1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

رمضان جي آمدآهي! اچو ته ٻه گهڙيون دُنيا جي علم کان هٽي هن ريت به خرچ ڪريون

'رمضان المبارڪ' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏27 جون 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    والله اعلم بثواب. دُعائن جو طلبگار.
    تحرير ۽ تحقيق : عبدالرزاق ميمڻ

    رمضان جي آمدآهي! اچو ته ٻه گهڙيون دُنيا جي علم کان هٽي دين تي هنن مضمونن کي پڙهي خرچ ڪريون. پاڻ به هي مضمون پڙهون ۽ اولاد کي به پڙهڻ جي تلقين ڪريون ۽ سنڌ جي باب الاسلام بڻجڻ جو حق ادا ڪريون.
    قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ تاريخي حوالن سان هي ريسرچ پيپر تيار ڪيا ويا آهن. (تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ) ڏسو هن ۾ اهڙيون ڳالهيون به گڏ ڪيون ويون آهن جن جي شايد اوهانکي خبر ئي نه هُجي.
    حضرت انسان(بشر) جنهن کي الله جل شانهو پنهنجي هر تخليق ۾ اشرف مخلوق چوي ٿو(اشرف المخلوقات) ۽ پهرئين بهترين بشر آدم عليه الصلوات وسلام کان آخري بهترين بشر و نبي (خاتم النبيئين) حضرت محمد مُصطفيٰ صل الله عليه وسلم تائين جن جو ڄم 53 سال قبل هجري بمُطابق (ڄم اپريل 571ع ۽ وفات 10 هجري بمُطابق (جون 632ع) تائين تفصيل کان علاوه خُلفاءِ راشدين تي به ريسرچ پيپر آهي ته اچو ته پڙهون ۽ سکون ۽ ڄاڻون پنهنجي مذهب اسلام کي نُنهن کان چوٽيءَ تائين هڪ ئي پيج تي.


    تحريرون ۽ تحقيقون : عبدالرزاق ميمڻ

    مهرباني ڪري هي لنڪ پڙهندا وڃو ۽ دُعائن لا هٿ به کڻندا وڃو پهرئين پنهجي ۽ پنهنجن لا پو اسان مُفلسن لا. پنهنجي ريسرچ ۽ اختلافي نوٽ (حوالن ۽ ثبوتن سان) کان به آگاهي ڏيو! ته مضمون سُڌاري سگهجي. ياد رهي ته هي ريسرچ پيپر نه صرف قرآن ۽ حديث جي روشني م ترتيب ڏنو ويو آهي پر دُنيا ۽ سڀني نبين جي وجود بابت ۾ لکيل ٻين قومن جي معلومات به حولان سان شامل آهي.
    1. تعويز ڇا آهي ۽ ڇا اهو جائز آهي؟
    2. سڀني ملائڪن گڏجي سجدو ڪيو! سوا ابليس جي.
    3. اچو ته پهرئين (بشر) انسان حضرت آدم عليه الصلوات وسلام جي تخليق ۽ سندن بابت ڪُجهه علم پرايون.
    4. فرشتن جو ڇا جواب هو جڏنهن الله کين فرمايو ته آئون گپ مان بشر پئدا ڪري رهيون آهيان جيڪو ڌرتي تي مُهنجو نائب هوندو.
    5. الله جو فرمان ! مون توهان کي آدم جي پُٺ مان ڪڍي هڪ عهد ورتو هو! ته مونسان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪجو!
    6. آدم عليه الصلوات وسلام جو قد، خوراڪ وغيره ڇا هُئي ۽ بشر (انسان) جو پهريون قتل ڇو ٿيو هو.
    7. آدم عليه الصلوات وسلام جن پنهنجي ڪيترين پُشتن کي ڏٺو هو ۽ سند عُمر ڇا هُئي.
    8. وصال آدم ع ۽ حوا ع ڪيئن ۽ ڪڏنهن ۽ پو شيش عليه الصلوات وسلام جن جي آمد شروع.
    9. حضرت ادريس عليه الصلات وسلام کي ياد ڪريو جيڪو الله ج حڪم سان غيب جون خبرون ڏيندو هو
    هو.

    10. اسان نوح ع ۽ ابراهيم ع کي آندو ۽ پو رکي ڇڏي ٻنهين نسلن جي وچ ۾ نبوت ۽ ڪتاب (الله جو فرمان).
    11. نوح ع پنهنجي قوم مٿان 950 سال رهيو پر ان جدوجهد مان ڪُجهه نه حاصل ٿيڻ تي قوم نوح تي عذاب لٿو.
    12. حڪم ڪيو ويو! اي زمين پاڻي پي ڇڏ! اي آسمان وسڻ بند ڪر! ته ٻيڙي وڃي جودي جبل تي بيٺي.
    13. هود ع جي قوم جا ماڻهون ڪافر، عناد پرست، منڪر ۽ پرئين حد جا ظالم هُئا.
    14. حضرت صالح ع قوم (ثمود) تي پيغمبر مقرر ٿيا هُئا جن ڏاچي جي گهُر ڪئي ۽ پو ان جو ٽنگون ڳڀي ورتيون.
    15. اچو ته حضرت يونس ع جن جو قصو پڙهون.
    16. اچو ته حضرت يوشع بن نون ع جن کي به پڙهون.
    17. حضرت الياس عليه الصلوات وسلام جو قصو به پڙهو.
    18. حضرت نوح ع جي قصي جا ٻيا تفصيل.
    19. قصو حضرت خضر عليه الصلوات وسلام جن جو پڙهو.
    20. پڙهو قصو حضرت سُليمان عليه الصلوات وسلام جن جو.
    21. هي تفصيلي قصو آهي حضرت موسى عليه الصلوات وسلام جو.
    22. هي مُهاڳ آهي قصي حضرت آدم ع جن جو.
    23. قصو حضرت اسحاق عليه الصلوات وسلم جو پڙهو.
    24. قصو حضرت شعيب عليه الصلوات وسلام جو .
    25. قصو (اصحاب ياسين ع جو.
    26. قصو (اصحاب الرس) جو.
    27. قصو (ذوالڪفل) ع جن جو.
    29. قصو حضرت يوسف عليه الصلوات وسلام جو.
    30. قصو حضرت حزقيل ع جن جو.
    31. قوم ثمود جا تفصيل.
    32. قصو حضرت يسع ع جن جو.
    33. قصو حضرت شموئل عليه الصلوات وسلام جن جو.
    34. قصو حضرت طالوت عليه اصلوات وسلام جن جو.
    35. قصو حضرت دائود ع جن جو.
    36. حضرت زڪريا عليه الصلوات وسلام.
    37. قصو حضرت شعيا بن امصيا عليه الصلوات وسلام.
    38. قصو حضرت ارميا بن حلقيا عليه الصلوات وسلام جن جو.
    39. قصو حضرت ايوب عليه الصلوات وسلام.
    40. قصو حضرت عزيز عليه الصلوات وسلام.
    41. قصو حضرت دانيال ع.
    42. قصو حضرت لوط عليه الصلوات وسلام جن جو قرآن، حديث ۽ تاريخي روشني ۾.
    43. قصو حضرت عيسى به مريم عليه اصلاوات وسلام قراڻ ، حديث ۽ تاريخي روشني ۾.
    44. آخري نبي و پيغمبر حضرت مُحمد مصطفى صلي الله عليه وسلم جن جي آمد ۽ دين و اسلام جو مُڪمل ٿيڻ.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏28 جون 2014
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    والله اعلم بثواب. دُعائن جو طلبگار.
    تحرير ۽ تحقيق : عبدالرزاق ميمڻ
    1. توحيد پرست عالم اسلام جي خدمت ڪندڙ (علامه ابو مُحمد بديعُ الدين شاه راشدي ڪير هُئا.
    2. ڇا هر نماز ۾ جيڪا امام پويان پڙهي وڃي الحمد شريف پڙهڻ واجب آهي.
    3. توحيد جون وصفون ڪهڙيون آهن ۽ شرڪ آهي ڇا.
    4. ڇا ان جا انڪاري آهيون! جڏنهن قرآن پاڪ ۾ چٽي طرح ٻُڌايل آهي ته سڀئي نبي عليهما الصلوت وسلام بشر يعني (انسان) ئي هُئا تڏنهن ته انسان ئي اشرف المخلوقات سڏيو ويو آهي.
    4. سنڌي قوم جيسين شرڪ ۽ بدعت ڇڏي هڪ الله کي مڃڻ واري نه ٿيندي.
    5. پاڪستان ۾ عيد چنڊ جو مسئلو ڇو؟
    6. جي پوري دُنيا ۾ مُحرم جو چنڊ ۽ 10 محرم هڪ ڏينهن ته رمضان يا عيد جو چنڊ هڪ ڏينهن ڇو نه؟
    7. ڪائنات جو علم ڇا آهي.
    8. ڪاذب دجال جي آمد ڪڏنهن، ڪيئن ۽ ڪٿان.
    9. ڇا اسلام توحيدي مذهب آهي! ڇو؟
    10. امام پويان نماز پڙهندي (آمين بجهر) يعني زور سان آمين چوڻ جو حڪم ڇو؟
    11. ڇا نبي سائين صلي الله عليه وسلم جن جيڪا يمني چادر اوڙهيندا هُئا اُها (اجرڪ) هُئي؟
    12. فرقه بندي اسلام ڪونهين، هر نبي جي ڪن پوئين داعيدارن مان ڪن شروع ڪري بغاوت الله ڪئي.
    13. (ڪجهه سٽون البدايه والنهايه تان ترجمو ڪيل) بشُڪريه (ذيشان رشيد سنڌ سلامت ڊاٽ ۡڪام
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏28 جون 2014
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
  4. گلزار احمد

    گلزار احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2009
    تحريرون:
    152
    ورتل پسنديدگيون:
    312
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ماڳ:
    رحيم يار خان
    هيٺين غلطي ٿي رهي آهي،
    The page you requested cannot be displayed right now. It may be temporarily unavailable, the link you clicked on may have expired, or you may not have permission to view this page.
    اگر مڪمل متن هت سنڌ سلامت تي شيئر ڪيو وڃي ها ته بهتر هيو، اصل ۾ فيس بوڪ جو فيس پاڻ کي وڻي ڪونه، پنهنجي دل ان کان پري آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    نبين جي قصن تي مشتمل نئين سيريز پيش ڪجي ٿي. اڄ پهرين جنهن نبيءَ ع جو ذڪر ڪنداسون اُهو (حضرت آدم عليه والسلام) آهي.

    واذقال ربڪ للملائڪت اني جائل... هم فيها خالدون (البقره) ۽ ياد ڪريو جڏنهن فرمايو تُهنجي رب فرشتن کي ته مقرر ڪرڻ وارو آهيان زمين تي هڪ نائب، چوڻ لڳا ڇا توهان مقرر ڪندئو اُن کي جيڪي زمين تي فساد برپا ڪندو ۽ اُن تي خون ريزيون ڪندو، حالانڪه .اسان تُنهنجي تسبيح بيان ڪريون ٿا ،تو لاءِ تُهنجي حمد سان گڏ. الله فرمايو، بيشڪ آئون اُهو ڄاڻان ٿوجيڪو توهان نٿا ڄاڻو . ۽ الله سيکاري ڇڏيا آدم ع کي تمام شين جي نالا ۽ پوءَ آندائين اُنهن کي فرشتن جي سامهون ۽ چيائين ٻُڌايو مونکي انهن شين جا نالا جي توهان سچا آهيو . عرض ڪرڻ لڳا هر عيب کان تون پاڪ آهين، اسان کي ڪو علم ناهي پر ايترو جنهن جي تو ڄاڻ ڏني آ. بيشڪ تون ئي علم ۽ حڪمت وارو آهين، چيو الله ج اي آدم! ٻُڌاءِ انهن کي اُنهن شين جا نالا ۽ پوءِ آدم ٻُڌايا فرشتن کي. پوءِ الله ج چيو فرشتن کي ڇا مون توهان کي ڪونه چيو ته مان خوب ڄاڻان ٿو سڀ لڪيل شيون، آسمانن ۽ زمين جون ۽ آئون ڄاڻان ٿو جيڪو توهان ظاهر ڪريو ٿا ۽ جيڪو توهان لڪايو هو ۽ جڏنهن اسان حُڪم ڏنو فرشتن کي ته سجدو ڪريو آدم کي ته سڀني سجدو ڪيو سواءِ ابليس جي. هُن انڪار ڪيو، تڪبر ڪيو ۽ ڪافر ٿيو. اي آدم رهو! تون ۽ تُهنجي زال هن جنت ۾! ٻئي کائو اُن مان جيترو کائي سگهو ان مان، جتان وڻيوَ!، پرهُن وڻ جي ويجهو نه وڃجو نه ته ٿي ويندئو پنهنجن حقن کص محروم ٿيڻ وارن مان ، ۽ پوءِ ورغلايو شيطان اُنهن کي، ان وڻ جي ڪري ٻئي ڪڍيا ويا اُتان جتي هُوا. ۽ اسان چيو، لهي وڃو توهان هڪ ٻئي جا دُشمن هوندئو ۽ توهان جي زمين رهائش آهي ۽ فائدا وٺندا رهو هڪ مقرر وقت تائين. پوءِ سکيا هُئا آدم پمهمجي رب کان جيڪي چند ڪلما ته الله هُن جي توبه قبول ڪري ورتي، بيشڪ اُهوئي آهي تمام گهڻيون توبهون قبول ڪندڙ نهايت رحم ڪندڙ. اسان حُڪم ڏنو ته لهي وڃو، ته جنهن پيروي ڪئي مُهنجي هدايتن جي، اُن کي نه خوف هوندو، ۽ نئي هو غمگين ٿيندو ۽ جن ڪُفر ڪيو ۽ جهٺلايو اسانجي آيتن کي ته هو دوزخي هوندو ۽ هميشه لاءِ ان ۾ رهندو.

    ان مثل عيسي عندالله آدم خلقهُ من تراب ثم قال لهُ ڪُن فيڪون ( العمران) بيشڪ مثال عيسي ع جو الله تعالي جي ويجهو آدم ع وانگر آهي، ٺاهيائين اُن کي مٽيءَ سان ۽ پوءِ چيو ته ٿي وڃ! (ۡڪُن فيڪون) ته هو ٺهي ويو.

    يا ايهاالناس اتقوا ربڪم الذي... عليڪم رقيبا (نساءِ) اي ماڻهئو! ڊڄو پنهنجي رب کان جنهن پئدا ڪيو توهان کي هڪ زندگيءَ مان ۽ پئدا ڪيا اُن مان جوڙا ۽ ڦهلائي ڇڏيا ان ٻنهين مان گهڻي تعداد ۾ مرد ۽ عورتون ۽ ڊڄو الله تعالي کان، الله کان گهُرو ، نه ته هڪ ٻئي کان جڏنهن الله آهي ۽ ڊڄو حمل ڪيرائڻ کان بيشڪ الله هر وقت توهان تي نگران آهي.

    يا ايها الناس انا خلقنا ڪم من..... عليم خبير (الحجرات) اي مانهئو! اسان پئدا ڪيو آهي توهان کي هڪ مرد ۽ هڪ عورت مان ۽ ٺاهيون توهان ۾ مُختلف قومون ۽ خاندانَ ته هڪ ٻئي کي سُڃاني سگهو. توهان مان گهڻو معزز الله لاءِ اُهو آهي جيڪو توهان ۾ گهڻو مُتقي آهي . بيشڪ الله تعالي عليم ۽ خبير آهي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏30 جون 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ” الله تعالي فرشتن کي چيو ته آئون پئدا ڪرڻ وارو آهيان بشر کي گپ مان، بس جڏنهن ان جي تخليق ڪري ان ۾ پنهنجو روح وجهان ته توهان ڪري پئجوان جي سامهون سجدي ۾ (سوره ص)

    امام احمد چيو، هن سان يحيا ۽محمد بن جعفر بيان ڪيو، يحيا ۽ محمد بن جعفر چيو ته هن سان عوف بيان ڪيو ۽ عوف چيو ته هن سان قسامه بن زهير بيان ڪيو ۽ انهن ابو موسي اشعري رضه سان روايت ڪئي ته حضور صلعم فرمايو ته” ان الله خلق آدم من قبضه قبضها من جميع الارض فجاءَ بنو آدم علي الارض. جاءَ منهم الابيض والاحمر و الاسود و بين ذالڪ و الخبيث الطيب و السهل و الحزن و بين ذالڪ“ الله تعالي حضرت آدم عليه السلام کي مٽيءَ مان تخليق ڪيو جيڪا پوري ذمين مان کئين وئي بس پوٰ حضرت آدم ع جو اولاد به زمين مطابق پئدا ٿيو. ڪو ان ۾ اڇو آهي ته ڪو ڳاڙهو، ڪارو ۽ سانورو. ڪو نيڪ آهي ته ڪو بدڪار. ڪو سخت مزاج آهي ته ڪو نرم ۽ ڪو نه گهڻو سخت ۽ نئي گهڻو نرم بلڪه معتدل.

    روايت ڪئي آهي سدي ابي مالڪ ۽ ابي صالح کان ۽ انهن ابن عباس ۽ مره” کان ۽ ان حضرت ابن مسعود ۽ ٻين صحابين رضيه کان ته آدم ع جي تشڪيل ڪرڻ کان پهرين الله ج جڏنهن حضرت جبريل عليه السلام کي زمين تي مٽي آڻڻ لاءِ موڪليو ته زمين چيو ته” آئون توکان الله تعلي جي پناه ٿي گهران ته مون مان مٽي ڪڍي مو ن ۾ عيب نه وجهه“ ۽ جبريل ع واپس اچي ويو چيو ته اي مولي ا ڪريم مان زمين مان مٽي ڪڍي نه سگهيس جو هن مونکان تنهجي پناه جي درخواست ڪئي هُئي.الله تعالي پوءِ حضرت ميڪائل ع کي موڪليو جيڪو پڻ ساڳئي عذر سان واپس وريو، آخر۾ پوءِ الله تعالي موت جي فرشتي حضرت عذرائيل ع کي مٽي آنن لاءِ زمين تي موڪليو ۽ زمين جي درخواست تي زمين کي وراڻيو ته آئون به الله جي پناه ٿو گهران، جي مان خالي هٿ وريس ۽ الله جي حڪم جي بجا آوري نه ڪيم ته، پوءِ هن زمين جي مختلف حصن مان مٽي ڪڍي جيڪا ڪجهه ڳاڙهي رنگ جي، ڪُجه، ڪاري رنگ جي ۽ ڪُجه اڇي ۽ ٻين رنگن جي هُئي، سڀني کي پاڻ ۾ ملايو ايستائن جو هو گارو گپ بڻجي وئي. ۽ آئي الله جي اڳيان رکيائين.

    حضرت آدم عليه السلام 40 تائين مٽيءَ مان ٺهندڙ هڪ بيجان ٺڪر جيان جسم رهيو، چون ٿا ته هي سال جمع جي ڏينهن برابر هو، فرشته جڏنهن ان جسم جي ويجهو گذرندا هُئا ته اُن کي ڏسي ڊڄندا هُئا پرسڀ کان وڌيڪ خوف ابليس کي ٿيندو هو. هو جڏنهن به آدم عليه السلام جي ٺڪر ٿيل جسم ويجهو گُذرندو هو ته اُن کي ٿُڏا هڻندو هو، جنهن سان هن خا لي ٺڪري جسم مان کڙکڙاهٽ پئدا ٿيندي هُئي. ان موقعي تي الله تعالي جو فرمان آهي ته ” و من صلصال ڪا الفجار (سوره رحمان) وڄندڙ واري مٽي مان، ٺڪريءَ وانگر. شيطان اهو به سوال ڪندو رهندو هو ته هن کي ڇو تخليق ڪيو ويو آهي، هو هن خالي جسم جي اڳيان داخل ٿي ٻاهر به نڪري ويندو هو ۽ فرشتن کي چوندو هو ته هن بوتي کان ڊڄو نه بيشڪ پنهنجو رب غني آهي پر هي جسم

    کوکلو آهي ۽ جي مان هن تي مُسلط ٿي ويس ته هن کي هلاک ڪري ڇڏيندس. (والله اعلم بثواب)

    بلآخر وقت اچي ويو ۽ الله ج فرشتن کي مُخاطب ٿي چيو ته”جڏنهن مان هن جسم خاڪي ۾ پنهنجو روح ڦوڪيان ته توهان سڀئي هن جي اڳيان سجده ريز ٿي وڃجو،“جڏنهن الله ج ان ۾ روح ڦوڪيو ۽ پوءِ جيئن ئي روح حضرت آدم جي مٿي تائن پُهتو ته آدم ع کان ڇڪ نڪري وئي، ۽ فرشتن آدم کي تلڪين ڪئي ته (الحمدُ لله ) چئو!، آدم ع (الحمدلله) چئي پهريو ڪلام ڪيو ـ ته موٽ ۾ الله (رحمڪ ربڪ) تنهنجي رب توتي رحمت ڪئي!، چيو. جڏنهن روح آدم ع جي اکين تائين پهتو ته هن جنت جي ميون کي ڏٺو، جڏنهن روح هن جي پيٽ تائي پهتو ته هن کي بک جي خواهش ٿي ۽ ان کان پهرين جيئن ئي روح هن تي پيرن تائين پهتو ته هن جلدئي جنت جي ميوون کي پٽي کائڻ جي ڪوشش ڪرڻ چاهي ته ، انهيءَ پس منظر۾ الله ج فرمايو ته(خلق الانسان من عجل) انسان جي فطرت ۾ جلد بازي آهي (سوره انبياءِ).

    امام احمد حضرت انس رضه روايت ڪن ٿا ته نبي صلعم فرمايو ته (جڏنهن الله تعالي آدم ع جي جسم کي ٺاهيو ۽ ڪجه عرصي تائين ان کي مقرر وقت تائين ڇڏي ڏنوهو ته ابليس هن جسم جي ويجهو اچڻ وڃڻ لڳو، جڏنهن هن کي خبر پئي ته هي کوکلو آهي ته سمجهي ويو ته هن ۾ ضبط نفس جي گهٽتائي آهي. حضرت انس بن مالڪ کان روايت آهي ته نبي ص ٻُڌايو ته جڏنهن آدم ع ۾ روح ڦونڪيو ويو ته جيئن اهو مٿي تائين پهتو ته هن کان ڪتي ۽ هن (الحمدلله رب العالمين) ڇيو موٽ ۾ الله (يرحمڪ الله ) چيو. حضرت عمربن عبالعزيز کان روايت آهي ته جڏنهن فرشتن کي سجدي جو حڪم مليو ته سڀ کان پهرين حضرت اسرافيل ع سجدو ڪيو جنهن جي صله ۾ الله ج هن جي پيشانيءََ تي قرآن لکي ڇڏيو (هن کي ابن عسارڪر روايت ڪيو آهي).

    امام احمد، سعيد بن مسيب ۽ حضرت ابوهريره کان روايت آهي ته نبي صلعم فرمايو ته (حضرت آدم ع جو قد سٺ وال ڊگهو ۽ جسم جي چوڙائي ست وال هُئي.امام احمد، ابن عباس رضيه روايت ڪن ٿا ته، حضرت آدم عليه السلام جي عمر هڪ هزار سال هُئي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    مون توهان کي آدم ع جي پُٺ مان ڪڍي هڪ عهد ورتو هو ته مونسان ڪنهنکي به شريڪ نه بڻائجو. (الله جل شانهُ جا فرمان).
    واذ اخذ ربڪ من بني آدم من ظهور هم ذريتهم و اشهد هم علي انفسهم الست بربڪم قالو بلي(سوره الاعراف) مُحمد صلي الله عليه وسلم ”ياد ڪرجڏنهن تنهنجي رب اولاد آدم جي پُٺ مان هن جو نسل نروار ڪيو ۽ ان کي خود پاڻ لاءِ گواه بڻايو ته ڇا مان توهانجو رب ناهيان، سڀني چيو ته ڇو نه.حضرت امام مالڪ بن انس رضيه پنهنجي ڪتاب موطه ۾ حضرت زيد بن انيسه رضيه کان روايت ڪئي ته حضرت عمر بن خطاب رضيه کان هن آيت ڪريمه جي متعلق پڇيو ويو. پاڻ فرمايائون ته جڏنهن نبي صلعم سائين جن کان پڇيو ويو هو ته هنن فرمايو تهـ الله تعالي حضرت آدم ع کي پئدا ڪيو ۽ ان جي پٺ تي دست قدرت رکي ته آدم جو تمام اولاد ظاهر ٿي پيو، الله ج فرمايو ته هي سڀئي جنت لاءِ پئدا ڪيا ويا آهن.۽ جنتين لاءِ ڪم ڪندا. الله ج وري آدم ع جي پُٺ تي دست قدرت رکيو ته بقيا اولاد ظاهر ٿي پيو، جنهن لاءِ الله ج آدم ع کي ٻُڌايو ته هي جهنم لاءِ پئدا ڪيا آهن ۽ جهنمين لاءِ ڪم ڪندا. اُتي هڪ صحابيءَ عرض ڪيو ته يا رسول ا لله ته پوءِ اسان نيڪ عمل ڇو ٿا ڪريون ، پاڻ صلعم فرمايو ته جن کي جنت لاءِپئدا ڪيو ويو آهي اهي جنت وارا ڪم ڪندا ايستائن جو سنن خاتمو به نيڪ عمل تي ٿيندو ۽ جن کي جهنم لاءِ پئدا ڪيو ويو آهي انهن کي خراب ڪمن ۾ مشغول رکندو ايستائين جو سندن خاتمو به خراب عمل ڪرڻ تي ٿيندو ۽ جهنم ۾ داخل ٿيندا.

    هن حديث کي امام احمد، امام ابو دائود، امام ترمذي، امام نسائي، امام ابن حرير، ابن ابي حاتم پنهنجن صحيحن ۾ مُختلف طريقن سان حضرت امام مالڪ رضيه کان روايت ڪيو آهي. امام احمد، حضرت ابن عباس رضيه کان روايت ڪن ٿا ته نبي سائين صلعم ٻُڌايو ته الله تعالي سڀني اولاد آدم کان اهو ميثاق نائين ذوالحج تي مقام نعمان ۾ ورتو هو ۽ پوءَ ان سان گفتگو ڪري پُڇيو ته ـ “الست بربڪم قالو بلي شهدنا، ان تقولو يوم القيامه انا ڪنا عن هاذا غافلين. او تقولو انما اشرڪ آباءِ من قبل و ڪنا ذريه” من بعد هم افتهلڪنا بما فعل المطلبون. (ڇا مان توهان جو رب ناهيان، سڀني چيو بيشڪ تون اسان جو رب آهين. اسان گواهي ڏني ته توهان روز محشر اهو نه ڇئو ته اسان ان کان بيخب هئاسون يا نه ڇئو ته شرڪ ته صرف اسان جي وڏن ڪيو هو پهرين، ۽ اسان ته ان جي اولاد آهيون پوءِ کان. ته ڇا تون اسان کي هلاک ڪندي ان شرڪ جي ڪري جيڪي ڪيو هو باتلن. هن حديث کي ابن حرير، نسائي ۽ حاڪم به پنهنجن مستدرڪن ۾ حسين بن محمد مروزي کان روايت ڪيو آهي ۽ حاڪم به چئي ٿو ته هي حديثون صحيه آهن (ُالله اعلم بثواب).

    “ واذ اخذنا من النبين ميثاقهم و منڪ و من نوح و ابراهيم و موسي و عيسي ابن مريم و اخذنا منهم ميثاقا غليظا“ ياد ڪر جڏنهن اسان سڀني نبين کان عهد ورتو ۽ توهان کان به(صلي الله عليه وسلم)، ۽ نوح، ابراهيم ۽ موسي ۽ عيسي بن مريم (عليهما السلام) کان به ۽ اسان هنن سڀني کان پڪو عهد ورتو هو. ”فاقم وجهڪ للدين حنيفا. فطره الله التي فطر الناس عليها لا تبديل لخلق الله (سوره روم) ته توهان پنهنجا ٻوٿ سڌا ڪريو الله جي اطاعت لاءِ، هڪ، اڪيلي انهيءَ جا ٿي ڪري، الله جي تخليق جنهن تي ماڻهن کي پئدا ڪيو ويو، الله جي ٺاهيل ، نه بدلجو ڇو اهوئي سچو دين آهي.

    “ و ما وجدنا لاڪثرهم من عهدوان وجدناوجدنااڪثرهم الفاسقينه” (سوره الاعراف)۽ نه لڌو اسان انهن جي اڪثريت کي وعده جو پابند ۽ ضرور لڌو کين انهن مان گهڻن کي، حڪم عدولي ڪرڻ وارن مان.


    طبراني، علي بن عبدالعزيز، حجاج بن منهال، حماد بن سلمه،علي بن زيد، يوسف بن مهران حضرت ابن عباس رضيه ۽ ٻين صحابين رضيه عنها کان رويت ٿيل آهي ته جڏنهن قرض جي آيت جو نزول ٿيو ته نبي سائين جن ارشاد فرمايو ته” بيشڪ سڀ کان پهرين انڪار ڪرڻ وارو حضرت آدم عليه السلام هُئا، ۽ پاڻ اهو جملو ٽي دفعا دُهرايو هو.

    مٿين آيتن مان ثابت ٿئي ٿو.چئجي ٿو ته هڪ ڏينهن الله تعالي قيامت تائين پئدا ٿيندڙ اولاد آدم کي گڏ ڪيو، انهن کي شڪل و صورت ڏئي هنن سان گفتگو ڪئي هنن کان عهد وميثاق ورتو ۽ ميثاق(الست برڪم) ڇا مان توهان جو رب ناهيان؟ سڀني وراڻيو (بلي) ڇو نه .پوءِ الله فرمايو”مان ان تي ستن آسمانن ۽ ستن زمينن کي گواه مقرر ڪريان ٿو، ۽ توهان تي توهان جو ابو آدم ع به گواه هوندو. ته جيئن قيامت جي ڏينهن توهان ائين نه چوڻ لڳو ته اسان ته هن عهد و پيمان کان واقف ئي نه هُئاسون. مُهنجو عهد اهو آهي ته مونکان سوا ڪير به عبادت جي لائق ڪونهين، ۽ مونکان سواءِ توهان جو ڪو به رب ناهي ، مونسان ڪنهن کي به شريڪ نه بڻايو ، مان توهان ڏي رسول ص موڪليندس جيڪي توهان کي مُنهنجا عهد و پيمان ياد ڏياريندا ۽ مان هدايت جي خاطر پنهنجا ڪتاب نازل ڪندس. اولاد آدم وراڻيوـ اسان گواهي ڏيون ٿا ته تون ئي اسانجو رب ۽ معبود آهين، توکان سواءِ اسانجو ڪو به رب ناهي، توکان سواءِ اسان جو ڪو به معبود ناهي.

    امام ترمذي، حضرت ابوهريره رضه کان روايت ٿو ڪري ته نبي ص جن فرمايو ته” جڏنهن الله ج آدم ع کي پئدا ڪيو ته هنجي پُٺ تي دست قُدرت رکيو ته سندن پُٺ تي قيامت تائين پئدا ٿيندڙ هر روح ظاهر ٿيو ۽ هر شخص جي ٻنهين اکين جي وچ ۾ هڪ روشني پئي ٻهڪي، جڏنهن ان کي آدم ع تي ظاهر ڪيو ويو ته هن الله ج کان پُڇيو ته هي ڪير آهن؟ الله ج فرمايو ته هي تنهنجو اولاد آهي. انهن ۾ هڪ اهڙو شخص به هو جنهن جي پيشانيءِ جي روشنيءَ حضرت آدم ع کي حيران ڪري ڇڏيو، پاڻ پُڇيائون” اي رب ڪريم هي شخص ڪير آهي، الله فرمايو هي آخري اُمتن مان هوندو.هن جو نالو دائود ع هوندو. آدم ع عرض ڪيو ته اي الله تو هن کي عُمر ڪيتري ڏني آهي؟ الله ج فرمايو ته سٺ سال. آدم ع عرض ڪيو ته يا رب هن جي عمر ۾ اضافو ڪريو، الله رب العزت فرمايو ته هن جي عُمر ايتري ئي لکي وئي آهي، آدم ع عرض ڪيو ته رب العزت هن کي مُهنجي عمر مان چاليه سال ڪٺي هن کي ڏئي سئو سال پوري ڪري ڇڏيو. الله فرمايو ٺيڪ ! هي تنهنجو ۽ هن جو معاملو آهي.

    ۽ پوءِ آدم ع کي حڪم ٿيو ته جنت ۾ رهائش ڪري. آدم ع هڪ خاص عرصي تائين مولا جي مرضي تحت جنت ۾ رهيا ۽ پوءِ شيطان جي ورغلائڻ تي زمين تي آيا ۽ پنهنجي عُمر جو حساب ڪتاب ڪندا رهيا ايستائين ڪه ملڪ الموت سندن روح قبض ڪرڻ اچي ويو، پاڻ کيس چيائون ته تون جلد ئي اچي ويو آهين، جڏنهن ته مُهنجي عُمر هزار سال لکيل آهي، فرشتي چيو ته بلڪل پر ڇا توهان ان مان چاليه سال پنهنجي پُٽ دائود ع کي ڏئي ڇڏيا هُئا؟ حضرت آدم ع کي ويسار ٿي هُئي ۽ هن مڃڻ نڪار ڪيو هو. حضور صلعم چيو ته آدم ع ويسار جي ڪري انڪار ڪيو تنهنڪري هن جو اولاد به انڪار ڪري ٿو، هن کي ويسار ٿي انڪري آدم ع اولاد کي به ويسار ٿئي ٿي ٰ حضرت آدم ع کان لغزش ٿي هئي ان ڪري هن جي اولاد کان به گناه ٿين ٿا(امام ترمذي هي حديث نقل ڪرڻ کان پوءِ چون ٿا ته هي حسن صحيه آهي، هي حديث هڪ ٻي سند سان به حضرت ابو هريره نبي سائينءَ جي حوالي سان روايت ڪئي آهي). الله تعالي پنهنجي ڪرم سان حضرت دائود عليه السلام جي عمر سئو سال ڪئي ۽ گڏوگڏ آدم عليه السلام جي عمر به هزار سال رهڻ ڏني. ( امام احمد هن حديث کي روايت ڪرڻ ۾ اڪيلو آهي. (والله اعلم بثواب)

    حديثن مان خبر پئي ٿي ته آدم ع جي پئدائش وقت هڪ ڏينهن اڄ جي ست هزار سالن جي برابر هو.(حضرت ابن عباس رضه) ڪي راوي چون ٿا ته پاڻ جيتري مُدت زمين تي رهيا اوتري ئي جنت ۾ گُذاريائون. ابن جرير چئي ٿو ته پاڻ جمع جي آخري گهڙين ۾ پئدا ٿيا ۽ اُتي جي هڪ گهڙي اسي سال، چار مهنا دنيا جي هُئي(مسلم) پاڻ روح ڦوڪڻ کان پهرين هڪ هڪ جسد خاڪيءَ جي حيثيت ۾ چاليه سال رهيا ۽ هبوط جنت کان پهرين ٽيتاليه سال چار مهنه جنت ۾ رهيا(والله اعلم بثواب) حضرت ابو هريره کان روايت آهي ته آدم ع جمع جي آخري گهڙين ۾ پئدا ڪيا ويا ۽ انهيءَ ڏينهن جنت مان ڪڍيا ويا.

    جنهن جنت ۾ حضرت آدم ۽حوا عليها السلام کي ترسايو ويو هو،ان باري ۾ عالمن ۾ اختلاف آهي ته اُها جنت ڪٿي هُئي، آسماننتي (جنت الماوي) يا زمين تي(جنت الخلد). جهمور علما جو موقف آهي ته اُها آسمان تي هُئي جنهن جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ به اچي ٿو. “وقلنا يا آدم اسڪن و زوجڪ الجنه” (سوره بقره) ۽ اسان چيو ته اي آدم تون ۽ تنهنجي زال جنت ۾ رهو. صحيح مسلم ۾ ابو هريره ۽ حذيفه رضيه عنهم کان روايت آهي ته نبي سائين چيو“يجمع الله الناس فيقوم الموئمنون حين تزلف الجنه. فياتون آدم فيقولون يا ابانا...استفتح لنا جنه فيقول. وه هل اخرجڪم من الجنه الا خطيئط ابيڪم؟
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    آدم عليه السلام جو قد، پهرين خوراڪ، لباس، پهري اولاد جو جنم ، قابيل ۽ هابيل قتل، قتل جي جڳه، ڪانگ جو دفنائڻ سيکارڻ.
    حضرت ابو هريره رضيه کان روايت آهي ته نبي سائين صلي الله عليه واسلم فرمايو ته جڏنهن حضرت آدم عليه السلام کي تخليق ڪيو ويو ته سندن قد 60 وال هو ۽ پوءِ تائين آدم ع جي اولاد جو قد گهٽجندو وڃي. حضرت ابو هريره رضيه کان ئي روايت آهي ته سندن زمين تي به پهرين خوراڪ ڪڻڪ ئي هُئي. حضرت جبريل عليه السلام جڏنهن ڪڻڪ جا ست داڻا آڻي ڏنا ته آدم ع پُڇيو ته هي ڇو ! ته حضرت جبريل ڇيو ته اُن وڻ جو ميوو جنهن کي کائڻ لاءِ توهان کي روڪيو ويو هو، پاڻ پُڇيو ته پوءِ هاڻ ان کي ڇا ڪريان، حصرت جبريل ع وراڻيو ته زمين تي پوکيو. حضرت آدم ع پوءِ اُهي داڻا وٺي زمين تي پوکي ڇڏيا. ڪڻڪ جي هر داڻي مان الاهي مقدار ۾ داڻا نڪتا پاڻ فصل ڪٽي صاف ڪيو ۽ ڪي داڻا وري زمين تي پوکي ڇڏيا. باقين کي پيسي اٽو ڪيو ۽ ڳوهي ماني ٺاهي ۽ ايڏي مشقت ڪرڻ کان پوءِ کاڌو. فلا يخر جن ڪما من الجنه فتشقي (سوره طه) ته ائين نه ٿئي ته هو ڪڍي ڇڏي توکي جنت مان ۽ تون مُصيبت ۾ پئجي وڃين.

    زمين تي حضرت آدم ۽ بيبي حوا علهما جو پهريو لباس گهيٽي جي اُن جو هو . جنهن کي آدم ع گهيٽي تان لاٿو، صاف ڪري پهرين پنهنجي لاءِ هڪ جبو تيار ڪيو ۽ حضرت حوا لاءِ پوري جسم کي ڍڪڻ جو لباس ۽ مٿي لاءِ هڪ چادر. حضرت آدم ۽ بيبي حوا عليهما کي جاڙا ٻار چئدا ٿيندا هُئا هڪ ڇوڪرو ۽ ٻي ڇوڪري. الله تعالي جو آدم ع کي حڪم ٿيو ته ته هر جوڙي مان ڇوڪري کي ٻئي جوڙي جي ڇوڪريءَ سان نڪاح ڪرائي ڇڏ ۽ اهو سلسلو جاري رهيو ۽ڪنهن به ڇوڪري لاءِ پاڻ سان گڏ پئدا ٿيندڙ جاڙي ڇوڪريءِ سان نڪاح ڪرڻ جائز نه هو.امام ابو جعفر بن جرير پنهنجي تاريخ ۾ ڪن ماڻهن جي حوالي سان نقل ڪيو آهي ته حضرت آدم عليه السلام جا ويه پُٽ ٿيا جيڪي سڀئي بيبي حوا ع جي بڀن مان پئدا ٿيا ۽ سڀئي جاڙا هُئا. آدم ع فقط هڪ شادي بيبي حوا سان ڪئي هُئي ڇو جو اولاد سان شادي ڪرڻ تڏنهن کان ئي حرام آهي. ابن اسحاق به اهو تعداد ٻُڌيو آهي ۽ هن ته انهن جا نالا به نقل ڪيا آهن (والله اعلم بثواب)

    ڪن جو چوڻ آهي ته هڪ 120 ڄمن مان 240 جاڙا ٻار ڄاوا ۽ هر هڪ ڄم ۾ هڪ ڇوڪرو ۽ هڪ ڇوڪري هُئا. پهرئين ڄم ۾ قابيل ۽ ان جي ڀيڻ قليما پئدا ٿي ۽ ٻئي جنم ۾ هابيل ۽ ان جي ڀيڻء۽ جڏنهن ته آخري ڄم مان عبدالمغيث ۽ ان جي ڀيڻ ام المغيث پئدا عيا هُئا. ۽ انهن ئي اولادن مان ٻيا يعني آدم ع جا پوٽا ٿيا جيڪي زمين تي ڄمندا ۽ ڦهلجندا رهيا جنهن لاءِ الله ج به فرمايو آهي ته “يا ايهناس اتقو ربڪم الذي خلقڪم من نفس واحده و خلق منها زوجها و بث منهما رجالا ڪثيرا و نساءءِ” اي انسانئو ڊڄو پنهنجي رب کان جنهن پئدا ڪيو توهان کي هڪ جان مان ۽ پئدا ڪيا ان مان جوڙا ۽ ٻنهين مان گهڻي تعداد ۾ مرد ۽ عورتون. (سوره النساءِ) تاريخ دان چون ٿا ته حضرت آدم ع پنهنجي وصال کان پهرين پنهنجي اولادن، انهن جي اولادن ۽ انهن جي اولادن مان هڪ لک انسان پنهنجي اکين سان ڏٺا هُئا (والله اعلم بثواب).

    حضرت عبدالله ابن عباس، حضرت ابن مسعود ۽ ٻيا صحابي رضيه روايت ڪن ٿا ته الله جي حڪم سان حضرت آدم ع جي هر جوڙي جي ڇوڪري جي ٻئي جوڙي جي ڇوڪريءَ سان ٿيندي هُئي. هابيل جو ارادو هو ته قابيل جي ڀيڻ سان شادي ڪري جيڪو عمر ۾ هابيل کان وڏو هو. جيئن ته قابيل جي جاڙي بهڻ تمام خوبصورت هُئي ان ڪري قابيل الله جي ان قانون کي ٽوڙي پاڻ پنهنجي ڀيڻ سان شادي ڪرڻ جو خواهشمند ٿيو. حضرت آدم ع کي اها ڳاله ڪانه وڻي ۽ هُن قابيل کي حڪم ڏنو ته هو پنهنجي ڀيڻ جي شادي هابيل سان ڪري پر هو انڪار ڪندو رهيو. پوءِ آدم ع الله جي منشا وٺڻ لاِ ٻنهين کي قربانيءَ جڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ پاڻ مڪه مڪرم ۾ حج ڪرڻ لاءِ روانا ٿي ويا. وڃڻ مهل حضرت آدم ع آسمانن کي پنهنجي ٻنهين ٻارن جي حفاظت جو عرض ڪيو، جنهن ته آسمانن انڪار ڪيو، پوءِ پاڻ زمينن ۽ جبلن کي ٻنهين جي حفاظت لاءِ چيو جن به انڪار ڪيو آخر ۾ قابيل ذمه کنيو ته ۽ حضرت آدم ع حج ڪرڻ روانا ٿي ويا.

    پويان آدم ع جي حڪم تي ٻئي قرباني ڪري الله جي منشا لاءِ تياري ڪرڻ لڳا، هابيل جيڪو ٻڪريون چاريندو هو تنهن پنهنجن ٻڪرين مان هڪ موٽو تازو ٻڪر الله جي راه ۾ قرباني ۽ منشا لاءِ ذبح ڪيو، جڏنهن ته قابيل زراعت ڪندو هو ۽ پنهنجي پوکيل زرعي جنسن مان خراب جنسون ڪڍي ڍير ڪري قربانيءِ لاءءِ پيش ڪيون . آسمان تان باه لٿي ۽ جنهن هابيل جي قرباني کئي ڇڏي پر قابيل جي قرباني اهڙي جي اهڙي رهي ۽ الله قبول نه ڪئي، جنهن تي قابيل ناراض ٿي ڪاوڙ ۾ هابيل کي ڇيو ته آئون توکي قتل ڪري ڇڏيندس ته جيئن تون مُهنجي ڀيڻ سان شادي نه ڪري سگهين، هابيل وراڻيس ته قرباني ته صرف متقين جي قبول ٿئي ٿي. هي حديث حضرت ابن عباس ۽ ٻين گهڻن ئي سندن سان روايت ٿي آهي، هن کي عبدالله ابن عمرو سان به روايت ڪيو ويو آهي.

    “ واتل عليهم نبا انبي آدم بالحق... فاصبح من الندمين (سوره المائده) ۽ مُحمد صلعم ـ پڙهي ٻُڌاءِ انهن کي خبر آدم جي ٻن پُٽن جي ٺيڪ طرح سان، جڏنهن ٻنهين قرباني ڏني ته قبول ڪئي وئي هڪ کانٻئي جي ۽ (چيو ٻئي) ته قسم آهي توکي قتل ڪري ڇڏيندس (پهرئين) چيو (تون خوامخواه ناراض ٿو ٿين) قبول ڪري ٿو الله صرف پرهيزگارن جي، تو جي وڌايو پنهنجو هٿ اڳيان موکي قتل ڪرڻ لاءِ، مان نه وڌائيندس پنهنجو هٿ تو ڏانهن ته توکي قتل ڪري ڇڏيان، مان ته ڊڄان ٿو الله کان، مالڪ آهي جيڪو سڄي جهانن جو، مان ته اهو ڇاهيان ٿو ته کڻي وٺ مُهنجا گناه ۽ پنهنجا به ته ٿي وڃي دوزخين مان ۽ اهائي سزا آهي ظلم ڪرڻ وارن جي، بس پوءِ آسان ٿي ويو هن جي نفس لاءِ پنهنجي ڀاءُ کي قتل ڪرڻ سو قتل ڪري ڇڏيائينس ۽ پوءِ ٿيو سخت شرمندگي کڻڻ وارن مان. پوءِ موڪليو الله هڪ ڪانگ کي، کوٽِي جنهن کڏ ، ته ڏيکاري هن کي ته ڪيئه لڪائي لاش پنهنجي ڀاءُ جو، چوڻ لڳو هاءِ افسوس! ڪيڏو بيوس رهيس، جي هجان ها هن ڪانگ وانگر، ته لڪائي سگهان ها لاش پنهنجي ڀاءُ جو، ۽ پوءِ هو ٿيو گهڻو پڇتائڻ
    وارن مان“ ( سوره المائده)

    حضور صلي الله عليه وسلم جن جي هڪ حديث آهي جنهن کي بخاري ۽ مسلم ۾ روايت ڪيو ويو آهي هن آيت جي نسبت سان جنهن سان ثابت ٿئي ٿو ته قتل هڪ نا پسنديده جُرم اهي ۽ جيڪڏنهن اهڙا حالات پئدا ٿين ٿا ته هڪ مُسلمان ٻئي مسلمان کي قتڪ ڪرڻ لاءِ تيار ٿئي ٿو ته ڪنهن به هڪ شخص کي ان ارادي ۽ پهل ڪرڻ کان بچڻ گهرجي تڏنهن ئي نبي ص فرمايو ـ ٻه مُسلمان تلوارون مقابلي هڪ ٻئي جي اچن ته قاتل ۽ مقتول ٻئي جهن،م ۾ داخل ٿيندا “ صحابن پڇيو”
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    موجوده تورات(منسوخ ٿيل) ۾ آهي ته حضرت آدم عليه السلام پنهنجن نون پُشتن کي ڏٺو هو ۽ بائبل جي مطابق سندن ڪل عمر 930 سال ٿئي ٿي؟.
    حافظ عمادالدين ابن ڪثير چئي ٿو ته کيس موجوده تورات ڏسڻ جو اتفاق ٿيو جنهن ۾ لکيل آهي ته الله تعالي هابيل کي قتل ڪرڻ کان پوءِ قابيل تي فورا” عذاب نازل ڪو نه ڪيو هو پر هن جي عذاب ۾ تاخير ڪري هن کي مهلت ڏني هُئي. هو عدن جي مشرق ۾ شهر “نود” ۾ رهيو جنهن کي “قنين” چئبو هو. هن جي پُٺ مان “خنوخ” پئدا ٿيو هو. ۽ خنوخ مان “عندر” پئدا ٿيو هو. عندر مان “محو ايل” ۽ محو ايل مان “متوشيل”، متوشيل مان “لامڪ” ۽ لامڪ ٻه شاديون ڪيون هُيون. سندس هڪ زال جو نالو ”عدا“ هو ۽ ٻي زال جو نالو “صلا” هو. عدا مان هڪ ٻار پئدا ٿيو جنهن جو نالو “ابن” هئو، اهوئي اهو پهريون شخص هو جيڪو خيمن ۾ رهندو هو ۽ مويشي پاليندو هو. هن جي زال جاي پيٽ مان هڪ ٻيو ٻار به پئدا ٿيو هو جنهن جو نالو “توبل” رکيو ويو. توبل ، ارغونن ۽ بينون وڄائڻ وارن جو ابو هو ۽ “صله” ٻئيءَ جي بطن مان هڪ ٻار پئدا ٿيو جنهن جو نالو “بلقين” هو هي اُهو پهريون شخص هو جنهن لوه ۽ پتل جي صنعت جي شروعات ڪئي، صله مان هڪ ڇوڪري به ڄايس جنهنجو نالو “نعمي” رکيو ويو.

    چون ٿا ته جنهن وقت حضرت آدم عليه السلام کي حضرت شيش عليه السلام پئدا ٿيو ته سندن عمر 130 سال هُئي. ان کان پوءِ به پاڻ 870 سال زنده رهيا. کين ڇوڪرا ۽ ڇوڪريو پئدا ٿيون . انوش مان قينان پئدا ٿيو، ان وقت انوش جي عمر 70 سال هئي ۽ ان کان پوءِ هوءَ 815 سالن جي ٿي ته ان کي به ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پئدا ٿيون. جڏنهن قينان جي عمر 70 سال ٿي ته ان کي به ڇوڪرا ۽ ڇوڪرون ڄايون، جڏنهن مهلا ييل جي عمر 65 سال ٿي ته ان کي “يرو” پئدا ٿيو ۽ ان کان پوءِ هو 800 سال زنده رهيو. ۽ جڏنهن “يرو” 162 سالن جو ٿيو ته ان مان خنوخ پئدا ٿيو جنهن کان پوءِ هو به 800 سال جيئرو رهيو ۽ ان کي به پُٽ ۽ ڌيئرون پئدا ٿيون.

    جڏنهن خنوخ جي عمر75 سال هئي ته ان مان متوشلخ پئدا ٿيو ۽ ان کان پوءِ خنوخ 800 سالن تائين جيئرو رهيو ۽ ان مان به پُٽ ۽ ڌيئرون ڄايون. جڏنهن متوشلخ جي عمر 137 سال ٿي ته هن مان لامڪ پئدا ٿيو ۽ اهو به 782 سال جيئرو رهيو ان مان به پُٽ ۽ ڌيئرون پئدا ٿيون. جڏنهن لامڪ جي عمر 182 سالن جي ٿي تهحضرت نوح علاه السلام پئدا ٿيا جيڪي 595 سال زنده رهيا ۽ ان مان به پُٽ ۽ ڌيئرون پئدا ٿيون ۽ جڏنهن حضرت نوح عليه السلام جي عمر مُبارڪ 500 سال ٿي جيڪي ٻار ان مان پئدا ٿيا انهن جا نالا سام، حام ۽ يافث هُئا.

    تورات ۾ ٻُڌايل مٿين تاريخن کي جي ڏسجي ته انهن مان خبر پوندي ته حضرت آدم عليه السلام پنهنجي نون پُشتن کي ڏٺو هو، ڇو جو بائبل جي حساب سان سندن ڪُل عمر 930 سال هُئي، معني ته جڏنهن حضرت نوح عليه السلام جو والد پئدا ٿيو هو ته حضرت آدم عليه السلام زنده هُئا. حضرت نوح عليه السلام جي والد جي عمر جڏنهن 11 سال ٿي هُئي ته حضرت آدم عليه السلام فوت ٿي ويا هُئا. هن سلسلي مان گهڻي ۾ گهڻي عُمر “محلل اهل” جي ٿي بڻجي جيڪي سند فرزند حضرت شيش عليه السلام جا پڙ پوٽا هُئا.

    هبوط ارضي جي سن 8490 ۾ ان جي وفات ٿي ته ان اعتبار سان هو پنهنجي تقريبا” و20 پُشتن تائين زنده رهيو، ڇو جو حضرت يعقوب عليه السلام جي وفات سن هبوط ارض جي 2580 ۾ ٿي، معني ته انهن حضرت موسي عليه السلام کان پهرين سڀني نبين جو زمانون ڏٺو هو. جيڪڏنهن سندن سن پئدائش 340 به تسليم ڪجي ته سندن عمر 8050 سال ٺهي ٿي. عمرن ۾ ايترو تفاوت حيران ڪن آهي ۽ ڪو به شخص منسوخ ٿيل توريت جي تايخن کي صحيه تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

    امام ابو جعفر بن جرير پنهنجي تاريخ ۾ ڪن کان اها ڳاله نقل ڪئي آهي ته حضرت آدم عليه السلام جا 20 پُٽ ٿيا جيڪي سڀئي بيبي حوا ع مان ٿيا. ابن اسحاق به اهو تعداد ٻُڌايو آهي. ۽ هن ته انهن جا نالا به کنيا آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته بيبي حوا جي بطن مان کين 120 جوڙا (240) جاڙا ٻار ٺاوا هُئا ۽ هر جنم مان هڪ ڇوڪرو ۽ هڪ ڇوڪري هُئا.

    حضرت آدم عليه اسلام جي عمر جي باري ۾ معي پيش ڪيل ۾اختلاف آهي. ڇو جو حضرت ابن عباس ۽ حضرت ابو هريره رضيه ٻُڌائي چُڪا آهن ته لوح محفوظ ۾ سندن عمر هڪ هزار سال درج هُئي، جڏنهن ته موجوده تورات ۾ سندن عمر مبارڪ 930 سال ٿئي ٿي. پر تورات ۽ حديث جيان ڏنل عمر کي ممڪن سمجهجي ته جي اها 930 سال هُئي ته ممڪن آهي ته اها دُنياوي عمر ٻُڌايل هُجي يعني هبوط ارضي کان پوءِ جي عمر. ٻنهين کي جوڙجي ته اها هڪ هزار سال ئي ٺهندي. ٻي صورت هي ءَ به آَهي ته 930 سال شمسي اعتبار سان ۽ هزار سال قمري اعتبار سان، ڇو جو 930 شمسي سال تقريبا” 995 قمري سال جي برابر ٿئي ٿو اهڙي طرح قمري سال مُطابق سند عمر 1000 سال وڃي بيهندي. . ابن ٿساڪر کان حضرت عطا خراساني رح روايت ڪري ٿو ته ٿو ته جڏنهن حضرت آدم عليه اسلام جو وصال ٿيو ته تمام مخلوق تي ست ڏينهن ڏاٺا ڳرا گُذريا.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    وصالِ آدم عليه اسلام ۽ حوا ٻين نبين عليه السلاماجي آمد حضرت شِش عليه اسلام کان شروع ۽ تعداد جيڪ رسيو هو هڪ لک 24 هزارن تائين.
    ابن حيان حضرت ابوذر رضيه الله تعالي عنه کان روايت ڪري ٿو ته “ مون نبي صلي الله عليه وسلم کان پُڇيو ته يا رسولُ الله صلي الله ٿليه وسلم“ ڪُل ڪيترا نبي گُذريا آهن“ پاڻ فرمايائون “ هڪ لک 24 هزار“ مون عرض ڪيو ته “ ۽ رسولَ ڪيترا (عليه السلاما) ؟ “ ته پاڻ ص فرمايائون رسولن ع جو تعدا 313 هو، مون وري عرض ڪيو ته يا رسول الله صلعم سڀ کان ايندڙ پهريون رسول ڪير هُئا، ـ پاڻ صلعم فرمايو “ سڀ کان پهرين جيڪو رسول عليه اسلام آيو اُ، هو هو حضرت آدم عليه السلام، مون وري عرض ڪيو ته ڇا ? حضرت آدم عليه السلام به نبي مُرسل هُئا؟ .چيائون ص ته ها الله تعالي ته کين پنهنجي دست قدرت سان ٺاهيو هو، ان ۾ پاڻ روح کي ڦوڪيائون ۽ کين خوبصورت شڪل به ڏني

    حضرت ڪعب احبار رحه فرمايو ته جنت ۾ صرف حضرت آدم عليه السلام کي ڏاڙهي هوندي، سند ڏاڙهي ڪاري ۽ دُن تائين هوندي، جنت ۾ ڪو به شخص ڪنيت سان نه سڏبو پر صرف حضرت آدم عليه اسلام، دنيام سندن ڪُنيت ابوابشر آهي ۽ جنت ۾ ابو مُحمد هوندي. (والله اعلم بثواب).

    بُخاري و مسلم ۾ حديث معراج ۾ چيل آهي ته “ حضرت محمد صلعم جو معراج تي جڏنهن حضرت آدم عليه اسلام وٽان گُذر ٿيو ته پاڻ آسماني دُنيا ۾ هُئا ۽ محمد صلي الله عليه وسلم کي نيڪ پُٽ ۽ صالح نبي صلعم جهڙن لفظن سان خوش آمديد چيو. حضور صلعم ساڄي وارن طرف ڏٺو ته مُسڪرائيند رهيا ۽ کاٻي پاسي نهاريو ته روئي پيا. پاڻ صلعم فرمايو ته مون جبريل عليه اسلام کان پُڇيو ته ڇا ماجرا آهي ته جبريل ع وراڻيو ته سند کاٻي ، ساڄي پاسي حضرت آدم ع جي اولاد جا روح آهن، ساڄي واري جنتي هُئا جن کي ڏسيآدم عليه اسلام مُسڪرايو هو ۽ کاٻي پاسي وارا جهنمي ، تن کي ڏسي رُنائون.و ُالله اعلم بثواب

    ڪي عالم بيان ڪن ٿا ته جڏنهن پاڻ فرمايائون ته جڏنهن حضرت يوسف عليه اسلام وٽان گُذريا ته ڏٺائون ته کين ته حُسن جو هڪ وڏو ذغيرو عطا ٿيو هو ۽ پاڻ فرمايائون ته حضرت حضرت يوسف عليه اسلام جيو حُسن حضرت آدم ع جي حُسن جي اڌ برابر هو. حضرت عمر رضيه کان مرقوم ۽ روايت ٿيل آهي ته جڏنهن الله جنت پئي ٺاهي ته فرضتن گُذارش ڪئي ته اي رب جل جلال اها جنت اسان کي ڏي، ڇو جو بني آدم لاءِ ته توهان دُنيا جوڙي آهي ، جتان هو کائيندا، پيئندا. الله ج فرمايو ته “ مونکي پنهنجي عزت و جلال جو قسم! مان پنهنجي دست قدرت سان تخليق ڪيل آدم ع جي اولاد کي اهڙي مخلوق وانگر نه ٺاهيندس جنهن کي مون چيو ته “ ٿي وڃ” ۽ هوءِ تخليق ٿي وئي. صحيحن ۽ سڀني محدثن جي مُختلف طريقن سان روايت ٿيل حديثن ۾ اچي ٿو ته نبي ص فرمايو ته ” الله ج حضرت آدم ع پنهنجي صورت ۾ پئدا ڪيو هو (والله اعلم بثواب)

    ابو عبدالله امام احمد، حمزه يحي يعني ابن حمزه سعدي کان روايت ڪن ٿا ته مون مدينه طيبه ۾ هڪ عمر رسيده شخص کي ماڻهن سان ڳالهائيندي هيٺيون ڪلام ڪندي ٻُُڌو ته مون پُڇيو مان ته هي بُزرگوار ڪير شخص آهي، ته ماڻهن وراڻيو ته حضرت ابي بن ڪعب رضيه. پاڻ فرمايائون پئي ته “ جڏنهن حضرت آدم ع جي وفات جو ڏينهن ويجهو آيو ته پاڻ پنهنجي فرزندن کان جنت جي ميوي کائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي ، سندن فرزند جنت جو ميوو تلاش ڪرڻ لاءِ نڪري پيا، رستي ۾ کين فرشتا مليا جن جي هٿن ۾ ڪفن، خوشبوءَ، ڪُهاڙي، بيلچا ۽ ٽوڪريون هُيون، فرشتن فرزند آدم ع کان پڇيو ته اي آدم عليه اسلام جا فرزندئو ڪيڏانه جي تياري آهي، ڇا پيا ڳولڻ وڃو ، انهن فرمايو ته بابا سائين (آدم عليه اسلام ) بيمار آهن ۽ پاڻ جنت جي ميون کائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي اٿن. فرشتن پوءِ وراڻيو ته واپس ورو، ڇو ته توهان جو ابو آدم عليه اسلام وفات ڪري چُڪا آهن.

    روايت آهي حضرت ابي بن ڪعب جن کان ته ته جڏنهن موت جو فرشتو سند روح قبض ڪرڻ آيو ته بيبي حوا سند سامهون اچي بيٺي ته سندن روح قبض ڪيو وڃي، ته آدم ع بيبي حوا رضيه کي پاڻ کان جُدا ۽ پري ڪندي فرمايو ته مان توکان پهرين آيل آهيان تون مُهنجي ۽ مُهنجي لاءِ مُھهنجي رب طرفان موڪليل فرشتن جي وچ ۾ نه اچ ۽ پوءِ فرشتن حضرت آدم ع جو روح مُبارڪ قبض ڪري ورتو، ان کي پاڻ ئي غسل ڏنائون، ڪفن پارايو، ۽ خوشبوءِ لڳايائون ۽ پوءِ ان جي لحد کوٽي، تيار ڪئي ، اُن کان پوءِ سندن جنازي نماز پڙهي ۽ پوءِ قبر جي مٽي برابر ڪري ڇڏي ۽ آدم عليه اسلام جي فرزندن کي سيکاريو ته ميت جي تجهيز و تڪفين جو اهوئي طريقو آهي.

    ابن عساڪر، حضرت ابن عباس کان روايت ٿو ڪري ته نبي سائين فرمايو ته “ ملائڪن حضرت آدم عليه اسلام تي چار تڪبيرون پڙهيون هُيون هُيو“ ، ۽ حضرت ابو بڪر صديق رضيه به حضرت فاطمه تي 4 تڪبيرون پڙيون ۽ حضرت صهيب به حضرت عمر رضيه تي ڇار تڪبيرون پڙهي جناز نماز پڙهي.

    محمد ابن عباس رحه فرمائين ٿا ته جڏنهن حضرت آدم عليه اسلام جي رحلت ٿي ته ان ڏينهن کان ستن ڏينهن تائين چنڊ ۽ سج کي گرهڻ لڳي. هابيل جي قتل کان پوءِ الل سائينءَ حضرت آدم ۽ حوا ٿ کي کي هڪ صالح ۽ نيڪ اولد حضرت شيش عليه اسلام عطا ڪيو. شيض جي معني آهي “ عطيه رباني” حضرت ابوذر رحه حضور محمد صلعم کان روايت ڪن ٿا ته نبي سائين جن فرمائين ٿا ته الله ڪُل 104 ضحيفه لاٿا هُئا، جنهن مان 50 صحيفه حضرت شيش عليه اسلام تي لٿا.

    محمد بن اسحاق رضيه ٻُڌائين ٿا ته جڏنهن آدم ع جي رحلت جو وقت قريب آيو ته پاڻ پنهنجي صالح پُٽ حضرت شيش ع کان هڪ عهد ورتائون ۽ کين رات ۽ ڏينهن جي وقتن جي عبادت جي تعليم ڏني، ۽ کين اهو به ٻوڌايو ته سندن وصال کان پوءِ هڪ زبردست طوفان ايندو. محمد بن اسحاق ٻُڌائي ٿو ته تمام اولاد آدم جو سلسله نسب حضرت شيش ع سان هلي ٿو ڇو جو باقي تمام الاد کان نسل نه هلي سگهي ۽ سڀ جا سڀ نيست و نابود ٿي ويا (والله اعلم بثواب)ه

    حضرت آدم عليه اسلام جي دفن مڪام تي اختلاف آهي مشهور اهو آهي ته سندن جسم خاڪي کي ان جبل جي ويجهو دفن ڪيو ويو هو جتي هندستان ۾ کين لاٿو ويو هو. هڪ روايت آهي ته کين مڪه جي ويجهو جبل ابو قبس جي ويجهو دفن ڪيو ويو هو، اهو به چيو وڃي ٿو ته حضرت نوح عليه اسلام جي وقت واري طوفان وقت سندن ۽ بيبي حوا جو جسم قبر مان ڪڍي هڪ تابوت ۾ رکي بيت المقدس ۾ دفنايو ويو هو، (هي ابن جرير کان روايت آهي) ابن عساڪر ڪن عالمن کان روايت ڪري ٿو ته سندن مٿو مُبارڪ مسجد ابراهيم جي ويجهو ۽ باقي جسم بيت المقدس جي جبلن جي وچ ۾ مدفون ٿيل آهي. حضرت حوا جي وفات سندن وصال کان هڪ سال پوءِ ٿي هُئي.

    حضرت آدم عليه اسلام جي وفات کان پوءِ امور دُنيا جي گاڏي حضرت شيش عليه اسلام ڇڪي پاڻ بني هُئا جيئن حديثن ۾ پڻ اچي ٿو ۽ روايتن موجب مٿان 50 صحيفا لٿا هُئا، جڏنهن حضرت شيش علاه اسلام جي وفات ٿي ته سندن جڳه سند پُٽ انوش ورتي، حضرت شيش ع کين نيڪي، عدل ۽ انصاف جي قيام جي وصيعت ڪئي هُئي . انوش کان پوءِ قيننب ۽ پوءِ ان جي پُٽ مهلا ييل امور دنيا هلائي. مهلا ييل جي متعلق فارس (ايران) جا عجمي ماڻهو چون ٿا ته هو ستن قومن جو بادشاه هو. ڪهلا ييل اهو پهريون شخص هو جنهن وڻ ڪٽي شهرن کي ٺاهڻ جو بنياد وڌو هو ۽ بُلند قتلعا تعمير ڪرايا هُئا. چيو وڃي ٿو ته بابل شهر انهيءَ ئي وسايو هو، اهڙي طرح سوسِ اقصي جي شهر جو بُنياد به هن ئي وڌو هو. انهيءَ ۽ ابليس ۽ ان جي لشڪر تي سختي ڪري هن کي زمين تان ڀڄائي چوڀرف جبلن ۽ انه ن جي درن ۾ ماري ڀڄايو هو ۽ الاهي باغي ۽ ڪافر جن سند ئي هٿن سان موت تجي ويا. هن جي مٿي تي هڪ تاج رکيل هوندو هو جڏنهن هو ماڻهن کي خڀاب فرمائيندا هُئا. سندن حڪومت 40 سالن تائين قائم رهي. مهلا ييل کان پوءِ اها ست بادشاهي سندس پُٽ “يرو” کي ملي، ۽ جڏنهن ان جي وفات جو وقت ويجهو آيو انهيءَ پنهنجي پُٽ “خنوخ عليه اسلام کي وصيت ڪئي ۽ حڪومت ان جي حوالي ڪري ڇڏي. حضرت خونخ علاه اسلام حضرت ادريس عليه اسلام جي نالي سان مشهور آهن. (والله اعلم بثواب)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ۽ ڪتاب ۾ ادريس کي ياد ڪريو بيشڪ هو صديق هو غيب جون خبرون ڏيندو هو ۽ اسان هن کي بُلند جڳه تي کڻي ورتو (سوره مريم)
    هن آيت ۾ الله تعالي حضرت ادريس عليه اسلام جي تعريف ڪري سندس نبوت ۽ صديقيت کي ظاهر ڪيو آهي، محمد بن اسحاق کان روايت آهي ته حضرت ادريس عليه اسلام اُهي نبي هُئا جنهن سڀ کان پهرين لکڻ جو طريقو ايجاد ڪيو هو، پاڻ حضرت آدم عليه اسلام جي وقت ۾ هُئا ۽ سندن پئدائش جي 380 تائين زنده رهيا. بائبل ۾ سندن نالو “ خنوخ” ذڪر ڪيو ويو اهي، حضرت مُحمد صلي الله عليه وسلم جو سلسله نسب حضرت ادريس عليه اسلام جي وساطت سان حضرت شيش عليه اسلام سان ملي ٿو. گهڻن عالمن ذڪر ڪيو اهي ته پهريون نبي حضرت آدم عليه اسلام ۽ ان کان پوءِ حضرت شيش عليه اسلام ۽ ان کان پوءِ حضرت ادريس عليه اسلام هُئا. (والله اعلم بثواب).

    معاويه بن حڪم سلمي جي بيان ڪيل حديث ۾ حضرت ادريس ع طرف اشارو ڪيل آهي ته جڏنهن حضورر نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم کان “علم رمل“ جي بابت پُڇيو ويو ته پاڻ ص فرمايو ته “ هڪ نبي واريءِ تي ليڪ لڳائيندو هُئا بس پوءِ جنهن به شخص جي لڳايل ليڪ ان جي موافق ٿي بهندي هُئي اُن کي ڪن لڪيل ڳالين جي پروڙ پئجي ويندي هُئي. علم رمل ۾ سڀ کان پهرين جنهن گفتگو .ڪئي هُئي اُهي حضرت ادريس عليه اسلام هُئا.

    ابن حرير کان روايت آهي ته هلال بن يساف جي موجودگيءَ ۾حضرت ابن عباس رضه حضرت ڪعب رضيه کان پڇيو ته حضرت ادريس جي باري ۾ جيڪو الله ج جو ارشاد آهي ( ورفعناه مڪانا عليا) اسان هن کي بُلند مڪان تائين کڻي ورتو“ مان ڇا مُراد آهي. حضرت ڪعب رضيه ته حضرت ادريس ع کي الله ج وح ڪئي ته آئون هر روز توکي مڙني نبين جي نيڪ ڪمن مُطابق بلند ڪندس. شايد ان مان مُراد ان دئور جي ماڻهن جي هغئي ته آدم ع اها ڳاله پسند ڪئي ته گهڻي ۾ گهڻا ماڻهو نيڪ ڪم ڪن.

    پاڻ ع وٽ هڪ نيڪ فرشتو آيو جيڪو سندن گهرو دوست به هوندو هو . پاڻ ساڻن ذڪر ڪيو ته الله ج هن سان هن قسم جي وحي ڪئي آهي ان ڪري هو موت جي فرشتي سان ڳالهائي ته ( ته مونکي مهلت ڏي ته جيئن) مان گهڻي ۾ گهڻا نيڪ ڪم ڪري سگهان. ته هن تي فرشتي کين پنهجي پرن ۾ وهاري مٿي آسمانن ۾ کڻي ويو، جڏنهن هو چوٿين آسمان تي پُهتو ته اُتي ساڻن حضرت عزرائيل عليه اسلام واٽ تي مليا جيڪو هيٺ دُنيا ڏانهن وڃي رهيا هُئا ته حضرت ادريس ع جي عرض تي موت جي فرشتي ساڻن مهلت جي ڳاله ورجائي، ملڪ اموت پُڇيو ته حضرت ادريس ع آهن ڪٿي؟، فرشتي وراڻيو ته هو مُهنجي پُٺ تي سوار آهن، فرشته اجل چيو ته تعجب آهي، مونکي موڪليو ويو آهي ته سندن روح قبض ڪريان جڏنهن ته پاڻ 4 آسمان تي آهن. ڇوڻ لڳو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته سند روح 4 آسمان تي قبض ٿئي ، جڏنهن ته هنن کي زمين ته هُئڻ کپندو هو؟ ته فرشته اجل سندن روح 4 آسمان تي ئي قبض ڪري ورتو، جنهن تي الله ارشاد ڪيو هو “ورفعنا مڪانا عليا”.

    ابو حاتم هن آيت جي تفسير ۾ لکي ٿو ته “ جڏنهن ملڪ الموت جي هن فرشتي سان ملاقات ٿي ته حضرت ادريس ع به اتي موجود هُئا تنهن دوست فرشتي کي چيو ته ملڪ الموت کان پُڇي ته سندن ع باقي عمر ڪيتري آهي، فرشته اجل چيو ته جيسين مان کين ڏسان نه ، نٿو چئي سگهان، پوءِ فرشته اجل کين اتي ڏٺو ۽ ڏسي فرمايو ته تون اهڙي شخص جي عمر جو ٿو پُڇين جنهن جي عمر مس ڪي پلڪ بچي آهي، فرشتي پوءِ پنهنجي پرن هيٺان ڏٺو ته حضرت ادريس ع وفات پائي چُڪا هُئا.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    حضرت نوح ع پنهنجي قوم تي 950 سال رهيو ۽جڏنهن اها طويل جدوجهد سودمند ثابت نه ٿي سوا چند خوشنصيبن جي ته الله نوح قوم تي عذاب لاٿو.
    “واصنع الفلڪ با عيننا و وحينا ولا تخاڀيني في الذين ظلموا انهم مغرقون “ ۽ ٻيڙي ڄاهيو اسان جي سامهون اسان جي حڪم سان ۽ ظالمن لاِءِ موسان ھاله نه ڪجئين ضرور ٻوڙيا ويندا (القرآن). حضرت نوح عليه اسلام اصلاح ۽ فلاح جي اميد وڃائي ويٺا ۽ سمجهي ويا ته هنن ۾ ڀلائيءَ لاءِ ڪا به رُنگ باقي ناهي بچي ۽ هنن جي دشمني مخالفت سڀئي حدون اورانگهي چُڪي ۽ جڏنهن هنن اهل ايمان جو جيئڻ جنجال بڻائي ورتو ته هنن لاءِ بد دُعا ڪئي جيڪا الله جي غضب و جلال سان ڀڙڪي اُٿي ۽ قبول پئي. ـ “

    “ قال رب اني قومي ڪذبون . فا فتح و نجني و من معي من المومنين “ (سوره الشعراءِ) چيائين اي مُهنجا رب، قوم مونکي جهٺلايو آهي تون مون ۾ ۽ انهن ۾ پورو فيصلو ڪر ۽ مونکي ۽ مُون سان گڏ وارن کي نجات ڏيي “ و نوح اذ نادي من قبل فاستجبنا له فنجيناه و اهله من الڪرب العظيم “ ۽ نوح کي جڏنهن ان کان پهرين هن اسانکي پُڪاريو، ته اسان ان کي قبول ڪيو ۽ ان جي گهروارن کي وڏي سختيءَ کان آجو ڪيو.

    مما خطيئتهم اغرقو ا فادخلوا.... لا يلدوا الا فاجرا ڪفارا (سوره نوح) پنهنجن خطائن تي ٻوڙيا ويا ۽ پوءِ باه ۾ وڌا ويا ته هنن الله جي ڀيٽ ۾ ڪوبه مددگار نه لڌو ۽ نوح عرض ڪيو ته اي منهنجا رب زمين تي ڪافرن مان ڪنهن رهاشيءَ کي نه ڇڏ. بيشڪ اگر تو هنن کي رهڻ ڏيندي ته نيڪ ٻانهن کي گمراه ڪندا ۽ جي انهن جو اولاد هوندو ته اهو به هوندا ، پر بدڪار، وڏا ناشڪر ڪافرن جا ڀائيوار ۽ نبيءَ جي بد دعا جي نتيجي ۾ هنن جون خطائون جُڙي عذاب الاهي جي صورت اختيار ڪري ويون تڏنهن الله حڪم ڏنو ته اهڙي بي نظير ٻيڙي ٺاه جيڪا زماني جي اکين نه قيامت تائين ڏٺي هُجي نه ڏسندا.

    جڏنهن الله تعالي نوح ع جي دعا قبول ڪري ورتي ته کين حڪم ڏنو ته هڪ وڻ پوک ته حضرت نوح ع هڪ وڻ پوکيو ۽ سئو سالن تائين هن جي وڏي ٿيڻ جو انتظار ڪيو ۽ پوِ هن جي ڪاٺ کي ڪٽي تختا ٺاهيا. (ڪن هيءَ مدت 40 سال ٻُڌائي آهي) والله اعلم بثواب. محمد بن اسحاق حضرت سفيان ثوري رضيه کان روايت ڪري ٿو ته جنهن ڪاٺ مان ٻيڙي ٺاهي وئي هُئي اُها ساک نالي وڻ جي هُئي. ڪن روايت ڪئي آهي ته اُها صنوبر جي وڻ جي هُئي. تورات ۾ صنوبر جو ذڪر آهي. وڌيڪ فرمائن ٿا ته کين حڪم ٿيو هو تهٻيڙيءَ جي ڊيگه 80 وال هُجي ۽ ان کي ٻاهران ڏامر لڳايو وڃي، سندس اڳيون حصو نوڪدار هُجي ته جيئن هو پاڻيءَ کي آسانيءَ سان چيري سگهي. تورات ۾ آهي ته نوح ع جي ٻيڙيءَ جي ڊيگه 300 وال ۽ ويڪر 50 وال هُئي. حضرت ابن عباس رضيه کان روايت آهي ته ٻيڙيءءَ جي ڊيگه 1200 وال ۽ ويڪر 300 وال هُئي. حضرت حصن بصري ڊيگه 600 وال ۽ ويڪر 300 وال هُئي(والله اعلم بثواب) پر سڀ ان تي مُتفق آهن ته هن جي اوچائي 30 وال هُئي، هن ۾ ٽي منزلون هُيون ۽ هر منزل 10 والن تي هُئي، هٺين منزل چوپائي مال ۽ ٻين جانورن لاءِ، وچين منزل انسانن لاءِ جڏنهن ته آخري منزل پکين لاِ مخصوص هُئي. ٻيڙيءَ جو دروازو ڊيگه ۾ هو جنهن تي هڪ ڍڪڻ لڳائي بند ڪيو ويو هو ته جيئن پاڻ اند نه وڃي سگهي.

    “حتي اذا جاءَ امرنا وفار التنور قلنا احمل فيها من ڪل روجين اثنين و اهلڪ الا من سبق عليه القول و من امن، وما امن معه الا قليل (سوره هود) حڪم اهو مليو ته جڏنهن الله جو عذاب نازل ٿئيڻ لڳي ته ٻيڙيءَ ۾ سڀني شين جا جوڙا جوڙا سوار ڪرائجو. حضرت ابن عباس رضيه کان روايت آهي ته پکين مان سڀ کان پهرين داخل ٿيندڙ پکي “طوطو ” هو ۽ حيوانن مان سڀني کان آخر ۾ “گڏه” داخل ٿيو ۽ شيطان گڏه جو پُڇ پڪڙي ٻيڙيءَ ۾ پُهچي ويو.

    ابن ابي حاتم، زيد بن اسلم کان ۽ هن پنهنجي والد کان روايت ڪئي آهي ته حضور ص فرمايو ته “جڏنهن نوح ع هر شي جي جوڙي مان ٻيڙيءَ م سوار ڪرايا ته سندس ساٿين عرض ڪيو ته ع اسان اطمينان سان ڪيئن وهنداسون جڏنهن ته شينهن به گڏ آهي، ته الله تعالي شينهن کي بخار ۾ موبتلا ڪري ڇڏيو، اهڙيءَ طرح دنيا ۾ سڀ کان پهريون بخار شينهن کي ٿيو. وري ماڻهن ڪُوئن جي شڪايت ڪئي ته هو سند کاڌو پيتو ۽ ٻيون شيون ۽ سامان خراب پيا ڪن ته الله ج شينهن کي ڇڪ ڏيڻ جو حڪم ڏنو ته ان مان ٻلي نڪري آئي، جنهن کي ڏسي ڪُئا لڪي ويا. حضرت ابن عباس رضيه ٻيڙيءَ ۾ سوار ماڻهن جو تعداد مرد ۽ عورتون ملائي 80 ٿو ٻُڌائي جڏنهن ته حضرت ڪعب رضيه 72 ٻُڌائين ٿا. هڪ قول مُطابق ان ۾ حضرت نوح عليه جي خاندان جا به 800 ماڻهو هُئا، جن مان هڪ ّخود حضرت نوح عليه اسلام، سندن ٻيا ٽي پُٽ ، ٽنهين پُٽن جون زالون ۽ سندن هڪ پُٽ “يام” جي زال ڇو جو يام مومنن جي هن جماعت کان جُدا ٿي ڪافرن سان ملي ويو ۽ هلاک ٿي ويو. “ونجني و من معي من المومنين (سوره شعراءَ) اهو به چئجي ٿو ته ساڻن شامل ٿيندڙ مڙني اهل ايمان جو تعدا 800 هُئو. (والله اعلم بثواب) .

    حضرت نوح عليه اسلام جي هڪ زال هُئي، جيڪان سندن مڙني اولادن جي ماءُ هُئي، سند پُٽن جا نالا هُئا، حام، سام، يافث ۽ يام.“ يام جيڪو مُنڪرن سان گڏ هو، اهل ڪتاب يام جو نالو ڪنعان سان موسوم ڪيو آهي .“ فاذا استويت انت و من معڪ الفلڪ فقل الحمد الله الذي نجاني من القوم الظالمين، وقل رب انزلني منزلا مبارڪا و انت خير المنزلين (سوره مومنون) ۽ پوءِ جڏنهن تون ۽ تنهنجا ساٿي سڀئي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي وڃن چئو سڀ خوبيون الله جون جنهن اسانکي هنن ظالمن مان نجات ڏياري ۽ موهنجا رب مونکي برڪت واري جڳه تي لاه ۽ تون بهتر لاهڻ وارن مان آهين. “ و قل رب ادخلني مدخل صدق وا خرجني مخرج صدق و اجعل لي من لدنڪ سلطانا نصيرا (سوره الاسراءِ) ۽ چوندا رهو اي منهنجا رب جتي به تو مونکي پُهڇائين، سلامتيءَ سان پهچاءِ ۽ جتان مونکي آڻي سلامتيءَ سان آڻجاءِ ۽ عطا ڪر مونکي اها طاقت جيڪا مدد ڪرڻ واري هجي. وهي تجري بهم موج ڪا لجبال (سوره هود) ۽هُوءَ هلڻ لڳي انهن کي کڻ اهڙين موجن ۾ جيڪي جبلن جيان اوچيون هُيون. مُفسرين ٻُڌائين ٿا ته طوفان جو پاڻي ايترو ته هو جو سٻئي جبل ان ۾ لڪي ويا ۽ دنيا ۾ ڪو جبل نح ڏسڻ ۾ آيو. زمين تي ڪو به جاندا بچي نه سگهيو هُئا ته صرف نوح جي ٻيڙي ۽ ان ۾ سوار باقي انسان ، پکي، حيوان، چرندا، درندا.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    حضرت هود ع جي قوم جا ماڻهو ڪافر، عناد پرست، متڪبر ۽ پرئين درجي جا ظالم هُئا. سندن تعلق عاد بن عوض بن سام بن نوح قبيلي سان هو.
    حصرت هود عليه اسلام جوو شجره نصب هن طرح سان روايت آهي. هود بن شالخ بن ارفخشذ بن سام بن نُوح ع. ڪي روايت ڪن ٿا هن طرح سان. هود بن عابر بن شالخ بن ارفخشذ بن سام بن نوح عليه ه اسلام. ڪن مطابق هود بن عبدالله بن رباح الجارود بن عوص بن ارم بن سام بن حضرت نوح ع.

    حضرت هود عليه اسلام جو تعلق عاد بن عوص بن سام بن نوح قبيلي سا هو. پاڻ اُهي عرب هُئا جيڪي احقاف جا رهواسي هُئا، هي علائقو واريءَ واري جبلن جو آهي ۽ يمن ۾ عمان ۽ حضرت موت جي وچ جو آهي. هي سر زمين سمنڊ کان تمام ويجهو آهي جنهن کي ماڻهو “ الشحر” چون ٿا. جنهن واديءَ ۾ قوم هود ع رهائش پذير هُئي ان واديءَ جو نالو “ مغيث” چيو وڃي ٿو. هتي اڪثر ماڻهو مضبوط ۽ وڏن ٿنڀن وري گهرن ۾ رهندا هُئا. “الم ترڪيف فعل ربڪ بعاد، ارم ذات العاد (سوره الفجر) ڇا توهان نه ڏٺو ته تنهنجي رب ڇا ڪيو عاد ارم سان جيڪي وڏن ٿنڀن وارن وارا هوندا هُئا. عاد ارم جو مطلب آهي ( وڏي درجي جا عاد)، ان کان پوءِ عاد ثانيه (ٻئي درجي جا عاد) آهن “ ارم ذات العماد التي لم يخلق مثلها في البلاد (سوره الفجر) عاد ارم جيڪي ڊگهن ٿنڀن وارا هُئا، نه پئدا ڪيا ويا اهڙا جن جو مثال دُنيا جي مُلڪن ۾ ملي. هتي مثلها جو مطلب آهي (قبيلو)

    چيو وڃي ٿو ته پهرين عربي زبان جنهن ڳالهائي اُهي حضرت هود عليه اسلام هُئا. وهب بن منبه جو خيال آهي ته حضرت هود ع جي پيءُ پهرين عربي زبان ڳالهائي، ڪي چون ٿا ته حضرت نوح ع ۽ ڪي حضرت آدم عليه اسلام لاءِ چون ٿا، سڀ روايتون تقريبا“ هڪ جهڙيون آه ن ۽ ڪو تضاد ناهي ڇو ته ته اگر آدم ع پهرين عربي ڳالهائي ته پُٽ هُئڻ ناتي حضرت نوح به اها ٻولي ڳالهائي سگهي ٿو ۽ ان جي نسبت ٻيا اولاد به پر گهڻيون روايتون حضرت آدم عليه اسلام ڏانهن نسبت ڪن ٿيون (والله اعلم بثواب) حضرت اسماعيل عليه اسلام کان پهرين جيڪي به عرب هُئا انهن کي “ العرب العاربه” يعني عرب جا اصل باشندا چيو وڃي ٿو. حضرت اسماعيل عليه اسلام جي اولاد کي “ العرب الستعربه ” يعني غير عرب قوم جيڪا پوءِ عربن ۾ ضم ٿي وئي چئجي ٿو.

    العرب العاربه ۾ ڪئين قبيلن جا نالا اچن ٿا مثال ( عاد، ثمود، جرهم، طسم، جدليس، اميم، مدين، عملاق، جاسم، قحطان، بنو يقطن ۽ عبيل) وغيره. العربي المستعبه جو تعلق حضرت اسماعيل عليه اسلام جي اولاد سان آهي. حضرت اسماعيل بن ابراهيم عليه اسلام اُهي پهريان شخص هُئا جن فصيح ۽ بليغ عربيءَ ۾ ڪلام ڪيو، انهن هيءَ زبان قبيله جرهم کان سکي هُئي، جيڪي حرم پاڪ ۾ حضرت اسماعيل عليه اسلام جي والده ماجده بيبي هاجره رضي الله عنها جي اجازت سان رهڻ لڳا هُئا .

    محمد بن اسحاق ۽ ٻيا راوي روايت ڪن ٿا ته “ قوم عاد جي ماڻهن الله جي وجود کان انڪار ڪري حد کان گُذرا ته الله ج 3 سالن تائين کين ڏُڪار ۾ رکيو جنهن جي ڪري سندن جانيون مشڪلاتن ۾
    پئجي ويو ن ۽ ان زماني ۾ جڏهن اهڙا ڏکيا ڏينهن قومن مٿان پوندا هُئا ته اُهي ڪعبه“ الله ۾ حاظر ٿي پنهنجي آسانيءَ لاءِ سوال ڪندا هُئا ۽ اهو ان وقت جي ماڻهن جو عام طريقو هوندو هو. “عمالقه” قبيلي جا ماڻهو حرم پاڪ جي ويجهو رهندڙ هُئا هي ماڻهو “عمليق بن لاوذ بن سام بن نوح عليه اسلام جي پُٺ مان هو، ان وقت جيڪو شخص قبيلي جو سردار هو ان جو نالو “ معاويه بن بڪر” هو هن سردار جي ماءُ جو تعلق “قوم عاد” سان هو، ان پوڙهي مئيءَ جو نالو “ جلهذه” هو جيڪا عاد جي هڪ شخص “خيبري” جي ڌيءَ هُئي. عاد جي قوم تقريبا“ 70 ماڻهن تي مشتمل هُئي تن کي حرم پاڪ موڪليو هو ته هو اتي وڃي الله تعالي کان مينهن وسڻ جي دُعا ڪن. وفد جو گُذر جڏنهن معاويه بن بڪر وٽن ٿيو، جيڪو مڪه مڪرمه جر جڳهه تي ترسيل هو ته هي ماحو اتي هڪ مهني لاءِ ترسي پيا. جڏنهن سندن قيام معاويه وٽ طول پڪڙجڻ لڳو ته هو پنهنجي تهذيب تمدن، مهمان نوازيءِ قبيلي جي محبت ۽ شفقت سبب ِ شرم ڪري هنن کي واپس ٿيڻ جو چئي نه سگهيو. ۽ کين ڪن شعرن ۾ سمجهايو، جنهن کي ٻُڌي هو اتان حرم پاڪ ڏانهن روانو ٿي ويا ۽ پنهنجي قوم لاءِ دُعا گهريائون.

    ان جي سردار “قيل بن عنز” دُعا ڪئي ته الله تعالي ٽي جهُڙَ ظاهر ڪيا ، هڪ جو رنگ ڪارو، ٻئي جو ڳاڙهو ۽ ٽئي جو ڪارو هو ۽ پوءِ آسمان مان آواز آيو ته هنن مان پاڻ لاءِ ڪو هڪ جهُڙ منتخب ڪر. قيل بن غنز چيو ته مان ڪاري جهُڙ جو انتخاب ڪريان ٿو ڇو جو لڳي ٿو ته ان ۾ گهڻو مينهن هوندو ۽ پوءِ ان آواز وراڻيو ته ته “ تو نهايت ٻرندڙ ڇار (راک) جوانتخاب ڪيو آهي، عاد جي قوم جو ڪو فرد نه بچندو ۽ سڀ فنا ٿي ويندو، نه پيءءُ بچندو نه ئي پُٽ، تو سڀني لاِ هلاکت گهري آهي، ها بني “لوذيه” هن غضب ۽ کان بچي ويندا. (بني لوذيه جا ماڻهو به عاد جي نسل مان هُئا ۽ مڪه مڪرمه جي زمين تي رهندا هُئا)


    امام محمد ابن اسحاق روايت ڪري ٿو ته “ عاد جي قوم جا جيڪي ماڻهو هن عذاب ۽ هلاکت کان بچيا هُئا انهن کي “عاد آخره” چئجي ٿو. راوي چوي ٿو ته الله ج ان ڪاري بادل کي جنهن کي قيل بن غنز پسند ڪيو هو ۽ جنهن سان قوم هود هلاک ۽ برباد ٿي وئي تنهن ڪاري بادل اڳتي سرڪي (رڙهي) قوم عاد طرف تائن پهچايو ايستائين جو هو مڪي جي واديءَ مان نڪري آيا. عاد قوم جنهن واديءَ ۾ ترسيل هُئي ان کي “وادي مغيث“ سان سڃاتو ويندو هو، جڏنهن ماڻهن ان ڪرا گهٽ کي ڏٺتو ته بيحد خوش ٿيا هُئا ۽ چوڻ لڳا ته هي بادل ها

    ن اسان جي واديءَ تي مسلسل وسندو “ بل هو ما استعجلتم نه ريح فيها عذاب اليم ڪل شيءِ بامر ربها (هي اهو عذاب آهي، جنهن جي اچڻ جي توهان ۾ جلدي هُئي، هي باد نه هُئا جيڪي توهانجي وادي سيراب ڪن ها بلڪه هي ته تند و تيخ جهڪ هُئي جنهن ۾ دردناڪ عذاب موجود هو (القرآن) هي گهٽا جنهن کي توهان ابر رحمت سمجهي خوش پيا عيو ٿوڙي دير ۾ هر انهيءَ شي کي نيست و نابود ڪري ڇڏيندا جنهن جي هلاکت جو الله طرفان حڪم آيل آهي.


    سڀ کان پهرين جنهن هن بادل کي ڏڄو هو ۽ هن کي بادل بجاءِ جهڪ سمجهيو اها هڪ عورت “مهد” هُئي جڏنهن هن محسوس ڪيو ته هي عذاب الاهي آهي ته هن جي رڙ نڪتي ۽ هُءَ بيهوش ٿي ڪري پئي، جڏنهن هوش ۾ آئي ته ماڻهن پُڇيس ته مهد ڇاعيو، ڇيائين “ مون هڪ هوا ڏٺي جنهن ۾ باه ئي باه آهي، ڪي ماڻهو ان کي اسان ڏانهن وٺي اچي رهيا آهن” الله ج هن تيز و تند جهڪ کي ست راتين ۽ 8 ڏينهن تائين برابر مسلط رکيو ۽ عاد قوم جو ڪو به ماڻهو نه بچيو جيڪو هلاک نه ٿيو هُجي. راوي چوي ٿو ته حضرت هود عليه اسلامام پهرئين ئي الگ ٿي چُڪو هو ۽ پنهنجن ساٿين کي ساڻ ڪري هڪ واڙي ۾ پناه ورتائون. “ سخر ها عليهم سبع ليال و ثمانيه ايام حسوما (سوره الحاقه).
    اللهم اني اساءَ لڪ خيرها و خير ما فيها و خير ما ارسلت به و اعوذبڪ من شرها و شر فيها و شرما ارسلت به (الحديث) حضرت عطا بن رباح رحه حضرت بيبي عئشه صديقه رضي الله عنها کان روايت ٿو ڪري ته جڏنهن تيز هوائون هلنديون آهن ته نبي صلٿم جن اها دُعا پڙهندا هُئا. جڏهن آسمان مڪمل بادل ۾ ڍڪجي ويندو هو ته نبي سائين ص جن جي چهري مُبارڪ جو رنگ به متغير ٿي ويندو هو، پاڻ گهر ۾ ڪڏنهن اند ته ڪڏهن ٻاهر اچڻ وڃڻ لڳندا هُئا، ڪڏنهن ٻاهر نڪري اڳيان ۽ پُٺيان ڏسندا هُئا ۽ جڏنه بارش وسندي هُئي ته پوءِ خوش ٿي ويندا هُئا، اهو ڏسي پاڻ عنها پريشن ٿي ويند هُئي ۽ ان ڪيفيت بابت کائن ص پُڇيائون . پاڻ فرمايائون صلعم ته“ اي عاشه ڪٿي اهو قوم عاد جي طرح جو نه هُجي هنن چيو هو ته “ فلما راوه عارضا مستقلبل اوديتهم قالو ا هذا عارض ممطرنا (سوره ا؟حقاف) بس پوءِ جڏنهن انهن ڏٺو عذاب کي باد جي صورت ۾ ته هو انهن جي وادين طرف پيو وڃي تٿ چيائون هي بادل آهي اسان وٽ وسڻ وارو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    حضرت صالح عليه اسلام “قوم ثمود” تي پيغمبر مُقرر ڪيا ويا جن پسند جي ڏاچيءَ جي گهر ڪئي ۽پوءِ ان جون ٽنگون وڍي عذاب ورتو.
    [​IMG]

    قوم ثمود جو تعلق “عرب عاربه ” سان آهي هي قبيلو حجاز ۽ تبوڪ جي وچ ۾ “الحجر” جي جڳه تي رهندو آهي. هي قبيلو پنهنجي ڏاڏي “ثمود ”جي ڪري مشهور ٿيو. ثمود جي ڀاءُ جو نالو “جدليس ” هو، ثمود ۽ جدليس، ٻئي عبر بن ارم جا پُٽ هُئا جيڪي سام بن نوح عليه اسلام جا فرزند هُئا ۽ اهڙيءَ طرح “قوم ثمود” تي حضرت صالح عليه اسلام کي پيغمبر مقرر ڪيو ويو.

    قرآن مجيد ۾ اڪثر جڳهين تي قوم عاد ۽ قوم ثمود جو ذڪر گڏ ملي ٿو، جيئن سوره برآت، سوره ابراهيم، سوره فرقان، سوره ص،سوره ق، سوره نجم، ۽ سوره فجر ۾ آيل اهي. چيو وڃي ٿو هن ٻنهين قوم جو حال کان اهل ڪتاب وارابي خبر هُئا ۽ انهن جي ڪتاب تورات ۾ به هن جو تذڪرو نٿو اچي پر قرآن شريف ۾ واضح اچي ٿو ته الله ج جي نبي حضرت موسي عليه اسلام بني اسرائيل کي قوم عاد ۽ ثمود جو داستان ٻُڌايو هو “وقال موسي ان تڪفروا انتم... جاءَ تهم رسلهم بالبيت (سوره ابراهيم) (چيو موسي ته جيڪڏنهن توهان ناشڪري ڪندئو انهن جي جيڪي زمين جي سطح تي آهي ته بيشڪ الله تعلي غني سڀني تعريفن جو مستحق آهي. ڇا نه پهتو توهان کي اطلاع انهن جو جيڪي پهرين گذري ويا يعني قوم نوح ۽ قوم عاد ۽ قوم ثمود ۽ اهي ماڻهو جيڪي ان کان پوءِ گذري ويا. نه اٿو خبر انهن جي پر الله ج ڏنا هُئا انهن کي رسول روشن دليلن سان)

    والي ثمود اخاهم صالحا... فاصبحوا في دراهم جثمين (سوره الاعراف) ۽ قوم ثمود ڏي سندن ڀاءُ صالح (عليه اسلام) ڱي موڪليوسون جنهن چيو اي مُهنجي قوم! عبادت ڪريو الله تعالي جي، ناهي ڪو معبود ان کان سوا، بيشڪ اچي چُڪيون آهن توهان وٽ توهانجي رب طرفان روشن دليلون ، هيءَ الله جي ڏاچي توهان لاءِ نشاني آهي، بس ڇڏي ڏيو ان کي آزاد ته کائيند رهي الله جي ڌرتيءَ تي ۽ نه هٿ وڌايو ان ڏانهن بُرائيءَ سان نه ته وڪوڙي ويندو توهان کي دردناڪ عذاب ۽ ياد ڪريو جڏنهن الله ٺاهيو توهان کي جانشين قوم عاد کان پوءِ ۽ رهائش ڏني توهان کي ڌرتيءَ تي ته ٺاهيو توهان ميداني علائقن ۾ عليشان محل ۽ ڇليو جبلن ۾ گهر ته ياد ڪريو الله جي نعمتن کي نه ڪندا وتو زڌرتيءَ تي فساد، چيو انهن سردارن جيڪي تڪبر ڪندا هُئا پنهنجي قوم کي انهن ماڻهن کي جنهن کي هو ڪمزور ۽ ذليل سمجهندا هُئا، جيڪي انهن مان ايمان آڻيندڙ هُئا، ڇا توهان يقين رکو ٿا ته صالح رسول آهي پنهنجي رب طرفان. انهن چيو ته بيشڪ اسان ان تي جنهن آندو هن کري ايمان آڻڻ وارا آهيون، چوڻ لڳا اهي جيڪي تڪبر ڪندا هُئا ته اسان ان شي تي جنهن شي تي توهان ايمان آندو جا منڪر آهيون، بس پوءِ هنن ٽنگون ڌڍي وجهيون ان ڏاچيءَ جون ۽ سرڪشي ڪري وڌائون پنهنجي رب جي حڪم جي ۽ چوڻ لڳا “اي صالح! کڻي آ اسان ڏي (عذاب) ان کي جنهن جو تو اسان سان وعدو ڪيو هو جي تون اللج جو رسولن مان آهين ۽ پوءِ اچي ڪڙڪيان مٿان انهن جي ا زلزلن جا جهٽڪا ۽ صبح جي وقت هو پنهنجن گهرن ۾ اونڌا پيا هُئا.

    الله ج قوم ثمود کي عاد جو خليفو ۽ نائب بڻايو هو ته جيئن هو انهن مان عبرت حاصل ڪن ۽ قوم عاد جي راه تي نه هلن جنهن راه تي هو هلي عبرت جو نشانو بڻيا هُئا ۽ کين عاد قوم جي وسيع زمينن جو مالڪ پڻ بڻايو هو ته جيئن هو ان ۾ رهيڻ لاءِ محلات ٺاهين “ و تنحتون من الجبال بيوتا فارهين” ۽ ڇليندا رهندئو جبلن ۾ گهر (سنگتراش) بڻجي. (سوره الشعرءِ)

    روايت آهي ته هڪ ڏينهن ثمود جا ماڻهو هڪ مجلس ۾ گڏ ويٺا هُئا ۽ حضرت صالح عليه اسلام به اوڏانهن ويو ۽ کين الله جي رستي ڏانهن راغب ڪرڻ جي نصيحت ڪئي اچڻ واري عذاب کان ڍيڄاريو ۽ هر طريقي سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪافرن کائن معجزو گهريو ۽ چيو ته پوءِ هو ايمان آڻيندا ته هو سامهون واري جبل مان هڪ ڏاچي پئدا ڪري، جيڪا هُجي به فلاڻي رنگ جي، موٽي تازي ۽ ان جو حوليو به ٻوڌايو، هن جو قد ڇا هُجي ۽ ان ۾ ڪهڙيو صفتون هُجن اُهي به ڳڻايون يعني پيٽ سان به هُجي، ڊگهي به هُجي ۽ هي هي خوبين واري هُجي.

    حضرت صالح عليه اسلام چيو ته ٺيڪ آ جي مان توهان جو مطالبو پورو ڪري وجهان ۽ انهيءَ جبل مان ٺيڪ اهڙي نموني جي ڏاچي ڪڍان ته ڇا توهان مُهنجو چيو مڃندئو، ۽ مُهنجي رسالت ۽ پيغام جي تصديق ڪندئو. سڀني وراڻيو ها. اسان ان کان پوءِ تنهنجي ع جي هٿ تي بيعت ڪري سڀ مُخالفتون ختم ڪنداسون ۽ پاڻ ع هنن کان پڪو عهد ۽ ميثاق ورتو، پوءِ الله جي حضور سجدي ۾ ڪري رب کان سندن مُطالبي پوري ڪرڻ جي دُعا گهري.

    الله ج ان جبل کي حڪم ڏنو ته هڪ ڊگهي پيٽ سان ڏاچي ٻاهر ڪڍي جنهنجو مطالبو ڪيو ويو هو، جڏنهن ماڻهن ڏاچيءَ کي ڏٺو ته ڏاچيءَ جي صورت ۾ هڪ عجيب معاملو، حيرن ڪندڙ منظر، قدرت جو ڪرشمو ڏسي انهن مان گهڻن ئي ايمان ته آندو پر گهڻا ڪافر اڃا به گمراهي ۽ ضلالت بغض ۽ سرڪشي تي ڄمي بهي رهيا. ان لاءِ الله ج فرمايو ته “فظلموا بها” ته انهن ان تي زيادتي ڪئي ۽ معجزو ڏسڻ باوجود به حق کي قبول نه ڪيو.

    ايمان وارن جي سردار جو نالو “حضرت جندع بن عمر بن محلاه بن لبيد ٻُڌايو وڃي ٿو ۽ هن جو ڳاڻائپو پهرئين کان ئي ثمود جي رئيسن مان عيندو هو. اهڙيءَ طرح ٻين به اسلام طرف رغبت ڏيکاري پر “زواب بن عمر و بن لبيد ۽ ساٿين کين روڪي ورتو هي انهن جو پروهت يا مذهبي ليڊر هو، ۽ رباب بن صمعر بن جلمس جيڪو بُت پرست هو هن ماڻهن کر راه کان پري ڪرڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، حضرت جندع پنهنجي سئوزٽ شهاب بن خليفه کي سڏايو جنهن جو اشرافن ۾ شار ڪبو هو، ان کي اسلام جي حقانيت سمجهائي پر بدبختن ان کي به رد ڪري ڇڏيو ۽ جندع جي ڳاله به نه مڃي ۽ شهاب به سندن ڳالهين ۾ اچي ويو.

    فذرو هاتا ڪل ارض الله و لا تمسوها بسوءِ فيا خذا ڪم عذاب قريب (سوره هود) بس ڇڏي ڏيو ان کي کائيندي گهمندي رهي، الله جي زمين ۾ ۽ نه هٿ لڳايو ان کي بُرائيءَ سان نه ٿه وڪوڙي ويندو توهان کي عذاب جلد.

    ان وقت سڀني اهو اتفاق ڪري ورتو ته هي ڏاچي انهن وٽ رهي، انهن جي ٻنين ۽ باغن مان کائيند پيئندي رهي جتان وڻيس چرندي رهي ۽ جڏنهنکائي سير ٿي اچي ته جنهن ڏينهن پاڻيءَ جي کوه تان سڄو پاڻي پئي ته ٻيا پنهنجي ضرورت جو پاڻي ٻين ڏينهن تي حصل ڪن. چيو وڃي ٿو ته ان ڏينهن تي ٻيا پاڻيءَ بدران کير پئي گُذارو ڪندا هُئا. “لها شرب و لڪم شرب يوم معلوم” هڪ ڏيهن ان جي پاڻي پيئڻ جو وارو آهي ۽ هڪ مقرر ڏينهن توهان جي پاڻي پي.ڻ جو وارو آهي (حضرت صالح عليه اسلام) و نبثهم ان الماءَ قسمه بينهم ڪل شرب محتضر (سوره القمر)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ۽ اسان نوح ۽ابراهيم کي پيغمبر ٺاهي موڪليو ۽ اسان رکي ڇڏيو ٻنهين نسلن جي وچ ۾ نبوت۽ڪتاب،بس ان مان ڪي هدايت وارا آهن ته ڪي نافرمان.
    حضرت نوح عليه السلام جو شجرو هن طرح آهي. نوح بن لامڪ بن متولّ بن خنوّ بن يرو بن مهاييل بن انوش بن شيش بن آدم. حضرت نوح ع جي ولادت با سعادت حضرت آدم ع جي وفات کان 126 سال پوءِ ٿي. (ابن حرير ۽ ٻين تفسيرن سان اهوئي ثابت آهي) مٿئين اهل ڪتاب وارن تاريخي شجرن مُتابق پاڻ حضرت آدم جي وفات جي 146 سالن کان پوءِ پئدا ٿي. والله اعم بثواب.

    ابو سلام چئي ٿو ته مون حضرت ابو مامه رضيه کان ٻُڌو اهي ته هڪ شخص نبي صلي الله عليه وسلم جن کان سوال ڪيو ته “ حضرت نوح ع نبي هُئا؟“ ته پاڻ ص فرمايو ته ـ ها ۽ پاڻ ع الله ج سان ڪلام به ڪندا هُئا“ هن شخص ٻيو سوال ڪيو ته “ يا رسول الله ص “حضرت آدم ع ۽ حضرت نوح ع جي وچ ۾ ڪيترو عرصو گُذريو؟” پاڻ ص فرماو ته ” ڏه قرن“

    قرآن شريف مان ثابت آهي ته قرن مان مُراد آهي انسانن جو گُروه. “وڪم اهلڪنا من القرون من بعد نوه (سوره الاسراءِ) ۽ ڪيتريون قومون آهن، جن کي اسان هلاک ڪري ڇڏيو نوح کان پوءِ. “ ثم انثانا من بعد هم قرنا آخرين” پوءِ اسان پئدا ڪئي ان کان پوءِ هڪ ٻي جماعت (سوره مومنون). ”و قرونا بين ذالڪ ڪثيرا“ ۽ ان تمام گهڻي تعداد قومن جي جيڪي ان وچ مان گُذريون (سوره فرقان) “ وڪم اهلڪنا قبلهم من قرن” ڪيتريومن قومون ان کان پهريون هُيون جن کي اسان برباد ڪري ڇڏيو (سوره مريم). هن سڀني قرآني مثالن مان قرن تعداد کي نه پر، قوم، گروه يا جماعت لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي. حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي حديث آهي ته “ خير القرون قرني...“ بهترين جماعت آهي مُهنجي جماعت. اهڙي طرح يقينن حضرت نوح کان پهرين جيڪو تاريخ جو وڏو عرصو گذريو هوندو ان مُطابقت سان حضرت آدم ع ۽ حضڙٽ نوح ع جي وچ ۾ هزاري سال گُذريا هوندا. والله اعلم بثواب.

    صحيح بخاريءَ ۾ حضرت ابن عباس کان روايت آهي ته حضرت آدم ع ۽ حضرت نوح عليه اسلام جي وچ جو عرصو “ ڏه قرنن” تي مُحيط هو ۽ ان جي وچ ۾ جيڪي به ماڻهو پئدا ٿيا هُئا اهي سڀئي جا سڀئي اسلام تي هُئا ۽ عيساين ۽ نصارن جو اهو خيال ته قابيل ۽ ان جا پُٽ باه جا پُڄاري هُئا قطئي غلط آهي. والله اعلم بثواب.

    الله تعالي حضرت نوح ع ۽ ان جي قوم ۽ منڪرن لاءِ عذاب، اهل ايمان وارن لاءِ نجات وغيره جا موضوع قرآن مجيد ۾ مختلف جڳهين تي بيان ڪيا آهن . سوره الاعراف، سوره يونس، سوره هود، سوره انبياءَ، سوره مومنون، سوره شعرا، سوره عنڪبوت، صوره صافات، سوره اقتربت ۾ پاڻ مخلف سببن سان ذڪر ڪيو آهي.حضرت نوح ع جي قصي ۾ هڪ سوره به نازل فرمائي.

    کين الله تعالي ان وقت دنيا ۾ آندو جڏنهن دنيا ۾ بت پرستي شروع ٿي وئي ۽ نسل آدم ضلالت ۽ گمراهيءَ ۾ گهيرججي وئي. پاڻ زمين وارن وٽ ايندڙ پهريان رسول هُئا ۽ قيامت جي روز به کين “ رسول اول” چئي شفاعت لاِ چيو ويندو. بت پرستيءَ جو رواج جو اصل سبب اهوئي ئي هو جيڪو امام بخاري ابن جرح جي حديثن جي حوالي سان بيان ڪيو اهي.

    اقالو الا تذرن الاهتڪم لا تذرن ودا ولا يغوث و يعوق و نسرا (سوره نوح). حضرت ابن عباس رضيه جي روايت آهي ته سواع، يغوث، يعوق ۽ نسر حضرت نوح جي قوم جا نيڪ ماڻهو هُئا، جڏنهن هنن جي وفات ٿي ته شيطان ماڻهن جي دلين ۾ وسوسا وجهي انهن جي مجلسن ۾، ويهڻ جي جڳهين تي پٿر بهاري ڇڏيا ته کين ياد ڪري عبادت ڪجي ۽ انهن پٿرن کي انهن نيڪ ماڻهن جي نالن سان به موسوم ڪري ڇڏيائون، اهڙيءِ طرح پوءِ جي نسل، جنهن کي پٿرن رکڻ جو مقصد معلوم نه ٿيو، انهن پٿرن جي عبادت ڪرڻ لڳا. حضرت ابن عباس چئي ٿو ته قوم نوح ع کان پوءِ به عرب جا ماڻهو لاءِ اهي بُت معبود قرار ٿيا هُئا.


    ابن حرير پنهجي تفسيرن ۾ ٻُڌائي ٿو ته “ حضرت آدم ع ۽ حضرت نوح ع جي وچ واري صدين ۾ ڪي الله جا نيڪ ٻانها تمام گهڻي شهرت رکندا هُئا، جڏنهن انهن جي وفات ٿي ته سندن پيروڪارن سوچيو ته ڇو نه سندن تصويرون ٺاهيو ته جڏنهن انهن جي تصويرن کي سامهون آڻي الله جي بندگي ، انهن جي ياد سان ڪريون ته عبادت جو شوق گهڻو پئدا ٿيندو. جڏنهن اهي وفات ٿي ويا ته ابليس انهن جي پوئنرن جي دلين ۾وسوسو وڌو ته هن جا وڏا انهن تصويرن جي ئي عبادت ڪندا هُئا ۽ انهن جي وسيلي سان ئي بارش وغيره ٿئي ٿي اهو سڻي انهن جي نئين نسل انهن بُتن جي عبادت شروع ڪري ڏني. ي.

    ابن ابي حاتم، عروه بن زبير کان روايت ڪري ٿو ته “ ود، يعوث، سواع ۽ نسر ، حضرت آدم ع جا پُٽ هُئا ۽ هو ع انهن سڀني کان عمر ۾ وڏا هُئا ۽ وڌيڪ مُتقي ۽ پرهيزگار هو. ابي ابن حاتم چئي ٿو ته “ حضرت امام باقر نماز پڙهي رهيا هُئا ته اُتي ويٺل ماڻهن يزيد بن مهلب جو ذڪر شروع ڪري ڏنو. جڏنهن پاڻ نماز کان فارغ ٿيا ته پُڇڻ لڳا ته ڃا هو يزيد بن مهلب متعلق پيا ڳالهائين؟ يزيد بن مهلب هن سر زمين تي قتل ٿيو هو، جنهن ۾ سڀ کان پهرين بت پرستي شروع ٿي هُئي ۽ پوءِ پاڻ “ود” جو ذڪر شروع ڪيائون ته فرمايائون ته “ود هڪ نيڪ انسان هو، هو پنهنجي قوم ۾ نهايت عقيدت ۽ مُحبت سان سڃاتو ڄاتو ويندو هو، جڏنهن هن جي وفات ٿي ته پوءِ لڳ هن جي قبر جوي چوڌاري طواف ڪري رئڻ پٽڻ لڳا. ود جي قبر بابل ۾ هئي جڏنهن ابليس انهن جي اها آه و زاري ڌٺي ته انساني شڪل ۾ انهن وٽ آيو ۽ انهن لاءِ هڪ تصوير ٺاهي جنهن کي هنن گهر ۾ رکي ڇڏيو ۽ جڏنهن ڪجه عرصي تائن ان تصوير کي پوڄڻ لڳا ته هن کين آسانيءَ ڪرڻ لاءِ هر گهر لاءِ تصويرون ڄاهي ڏنيون ۽ اها تصوير هر گهر ۾ عبادت لاءِ رکي وئي اهڙيءِ طرح وُد جي تصوير پهرين ۽ پوءِ ٻين جون تصويرون وقت سان گڏ عبادت جو روپ ڌارينديون رهيون اهڙيءَ طرح شيطان جي ورغلائڻ تي ماڻهو الله جي عبادت ڇڏي بُتن کي پوڄڻ لڳا.

    بُخاري ۽ مسلم ۾ روايت آهي ته جڏنهن حضرت امه سلمه ۽ اُمه حبيبه رضيه الله عنهن نبي سائين جن جي خدمت ۾ حبشه جي سرزمين ۾ “ ماريه” نالي ڪليسيا جو ذڪر ڪيو ۽ ان جي خوبصورتي ۽ ان ڪليسا ۾ رکيل تصويرن جو ذڪر ڪيو ته پاڻ ص فرمايو “ زمانه قديم ۾ جڏنهن ڪو نيڪ شخص مري ويندو هو ته ماڻهو هن جي قبر تي عبادت گاه تعمير ڪري پوءِ ان جي عبادت شروع ڪري ڇڏيندا هُئا ۽ پوءِ ان عبادت گاه ۾ ان جي تصوير ٺاهي رکندا هُئا. الله جي مخلوق ۾ الله ج جي ويجهو اهي ماڻهو وڌ ۾ وڌ بد بخت آهن” پوءِ الله حضرت نوح ع کي آندو جنهن ته کين ورائي الله جي بندگيءَ جي دعوت ڏين ۽ کين ٻُڌائن ته “ الله کان سوا عبادت جي لائق ڪو به غير الله ناهي“ انهن ماڻهن کي حڪم ڏنائون ته الله سان ڪنهن کي به شريڪ نه ٺاهيو، الله کان سواء ڪوب پروردگار ناهي سڀ صرف ۽ صرف الله ج جي عبادت ڪريو.

    وما ارسلنا من رسول الا نوحي اليه انهُ لا لهُ الا انا فاعبدون ” (سوره انبياءَ). “عبدو الله مالڪم من اله غير، اني اخاف عليڪم عذاب يوم اليم” (سوره هود) نه عبادت ڪريو ڪنهن جي سوا الله جي، بيشڪ آئون ڊڄان ٿو ته توهان تي دردناڪ عذاب جو ڏينهن نه اچي وڃي. ـ“يا قوم اني لڪم نذير مبين. ان اعبد الله والتقوه و اطيعون” ـ (سوره نوح) اي مُهنجي قوم مان توهان کي بلڪل ڊيڄاريان ٿو ته عبادت ڪريو الله جي ۽ انکان ئي ڊڄو ۽ مُهنجي پيروي ڪريو هن آيتن ۾ حضرت نوح جي دعوت جي بنيادي تعليم کي بيان ڪيو ويو آهي. ، پاڻ مشرڪن کي طريقه بدلائي بدلائي دعوت حق ڏني، انهن کي ڪڏنهن رات جي اونداهين ۽ ڏينهن جي روشنين طرف متوج ڪيو ته هو الله جي نظام کي ڏسي هن اعلي هستيءَ جو يقين ڪري سندس ئي عبادت ڪن، غرض هر طريقو استعمال ڪيو پر مشرڪن کي سمجه ۾ نه آيو ماڻهو ضلالت ۽ سرڪشي ۾ مگن رهيا ۽ بُتن ۽ مورتين جي عبادت کا پري نه هٽيا ۽ سند تبليغ جي مذاق اڏائيندا رهيا ۽ سندن تحقير ۽ تنقيص شان ڪري دل جون ڀڙاسون ڪڍڻ لڳا ۽ ڌمڪي ڏني ته جي هن ع عبادت جو سلسلو بند نه ڪيو ته يا شهر نيڪالي ڏبي يا پٿرن سان ماري هلاک ڪبو .
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,192
    ورتل پسنديدگيون:
    5,194
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ڀلا نواب اڪبر بگٽي جي گهر جي تصوير سان انبيائن عليهم السلام جو ڪهڙو تعلق ؟
     
  17. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ادا هي صرف سيمپل ڏيکاريل آهي ته ڪيئن جبلن ۾ به پڪا گهر قائم ٿي سگهن ٿا ۽ روڳو غارن ۾ گذارو ڪرڻ نه هو ان کان سوا ٻيو ڪُجهه نه.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    نبين ع جو قصو پڙهي جي ڪُجهه دوست ان جي تصيح ڪرڻ چاهين ٿا يا ڪُجهه جوڙڻ ۽ واڌ ڪرڻ چاهين ٿا ته مهرباني ڪري حوالا ضرور ڏين۔ ته هنن اها ڳالهه ڪهڙن ڪتابن ۽ جلدن مان اخذ ڪئي آهي جيئن انهن ڪتابن جي اڀياس ڪري ان تي به تبصرو ڪري سگهجي۔
     
  19. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جاگرافي اعتبار سان عيسايت ۽ يهوديت وانگر اسلام به انهن ئي علائقن مان دُنيا ۾ آيو جنهن کي اسان مشرقي وسطى جي نالي سان سُڃاڻون ٿا۔ اسلام جيڪو اڄ آخري شريعت مُحمدي جهنڊي تحت پوري ڪائنات جي ماڻهن ( اُمت) لا هاڻ منسوب آهي ۽ جنهن تحت مُحمد صلي الله عليه وسلم سميت سڀني 1،24،000 نبين تي ايمان رکڻو آهي، جڏنهن ته انهن ۾ان ڪن خاص 25 نبي الصلات والسلام جو ذڪر قراآن پاڪ ۾ آهي اُهي فقط 25 نبي الله تعالى عليه الصلات والسلام جن آهن جيڪي قرآن ڪريم جي 35 سوره (فاطر) جي آيات 24 جي مُطابق 25 نبي ۽ رسول آهن۔ اُن کان علاوه اُهي سڀ ٻيا به اهن جن جو ذڪر قُرآن ڪريم ۾ ڏنل ناهي۔

    قديم زماني کان توحيدي مذهبَ، جن تي ڪتاب نازل ٿيا اُنهن ۾ هڪ واحد قرآن ڪريم آهي جيڪو الهامي ڪتاب سمجهيو وڃي ٿو۔ الهام جي متعلق واضح ٿيو آهي ته الله جو اُهو ڪلام جيڪو جبريل ع ته کڻي آيو پر ڪائنات ۾ مُحمد ص عربي جي واتان ادا ٿي قرآن پاڪ جي شڪل اختيار ڪري ويو۔ ۽ عرب هُجي يا عجم اُنهي قراآن پاڪ کي عربي زبان ۾ ئي پڙهيو وڃي ٿو۔ جڏنهن ته قومن جي سمجهڻ لاِ انهن جو ترجمون اُنهن جي پنهنجي زبان ۾ ڪيو ويو اهي۔

    انهي الاهمي ڪتاب (قرآن پاڪ) ۽ شريعت مُحمدي (حديثن) تحت ايمان رکڻ وارين ڳالهين جو ذڪر ڳڻي ٻُڌايو ويو آهي ۽ موجود آهي۔ توحيد کڻي اڳتي هلڻ ۽ شرڪ، بدعت جي عملن کان کُلي منع ٿيل آهي چاهي اُها ڪهڙي به بهترين شڪل يا نيت ۾ واڌ ڪري آندي وئي هُجي۔ خالق ۽ تخليق ۾ بشر کي اشرف المخلوقات جو درجو پڻ ڏنو ويو اهي۔ نمازن ۾ 5 وقت (وقفي) نماز ۽ جمع جي احتمام ۽ فضيلت جو ذڪر پڻ آهي۔ عبادت لا مسجدن کي ئي افضل قرار ڏنو ويو اهي، حلال ۽ حرام جي کُلي تشريح ڏني وئي اهي۔ خوشين ملهائڻ لا ٻن بهترين عيدن عيدالفطر ۽ عيد الاضحى کان سوا ٻي ڪنهن به عيد (خوشي ۽ شڪراني) جو ذڪر ناهي۔ پو به اسان اهڙيون شيون اسلام جي نالي ڳنڍي پيش ڪريون ٿا (فرقا بندي) جن جو نه ته دين ڪامل ۾ ذڪر آهي ۽ نه ئي اُن جي اجازت ڏنل۔ پو به جي اسان هڪ الله جي وحدانيت واري ۽ شريعت مُحمدي ص جي سيکاريل ۽ ٻُڌايل دين کي ڇڏي باقي 72 فرقن جي پوياري ڪريون ٿا ته ان جو حساب ڪتاب ته الله ج کي ڏبو، جنهن جي ڏڦير ڪري دين اسلام ڪامل دين سازشن سان ٽڪڙا ٽڪڙا ڪري عالم اسلام کي ورهايو ويو آهي۔ الله ج اسان سڀني کي سچائي ۽ تعصبيت کي هٽائي محمد صلي الله عليه وسلم جي شريعت مُهمدي تا قابض ڪري ۽ دلين ۽ دماغن کي کولي حق جي راه وٺارائي۔ آمين ثم آمين يا رب العالمين۔ (والله اعلم بثواب)۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو