي پنهنجو ڏوهه سمجهي عوام کي اوجهڙ ۾ ڌڪي رهيا آهن.
    ملڪ ۾ بجيٽ جو مسئلو هجي يا پرڏيهه جي ٻنهي پاڙيسري ملڪن انڊيا ۽ افغانستان ۾ چونڊون يا آميريڪي فوجن سان گڏ ناٽو فوجي دستن جي واپسي هجي يا انهن مامرن تي پاڪستان فوجي سربراهه جنرل راحيل شريف ۽ ايساف ۽ افغانستان جون گڏجاڻيون هجن، سنڌ ۾ مور مرن يا مورن کان وڌيڪ انسانن جا اولاد اُرڙي ۾ ختم ٿيندا هجن، سنڌ ۾ ارڙي جي خاتمي لاءِ لڳل ايمرجنسي هجي يا ملڪ اندر توڙي ٻاهر پوليو جو مسئلو هجي، اهي چينل ٻن عورتن کان اڳيان وڌي نه سگهيا آحن ۽ اها لڙائي چالو رکندا اچن. ان لڙائي کي بند ڪرڻ گهرجي، اها لڙائي بند ٿيڻ گهرجي، اها پنهنجي آزادي تي پاڻ ڪهاڙو هڻڻ جي برابر آهي، اها ميڊيا جي خلاف وڏو لوڙهو ٺاهڻ جي ڳالهه آهي، اها آزادي جي خاتمي کانپوءِ ٿيندڙ بندش لاءِ جواز پيدا ڪرڻ جي ڳالهه آهي. اهو سڀ ڪجهه بند ٿيڻ گهرجي. ملڪ جو عوام اهو سڀ ڪجهه نه ٿو چاهي. ملڪ جو عوام مسئلن جي نشاندهي چاهي ٿو ۽ ميڊيا پاران سندن پيدا ڪيل مسئلا ٻڌڻ ۽ پڙهڻ نه ٿو چاهي. اهي اجايون لڙايون بند ڪرڻ لاءِ ميڊيا سان واڳيل ايڊيٽرن ۽ مالڪن ۽ براڊڪاسٽرس جي اڳواڻ تنظيمن کي اڳيان اچڻ گهرجي ۽ جيڪي به ويڙهاڪ ميڊيائي گروپ آهن، جيڪي به ڏوهه ثواب آهن انهن جو ليکو ڪري، ان مسئلي کي ختم ڪيو وڃي. پاڪستان جهڙو اهم ملڪ ميڊيا جي اندروني مفاداتي لڙائي جو ڳيجهو به نه هجڻ گهرجي ۽ انهن واقعن وٽ گروي به نه ٿيڻ گهرجي. جيئن علامه اقبال چيو هيو : ” ستارن کان اڳيان به هڪ وڏو جهانُ ۽ پيار کان اڳيان به وڏا امتحان آهن“ سو رڳو اتي بيهي هيڏي ساري پاڪستان کي هڪ ننڍي لڙائي ۾ بند ڪرڻ ۽ بيهارڻ جو سازشون ۽ ڪوششون بند ٿيڻ گهرجن.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو