ڇَن نه ڇَڄي آهيان، ڪُڇَن ۾ ڪَوٽَن ايندَه پيَم اُبتَا، پَيڪَڙا پَيرَن هَٿڙيُون هَٿَن، ڄَنگُهون ٻَانهُون ڪَاٺَ ۾ سر مارئي ڇَن = هرگز، خوشيءَ سان، مرضيءَ سان، وسَ پَئَي ڇَڄي = ڇت، ڇَنَي، ڪوٺيءَ ڪُڇَن = بنا مرضيءَ جي، لاچار جي، مرضيءَ جَي خلاف ڪَوٽَن = عمر جا اڏيل اوچا ڪوٽ ايندَه = ايندي ئي پَيڪَڙا = پيرڪڙيون هٿڙيُون = هٿڪڙيُون ڪاٺَ ۾ = قيد ۾، بُنڊَ ۾ ٻڌل، جڪڙيل - اڳئين دور ۾ ڪاٺ جي بُنڊَ ۾ ڪڙا ڪُنڍا وجهي قيدين جا هٿ پير زنجيرن سان جڪڙيا ويندا هئا. بيت جو پس منظر مارئي چئي ٿي : ~ مان ڪا خوشيءَ سان هن ڪوٺيء ۾ قيدياڻي ناهيان بڻي پر منهنجي مرضيءَ جي خلاف مونکي ڪوٽن ۾ قيد ڪيو ويوآهي. ~ هتي ايندي ئي آڏيون ابتيون پيرن ۾ زنجيرون پارايون ويون اٿم. ~ منهنجي هٿن ۾ هٿڪڙيون هڻي، ڄنگهون ۽ ٻانهون پڻ بُنڊَ ۾ ٻڌل زنجيرن سان جڪڙيون ويون آهن. سمجهاڻي ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو وڏو حصو علامتي، تمثيلي ۽ اهڃاڻي آهي. علامتي شاعريءَ ۾ ظاهري ڳالهه ڪا ٻي هوندي آهي جڏهن ته ان جي پٺيان اڃان ڪو راز ٻيو هوندو آهي. ڀٽائي هن بيت ۾ ڪنهن اهڙي خطرناڪ سنڌ جي جوڌي جي ڳالهه ٿو ڪري جنهن کي وقت جي حڪمرانن بندوقن ۽ سنگينن جي پهري ۾ قيد ڪيو آهي. هن قيديءَ کي ڪنهن سان ڳالهائڻ جي اجازت به ناهي. هن قيديءَ جا هٿ، پير، ڄنگهون، ٻانهُون، ڪَنڌُ ۽ باقي جسم به زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي ۽ سندس مٿان سخت پهرا آهن. هي بيت چارج شيٽ آهي، ايف آءِ آر آهي وقت جي ظالم حڪمران عمر بادشاهه جي خلاف. جيڪا ٿر ملڪ ۽ ماروئڙن سان بي حد پيار ڪندڙ مارئيءَ طرفان ٽي سؤ سال اڳ ڀٽائيءَ داخل ڪرائي هئي. مارئيءَ کي نه رڳو زبردستي کوهه تان کنڀيو ويو هو پر عمر بادشاهه جي ڪوٽ ۾ پهچندي ئي کيس هٿن ۾ هٿڪڙيون ۽ پيرن ۾ پيرڪڙيون پارايون ويون هيون. تنهن کان پوءِ ڪاٺَ جي بُنڊَ سان ٻڌي زنجيرن سان سندس سڄو جسم جڪڙيو ويو هيو. چيو وڃي ٿو سنڌ تبديل ٿي وئي آهي پر شايد نالا تبديل ٿيا هن، سوچ تبديل ناهي ٿي. ظالم ۽ مظلوم جا ڪردار اڄ به ساڳيا آهن. اڄ به مارئيءَ جيان سنڌ جون الائي ڪيتريون سورميون ظالم پيرن ۽ وحشي وڏيرن جي ڪوٽن ۾ سندن عتاب هيٺ باندي بڻايل آهن. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____