عمرڪوٽ ۾ عورتن جي ميلي ۾ سنڌ سلامت

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ شاهده سمون طرفان آندل موضوعَ ‏22 اپريل 2010۔

  1. شاهده سمون

    شاهده سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2010
    تحريرون:
    39
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    ضلع حڪومت عمرڪوٽ پاران گورنمٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول عمرڪوٽ ۾ عورتن لاءَ ٻه روزه ثقافتي ۽ تفريعي ميلو لڳايو ويو هي ميلو صبح 9 کان رات 12 تائين جاري ٿي رهيو ميلي ۾ مردن جي داخلا تي مڪمل طرح پابندي هئي صرف ميڊيا وارن کي رپورٽينگ ڪرڻ جي اجازت هئي انهن کي به اهي هدايتون هيون ته اهي اجازت کان سواءَ فوٽو ۽ مووي به نٿا ڀري سگهن عمر ڪوٽ جي پٺتي پيل علا ئيقو جت عورتون گھرن کان ٻاهر ئي ڪون نڪرن تنن کي هن ميلي ۾ انجوائي ڪرڻ جو خوب موقعو مليو ميلي ۾ کاڌي پيتي شين کان سوا عورتن لاءَ ميڪ اپ ، چوڙين ڪپڙن جا اسٽال پڻ هئا جڏهن ته بيوٽي پالر ، مهندي لڳائيڻ جي اسٽالن تي عورتن جي تمام گھڻي رش هئي ، ميلي اندر هي هڪ حال ٺاهيو ويو هيو جنهن ۾ اسٽيج خوب سينگاريو ويو هو جت 500 عورتن جي ويهڻ لاءَ ڪرسيون لڳل هيون جڏهن ته سوين عورتون بيھ به ميوزڪل پروگرام ڏسنديون رهيون ساڳي حال ۾ شادين جي سهرن ، گيتن ڳائيڻ ، ڪنوارن کي سينگارڻ ، مهندي لڳائيڻ ، ٽيبلو پيش ڪرڻ جا مقابلا پڻ ڪرايا ويا هئا ڪامياب ٿيندڙن کي انعامن سان نوازيو پي ويو ، عمر ڪوٽ جي عورتن جا رايا هئا ته هي ميلو اڃان ٻه ٽي ڏينهن جاري رهي پر انتظاميا پاران عورتن جو اهو مطالبو رد ڪيو ويو . ميلي ۾ مقامي توڙي سنڌ ليول جي تنظيمن پنهنجا پنهنجا اسٽال لڳائي پنهنجي ڪار ڪردگي ظاهر ڪري رهيون هيون انهن اسٽالن ۾ سنڌ سلامت جو اسٽال پڻ نمايان هيو
    سنڌ سلامت جي اسٽال کي مڪمل ثقافتي نموني سان سينگاريو ويو هيو جتي ڊسپلي طور سنڌي ۽ ٿري عورتن جو ٺاهيل هٿ جو هنر جنهن ۾ ٿري لباس ، گھج ، اجرڪون ، ٻانڌڙيون
    شاھ جي بيتن جا فريم ،ڇٻون ۽ ٻيو سامان رکيل هيو اهڙي نموني سڀني جي نگاهن جو مرڪز سنڌ سلامت جو اسٽال هيو سنڌ سلامت جا ڪيلنڊر پڻ اسٽال تي موجود هئا ڪيلنڊرن جو محدود اسٽاڪ هئڻ ڪري رڳو ٻاهران آيل مهمانن ۽ سڄاڻ ماڻهن کي سوکڙي طور ڏنا ويا
    سنڌ سلامت اسٽال جي انچارج مرڪ سمون هئي ـ
    ميڙاڪي ۾ سنڌ سلامت اسٽال جي تصويري جهلڪ

    [photobucket]http://s909.photobucket.com/albums/ac299/SindhSalamat/Umerkot/298b8d5c.pbw[/photobucket]​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: عمرڪوٽ ۾ عورتن جي ميلي ۾ سنڌ سلامت

    ڀيڻ شاهده، اوهان سميت سڀني ڀينرن ۽ مرڪ سمون کي مبارڪون جن اهڙو سهڻو اسٽال سجايو ۽ ميلي جو توجهه سنڌ سلامت طرف ڪرايو، تصويري جهلڪين مان خبر پوي ٿي ته اسٽال جاندار ۽ ڀنيرن جي چهل پهل سان ٻهڪندو رهيو هوندو ۔۔۔
    shabashshabashshabash

    sindhsalamatsaathsal​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: عمرڪوٽ ۾ عورتن جي ميلي ۾ سنڌ سلامت

    ادي شاهده سمون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ توهان جي محنت رنگ لاتو ۔۔۔ تصويرون ڏسي يقين ڪريو منهنجو افسوس ٻيهر وڌي ويو ته هن ميلي کي پنهنجي اکين سان ڏسجي ها۔۔۔ پر ڇا ڪجي جو توهان لکيو هو ته هي ميڙاڪو صرف سنڌياڻين لاءِ هيو ۔۔۔
    تصويرن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته توهان تمام بهتر نموني سان سموري ميڙاڪي کي سنڀاليو ۔۔۔ ۽ ننڍڙي مرڪ پڻ ايندڙ مهمانن کي سنڌ سلامت بابت آگاهي ۽ رهنمائي بهترين طريقي سان ڪئي ۔۔۔۔
    هڪ وڌيڪ گذارش ته تصويرن کان سواءِ جيڪڏهن توهان وٽ ڪجهه وڊيوز موجود هجن ته مون ڏانهن يا محترم نثار ناز ڏانهن اي ميل ڪريو ته انهن جي مختصر ايڊيٽنگ ڪري سنڌ سلامت اسٽوڊيو طرفان جاري ڪري سگهجن۔۔۔
    توهان ۽ ننڍڙي مرڪ سمون جي ادا ڪيل هن ڪامياب ڪارنامي تي مان پنهنجي ۽ سموري سنڌ سلامت انتظاميه سميت مڙني ميمبرن جي طرفان مبارڪ باد ۽ شاباش ڏيان ٿو ۽ گڏ سنڌ سلامت سرپستِ اعلي سائين نثار ناز کي سفارش ڪيان ٿو ته توهان (شاهده سمون) ۽ مرڪ سمون کي سنڌ سلامت فورم طرفان تعريفي سند بطورِ اعزاز ڏين ته جيئن توهان جي اهڙي جاکوڙ کي يادگار بڻائي سگهجي۔۔۔۔
     
  4. عاجز سمون

    عاجز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 فيبروري 2010
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    ڪنري ضلع عمرڪوٽ
    جواب: عمرڪوٽ ۾ عورتن جي ميلي ۾ سنڌ سلامت

    سنڌ سلامت کي شيلڊ ملڻ واري رپورٽ منهنجي ذمي هئي جيڪا مصروفيت ڪري لڳائي نا سگهيس جيڪا جلد پڌري ڪئي ويندي مهر بانيsindhsalamatsaathsal
     
  5. شاهده سمون

    شاهده سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2010
    تحريرون:
    39
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: عمرڪوٽ ۾ عورتن جي ميلي ۾ سنڌ سلامت

    ادا رشيد ، ادا نثار ناز ۽ سنڌ سلامت جي مڙني ساٿين جي مهر باني ، ادا رشيد اسان ته اوهان کي ۽ سائين نثار کي ميلي گهمڻ جي دعوت ڏني هئي اوهان خود مصروفيت جي ڪري نه آيا اوهان ميلو گهمي سگهيا ٿي ٻاهران آيل لاڳاپيل مهمانن لاءِ ڪارڊ جاري ڪيا ويا هُئا اوهان جا ڪارڊ اسان وٽ پيل هئا وڊيو اسان وٽ محفوظ آهن جيڪي جلد اوهان کي ۽ ادا نثار کي موڪليندس هڪ ٻي ڳالهه رپورٽ ۾ جيڪي فوٽو آهن اهي هت اسان وٽ ۽ ڪجهه عمرڪوٽ جي ساٿين وٽ کلن نه پيا ؟ شايد اسان وٽ اسپيڊ نه آهي يا ٻيو ڪو مسئلو آهي هڪ ٻي ڳالهه ته سنڌ سلامت جي هڪ رپورٽ شيلڊ ملڻ واري رپورٽ اڃان رهي ٿي جيڪا پڻ جلد سنڌ سلامت تي لڳائي ويندي حوصله افزائي لا مهر باني سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  6. نور

    نور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2009
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: عمرڪوٽ ۾ عورتن جي ميلي ۾ سنڌ سلامت

    سلام آ توهانکي ادي شاهدا
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: عمرڪوٽ ۾ عورتن جي ميلي ۾ سنڌ سلامت

    ادي شاهده سنڌ سلامت جي اسٽال سان گڏ سنڌياڻين جي ميلي جي تصويري عڪاسي ڪرڻ جي مهرباني۔۔۔۔ ميلي ۾ شامل سنڌي ڀينرن کي ڏسي لڳي ٿو ته واقعي ۾ ميلو ڪيڏو نه جاندار هوندو۔۔۔ سنڌ سلامت جي ڀرپور نمائندگي ڪرڻ تي اوهان جا بيحد ٿورائتا آهيون۔۔۔
     
  8. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: عمرڪوٽ ۾ عورتن جي ميلي ۾ سنڌ سلامت

    واه زبردست ادا
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: عمرڪوٽ ۾ عورتن جي ميلي ۾ سنڌ سلامت

    محترم ڀيڻ اسان کي توهان جي وڊيو جو شدت سان انتظار آهي، بس ڀيڻ توهان طرفان بلڪل دعوت هُئي پر ڪڏهن ڪڏهن ڳاٽي ڀڳيون مجبوريون سامهون اچي وينديون آهن، ادي مان اهڙيون دعوتون جنهن ۾ منهنجي هن پياري ۽ محبتي اڱڻ سنڌ سلامت جو ذڪر هُجي اهي مس ڪونه ڪندو آهيان پر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مارئي جي مُلڪ ٿر جي سرزمين عمر ڪوٽ ۾ لڳندڙ مينا بازار واري ميلي ۾ شرڪت نه ڪري مان پنهنجو پاڻ کي تمام تمام تمام گهڻو قصور وار سمجهان ٿو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جيتوڻيڪ جيڪا مون کي پريشاني هُئي ان جي هڪ هڪ لمحي جي خبر توهان کي باقائده ٻُڌائي وئي هُئي ۔۔۔۔ لک لائق ڀيڻ جو توهان سنڌ سلامت جي نمائندگي تمام بهتر نموني سر انجام ڏني۔۔۔۔۔۔جنهن جي جيتري تعريف ڪئي وڃي اها تمام گهٽ هوندي۔
     
  10. bakhtawar

    bakhtawar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 جنوري 2010
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    mir pur khas sindh
    جواب: عمرڪوٽ ۾ عورتن جي ميلي ۾ سنڌ سلامت

    ڪاش جو مان ان ميلي ۾ هجان ها يا توهان انويٽ ڪيو ها.........
     
  11. وقار

    وقار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2010
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: عمرڪوٽ ۾ عورتن جي ميلي ۾ سنڌ سلامت

    واهه واهه ادي زبرست محنت آهي اوهان جي،،
     
  12. نصير چنا

    نصير چنا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 جون 2010
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    228
    ڌنڌو:
    رپوٽر آواز ٽي وي نيوز سيتاروڊ
    ماڳ:
    سيتاروڊ
    جواب: عمرڪوٽ ۾ عورتن جي ميلي ۾ سنڌ سلامت

    واه زبردست
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو