1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

روزي جون حڪمتون

'رمضان المبارڪ' فورم ۾ غلام قاسم تسنيمي طرفان آندل موضوعَ ‏29 جون 2014۔

  1. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    روزي جون حڪمتون

    تحرير: غلام قاسم تسنيمي

    مهاڳ

    دنيا جي هر شي جو هڪ ظاهر آهي ته هڪ باطن، خدائي قانون ۽ اصول جيڪي ديني احڪام جي صورت ۾ ظاهر ٿيا آهن انهن جو به هڪ باطن، راز ۽ حقيقت آهي. قرآن پاڪ جي تصريح ۽ چٽي بيان مطابق انساني تخليق جو به هڪ مقصد آهي آهي جيڪو پالڻهار جي بندگي ۽ عبادت آهي. جئين ته ارشاد آهي: وَ ما خَلَقْتُ الْجِنَّ وَ الْإِنْسَ إِلاَّ لِيَعْبُدُون، (سورت ذاريات، آيت 56)‏ ۽ مون جنن ۽ انسانن کي رڳو هن لاءِ پيدا ڪيو آهي ته منهنجي عبادت ڪن.

    پر ان عبادت جو به ڪو راز، فلسفو ۽ حڪمت آهي، ڇو جو هر عبادت ۾ ڪجھ حڪم آهن ته ڪجھ آداب ۽ ڪي وري حڪمتون. فقهي ڪتابن ۾ عام طور تي عبادت جي حڪمن کي پيش ڪيو ويندو، جڏهن ته “آداب عبادت” جو فقهي ۽ اخلاقي ڪتابن ۾ بحث ڪيو ويندو آهي، پر حڪمت عبادت جو بيان نه فقهي ڪتابن ۾ ٿيو آهي ۽ نه وري اخلاقي ڪتابن ۾ ان جو ڪو نالو نشان آهي، جڏهن ته هر عبادت جو ڪو اصلي مقصد، سندس راز يا حڪمت ئي هوندي آهي جنهن تحت کيس واجب ڪيو ويو آهي ۽ انسان، قيامت ڏينهن انهيءَ راز ۽ حڪمت سان گڏ محشور ٿيندو.

    مثال طور تي “قرباني” جو هڪ ظاهر آهي ته هڪ باطن، ظاهري طور تي هڪ جانور کي الله جي راھ ۾ قربان ڪيو وڃي ٿو جنهن مان کل ۽ گوشت حاصل ٿين ٿا، پر اهي کل ۽ گوشت ته الله جي ڪنهن ڪم جا نه آهن ۽ نه ئي ڏانهنس رسن ٿا. پر ان قرباني جي پويان لڪيل خدا سان عشق ۽ سندس حڪم جي تعميل جو جذبومطلب ته تقوى الله تائين رسي ٿي. لا ريب ڪلام ۾ سهڻي رب جو فرمان آهي:لَنْ يَنالَ اللَّهَ لُحُومُها وَ لا دِماؤُها وَ لكِنْ يَنالُهُ التَّقْوى‏ مِنْكُم‏، (سورت حج، آيت 37)، خدا کي نه انهن (قربانين) جو گوشت پهچي ٿو ۽ نه ان جو رت پر وٽس اوهان جي پرهيزگاري پهچي ٿي.

    جاهليت جي دور ۾ جڏهن قرباني ڪندا هئا ته انجو ڪجھ ڪجھ حصو ڪعبي جي ديوار تي ٽنگي ڇڏيندا هئا ته ڪجھ رت به ديوارن کي مليندا هئا ته جئين قبول پوي. ان اسلام ان ڪم تي بطلان جي لڪير پائي ڇڏي. اسلام جي نظر ۾ متقي اهو آهي جيڪو عبادت جي باطن جو ادراڪ ڪري ان تائين رسائي حاصل ڪري، خدا جو قرب ماڻي.

    هن مختصر لکت ۾ اسان روزي جهڙي عظيم عبادت جي حڪمت ۽ راز بابت ڪن ڳالهين ڏانهن اشارو ڪنداسين جن کي سمجهي ڪري، ان عبادت جي اصلي گوهر جي حاصلات ممڪن ٿي سگهي.

    1.روزي جو انسان لاءِ بهتر هجڻ

    انهيءَ ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو شڪ نه آهي ته پاڪ پالڻهار جي ذات هر شي کان بي نياز آهي، تنهنڪري ڪنهن به موضوع بابت جڏهن حڪمت، راز، مصلحت يا فائدي جي ڳالھ ڪجي ٿي ته ان جو اهو ئي مطلب آهي ته اهو عمل انسان لاءِ ڪهڙي مصلحت رکي ٿو جو ان ڪريم رب، ان کي پنهنجي آسماني ۽ لازوال شريعت جو جز بڻايو آهي ۽ انسان لاءِ لازمي قرار ڏنو آهي.

    روزي جي انهيءَ عظيم راز جو انڪشاف خود قرآن ڪريم پاڻ ڪيو آهي، معبود ازلي جو فرمان آهي وَ أَنْ تَصُومُوا خَيْرٌ لَكُمْ إِنْ كُنْتُمْ تَعْلَمُون‏، (سورت بقره، آيت 184) (۽ ياد رکو ته) روزو رکڻ توهان لاءِ( هر حال ۾) بهتر آهي. ظاهر آهي ته اها ڳالھ مادي فڪر ۽ ذهن سان سمجھ جوڳي نه آهي، هڪ دنيا پرست انسان ڪئين ان ڳالھ جو ادراڪ ڪري سگهي ٿو ته بکيو رهڻ، اڃ ڪاٽڻ يا روزي کي ٽوڙيندڙ ٻين شين کان پاسي ڪرڻ ۾ سندس ئي فائدو آهي.

    اهڙو ئي هڪ ٻيو مثال، جمعي نماز ۾ ملي ٿو جو پالڻهار حڪم ڪيو آهي ته نماز جمعه قائم ڪرڻ مهل دنياوي معاملن ۽ واپار کي ڇڏي ڏيو، انهيءَ ۾ توهان جو ئي ڀلو آهي: يا أَيُّهَا الَّذينَ آمَنُوا إِذا نُودِيَ لِلصَّلاةِ مِنْ يَوْمِ الْجُمُعَةِ فَاسْعَوْا إِلى‏ ذِكْرِ اللَّهِ وَ ذَرُوا الْبَيْعَ ذلِكُمْ خَيْرٌ لَكُمْ إِنْ كُنْتُمْ تَعْلَمُون، (سورت جمعه، آيت 9)‏ اي ايمان وارو! جڏهن جمعي جي ڏينهن نماز جمعه لاءِ ٻانگ ڏني وڃي ته خدا ياد ڪرڻ لاءِ جلدي ڪريو ۽ سودي واپار کي ڇڏي ڏيو اهو اوهان لاءِ گهڻو چڱو آهي جيڪڏهن اوهين ڄاڻيو. ظاهر آهي ته ان جو مطلب هي آهي ته فائدو صرف مادي نه هوندو آهي بلڪه معنوي فائدو ۽ الله جو راضپو هر فائدي کان مٿانهون آهي.

    روزو ڪيترن ئي لحاظن سان انسان لاءِ فائديمند آهي جهڙوڪ تندرستي لاءِ، ڇو جو ڪيتريون ئي بيماريون کائڻ پيئڻ ۽ معدي جي گڙ بڙ سان پيدا ٿين ٿيون. جيڪڏهن انسان کائڻ پيئڻ ۾ اعتدال کي ملحوظ نظر رکي ته پنهنجي تندرستي جو بچاءُ ڪري سگهي ٿو. پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله و سلم جن جو مشهور فرمان به روزي جي انهيءَ فائدي کي بيان ڪري رهيو آهي: صوموا تصحوا،(دعوات راوندي، ص 76) روزو رکو ته جئين تندرست رهو. تربيتي لحاظ کان روزي انسان جي قوت ارادي کي مضبوط بڻائي ٿو. معاشرتي لحاظ کان طبقاتي نظام کي ختم ڪرڻ جو اهم ڪارڻ آهي جو اميرن ۽ غريبن سان همدردي جو احساس پيدا ڪري ٿو.

    ايترن عظيم فائدن باوجود سهڻي رب روزي کي واجب ڪيو آهي ته جئين انسان جيڪڏهن انهن ڏانهن متوجه نه آهي ته رب جو فرمان سمجهي روزو رکي ۽ پنهنجي رب سان رابطو مضبوط بڻائي ته معاشري ۾ موجود پنهنجي ديني ڀائرن سان به. پنهنجي دنيا به سنواري ته آخرت به.

    2.اخلاص پيدا ڪرڻ

    دين جو اصلي ۽ بنيادي ٿنڀ، توحيد آهي، اسلام جا زندگي گزارڻ بابت ٻڌايل قانون مطلم ته نظام حيات، تي استوار آهي. قرآن مجيد سڀني نبين جي مبعوث ٿيڻ جو مقصد به توحيد جي دعوت ۽ هڪڙي معبود جي عبادت ڪرڻ ٻڌايو آهي: وَ لَقَدْ بَعَثْنا في‏ كُلِّ أُمَّةٍ رَسُولاً أَنِ اعْبُدُوا اللَّهَ وَ اجْتَنِبُوا الطَّاغُوت‏، (سورت نحل، آيت 36) ۽ اسان هر امت ۾ هڪ رسول ضرور موڪليو (ته جئين ماڻهن کي چوي) ته خدا جي عبادت ڪريو ۽ بتن جي پوڄا کان بچندا رهو.

    پر سوال هي آهي ته پالڻهار جي حقيقي ۽ خالص عبادت ڪئين ڪجي، جنهن ۾ خالص بندگي جي جذبي کانسواءِ ڪنهن به ٻئي جذبي جهڙوڪ رياڪاري ۽ ڏيکاءُ جو ذري برابر به عمل دخل نه هجي؟ روزو انهيءَ عظيم معنوي گوهر جي حاصلات جو بهترين ذريعو آهي. جئين ته امام علي عليه السلام جن جو فرمان آهي:فرض الله... الصيام ابتلاء لاخلاص الخلق،(نهج البلاغه، حڪمت 252) الله سائين مخلوق جي اخلاص کي آزمائن لاءِ روزو واجب ڪيو آهي. يا جناب زهرا جو پاڪ فرمودو آهي: فرض الله الصيام تثبيتا للاخلاص،(بحار، ج96، ص 368) الله سائين اخلاص کي استوار ڪرڻ لاءَ روزو واجب ڪيو آهي.

    ڏٺو وڃي ته ته روزو ئي اها خالص عبادت آهي جنهن ۾ ڏيکاءُ ۽ رياڪاري ناممڪن آهي ڇو جو سڄي ڏينهن ۾ ڪو نه ڪو اهرو موقعو ضرور ملي ٿو جتي انسان کي رب کان سواءِ ڪو ڏسڻ وارو نه هجي ۽ جيڪڏهن هو چاهي ته روزي کي ٽوڙيندڙ عملن مان ڪنهن کي به آساني سان انجام ڏئي سگهي ٿو پر نه روزيدار مومن انسان، الله جي راضپي ۽ سندس قرب ماڻڻ لاءِ هر ان شي کان پاسو ڪري ٿو جنهن سان روزي تي اثر پوي.

    روزي ۾ لڪيل ان عظيم راز ۽ حڪمت ڪري ئي حديث قدسي ۾ سهڻي رب جو فرمان آهي: الصوم لي و انا اجزي به،(الخصال، ج1، ص 45) روزو منهنجي لاءِ آهي ۽ مان ئي انجي جزا ڏيندس يا منهنجو وصال ئي روزي جي جزا آهي.

    3.پرهيزگار ٿيڻ

    روزي جي واحد حڪمت ۽ راز جيڪو قرآن مجيد ۾ بيان ٿيو آهي، اهو پرهيزگاري آهي: يا أَيُّهَا الَّذينَ آمَنُوا كُتِبَ عَلَيْكُمُ الصِّيامُ كَما كُتِبَ عَلَى الَّذينَ مِنْ قَبْلِكُمْ لَعَلَّكُمْ تَتَّقُون‏، (سورت بقره، آيت 183) اي ايمان وارو! روزر رکڻ جئين اوهان کان اڳين تي فرض ڪيل هئا ائين توهان تي به فرض ڪيل آهن ته جئين اوهان پرهيزگار بڻجي وڃو. انهي جو سنئون سڌو مطلب هي آهي ته روزو، تقوى جي حاصلات لاءِ آهي ۽ جيڪڏهن اسان روزو ته رکون پر اها قوت ۽ سگھ اسان ۾ پيدا نه ٿئي ته ڄڻ اسان بغير ڪنهن مقصد جي بک ۽ اڃ ڪاٽي آهي. جئين ته مولا علي عليه السلام جو فرمان آهي: کم من صائم ليس له من صيامه الا الجوع والظما، (نهج البلاغه، حڪمت، 145) ڪيترائي روزيدار اهڙا آهن جن کي روزي منجهان سواءِ اڃ ۽ بک جي ڪجھ نٿو ملي.

    باقي اها ڳالھ ته روزو ڪهڙي نموني اسان کي پرهيزگار ۽ متقي بڻائي ٿو ته اها هڪ چٽي حقيقت آهي ته جنهن کي سمجهڻ ڪو ڏکيو نه آهي، جڏهن روزيدار الله جي حڪم ڪري جائز ۽ حلال ضرورتن کان منهن موڙي ۽ هٿ روڪي سگهي ٿو ته اهو عمل سندس ارادي جي مضبوط ٿيڻ جو سبب ٿئي ٿو. هاڻ اهو مضبوط ارادي وارو انسان، حرام شين ۽ ڪمن کان به پاسو ڪري سگهي ٿو.

    قرآن مجيد پرهيزگار ۽ متقي انسانن لاءِ ٻن قسمن جو انعام ذڪر ڪيو آهي. هڪ ته جنت ۽ سندس جھجھيون نعمتون جهڙوڪ نهرون ۽ باغ آهن: إِنَّ الْمُتَّقينَ في‏ جَنَّاتٍ وَ نَهَرٍ ، (سورت قمر، آيت 54) بيشڪ پرهيزگار جنت ۽ نهرن ۾ هوندا. اهي ظاهري نعمتون آهن جڏهن ته ٻيو انعام معنوي انعام آهي، رب جي ويجهڙائي ۽ الله جو قرب: في‏ مَقْعَدِ صِدْقٍ عِنْدَ مَليكٍ مُقْتَدِر، (سورت قمر، آيت 55) وڻندڙ جاءِ ۾ هر طرح جي قدرت رکندڙ بادشاھ جي بارگاھ ۾ مقرب هوندا. ان مرتبي تي صوف ۽ ڪيلي جو ڳالھ نه آهي ڇو جو باغ، نهرون، ڦل ۽ ميوا جسم ۽ بدن لاءِ آهن، جڏهن ته حق جو ديدار ۽ محبوب سان وصال هڪ معنوي نعمت آهي. روزي جو باطن، حڪمت ۽ راز اهو آهي.

    امام صادق عليه السلام جو ارشاد آهي: للصائم فرحتان فرحه عند الافطار و فرحه عند لقاءِ الله (وسائل الشيعه، ج10، ص 403) روزيدار کي ٻه خوشيون ملنديون هڪ افطار گهڙي ته ٻئي پالڻهار سان ملاقات مهل.

    4.شهوتن جي ڄار مان آزادي

    الله سائين پنهنجي نهايت اعلى حڪمت مطابق انسان کي مختلف جذبا، شهوتون ۽ خواهشون عطا ڪيون آهن ۽ جيڪڏهن انسان انهن کي سهڻي نموني ڪم آني ته اهي سندس دنياوي ۽ اخروي زندگي ۾ کيس ڪامياب بڻائي سگهن ٿيون پر جيڪڏهن الله نه ڪري ڪو انسان انهن خواهشن ۽ شهوتن جي پوراءُ کي اصلي مقصد سمجهي ڪري انهن جي پيروي ڪرن لڳي ته اهي کيس هلاڪت ۾ مبتلا ڪنديون.

    نبي ڪريم صلي الله عليه و آله و سلم جن شعبان جي آخري جمعي واري خطبي ۾ ارشاد فرمايو: يايها الناس ان انفسکم مرهونه باعمالکم ففکوها باستغفارکم، (امالي، ص 85) انسانو! توهان آزاد نه آهيو، توهان جي گناهن توهان کي قيد ڪري ڇڏيو آهي، رمضان جي پاڪ مهيني ۾ استغفار ڪري۽ بخشش گهري پاڻ کي آزاد ڪرايو. اصل ۾ گناهگار انسان قرضي آهي، قرضي کي ضمانت طور ڪا شي گروي رکڻي پوندي آهي. جڏهن ته آخرت ۾ دنيا واري زمين يا ملڪيت ڪنهن ڪم جي نه آهي جو کيس گروي رکيو وڃي تنهنڪري اتي صرف “جان” کي گروي رکيو ويندو. جيڪو انسان اهو سمجهي ٿو ته منهنجي مرضي جيڪو چاهيان سو ڪريان، جتي چاهيان سو وڃان، جيڪو چاهيان سو ڳالهايان ته اهو انسان قيدي آهي، پنهنجي شهوت، خواهش ۽ نفس جو غلام آهي.

    اسلام ۾ ڪا به شي “آزادي” جهڙي نعمت جي اهميت نٿي رکي. مولا امير جو قول آهي: من ترک الشهوات کان حرا (بحار، ج74، ص 239) جيڪو شهوتن کي ڇڏي ڏئي اهو آزاد آهي. قرآن مجيد جي واضح فرمان مطابق هر انسان پنهنجي عمل جو قيدي آهي: كُلُّ امْرِئٍ بِما كَسَبَ رَهين‏،(سورت طور، آيت 21) سڀڪو ماڻهو پنهنجي ڪمائي ۾ گروي ٿيل آهي.

    رمضان جو مهينو، آزادي جو مهينو آهي هر ڏينهن ۾ روزو رکي ڪري انهن زنجيرن ۽ ڄارن کي ختم ڪريون، جيڪي اسان پنهنجي هٿن سان ٺاهيون آهن. آزادي جو بهترين رستو عبادت جي حڪمت ۽ راز کي سمجهي ڪري صحيح نموني انجام ڏيڻ آهي خاص طور تي روزي جهڙي عظيم عبادت کي ڪامل طور درست انجام ڏيڻ.

    5.مساوت ۽ برابري پيدا ڪرڻ

    ديني پاڪ اڳواڻن پنهنجي دعائن ۽ حديثن ۾ رمضان کي مساوات ۽ برابري جو مهينو ڪوٺيو آهي. روزي جي هڪ اهم حڪمت پنهنجي ديني ڀائرن ۽ ٻين عام محتاج انسانن لاءِ مساوات ۽ برابري جو احساس پيدا ڪرڻ آهي، جڪي خوشحالي ۽ سک جي زندگي گذارين ٿا ۽ انهن بک، سور ۽ ڏک جو مزو نه چکيو آهي، ٿي سگهي ٿو ته اهي غريبن ۽ مسڪينن جي بک ۽ ڏک کي نه سمجهي سگهن. انهيءَ احساس کي پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ پاسي اسلام کاڌي کارائڻ جي تمام گهڻي فضيلت ۽ اهميت بيان ڪئي آهي ته ٻئي پاسي روزي کي واجب ڪيو آهي ته جئين هر انسان عملي طور تي بک ۽ ڏک کي محسوس ڪري ۽ انهيءَ حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

    اها ئي ڳالھ امام صادق عليه السلام جي روايت ۾ به آهي. هشام بن حڪم مولا کان سوال ڪيو ته الله سائين روزو واجب ڇو ڪيو آهي؟پاڻ فرمايائون: الله سائين روزو ان ڪري واجب ڪيو آهي ته جئين امير ۽ غريب هڪجهڙا ٿي سگهن، ڇو جو امير بک جو ڏک محسوس نه ڪيو آهي جو غريب سان همدردي ڪري. هو ته جڏهن ڪجھ چاهي ڪري سگهي ٿو. الله سائين چاهيو ته پنهنجي ٻانهن ۾ هڪجهڙائي ۽ مساوات پيدا ڪري جئين امير به بک جي تڪليف محسوس ڪري. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته امير ڪڏهن به غريب جو احساس نه ڪري ها.(بحار، ج96، ص 371)

    نفسياتي ماهرين مطابق انسان وٽ “حب نفس” پاڻ کي پسند ڪرڻ جو هڪ جذبو آهي، جيڪڏهن ان جذبي کي اعتدال ۾ آڻجي ته ڏاڍو سٺو. انهي ڪري اسلام ۾ اهو حڪم ڏنو ويو آهي ته جيڪو به پنهنجي لاءِ پسند ڪريو ٿا، ٻين لاءِ به اهو ئي پسند ڪريو. روزو اسان جي اندر اهو احساس پيدا ڪري ٿو ۽ جڏهن ماڻهو پاڻ بکيو رهي ٿو ته کيس اها خبر پوي ٿي ته معاشري ۾ ٻيا به ڪي لاچار ۽ محتاج انسان آهن جيڪي مختلف نعمتن کان محروم آهن.
    آخر ۾ دعا آهي ته پاڪ پالڻهار اسان کي ان عظيم عبادت مان فيض پرائڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين!
     
    15 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    سائين مناسبت مطابق بهترين تحرير آهي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,308
    ورتل پسنديدگيون:
    26,753
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جزاڪ الله ....

    سدا خوش هجو سائين. رمضان پاڪ جي فضيلتن ۽ برڪتن واري ڀلاري مهيني جي نسبت سان انتهائي سهڻو ليک موڪليو اٿو. دعاگو آهيون ته رب پاڪ سڀني مومنن جا روزا قبول ڪري ۽ روزائتن کي صحيح نموني روزي جا فرض ۽ روزي جي اهميت مطابق زندگي گذارڻ جي فضيلت عطا ڪري .... آمين
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,155
    ورتل پسنديدگيون:
    5,166
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    موقعي جي مناسبت سان سهڻو ونڊ
     
  5. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,063
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    سائين خدا اوهان کي جزا خير ڏي، تمام سٺي ڪاوش آهي سائين هن تحرير پڙهڻ واري کي خبر پوي ٿي ته روزي رکڻ واري جي لا ڪيترا فائدا آهن خدا اوهان جي علم ۾ مزيد اضافو فرمائي آمين
     
  6. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,359
    ورتل پسنديدگيون:
    6,694
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    213
    ڌنڌو:
    طالبلعم
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    موقعي جي مناسبت سان تمام بهترين موضوع ..
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو