نامياري افسانه نگار جمال ابڙي جي لازوال افسانن جو ڪتاب ”پشو پاشا“ اوهان اڳيان پيش آهي. سندس هن ڪتاب جي اسڪين ڪاپي ڪرزمه جي ٿورن سان پيش ڪري رهيا آهيون. ياد رهي ته پشو پاشا جو پهريون ڇاپو 1959ع ۾ زندگي پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو، ٻيو دفعو طارق اشرف پاران 1973ع ۾ بد معاش جي نالي سان ڇپيو پر هڪ ئي ڏينهن سڀ ڪاپيون حيدرآباد ۾ ئي وڪامجي ويون. ٽيون دفعو هي ڪتاب ورسٽي پبليڪيشن ڪراچي پاران 1976ع ۾ ڇپايو ويو، جنهن جي اسڪين ڪاپي پيش آهي. هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو
لک لائق ادا.. هر سال پاڪستان ايندو آهيان ته هڪ يا ٻه ڪتاب چونڊ ڪري لکي ايندو آهيان ته هن ڀيري هي ڪتاب وٺي اچبا..گذريل سال مون ٻه ڪتاب چونڊيا هئا،هڪ پطرس بخاريء جي مضمونن جو مجموعو ۽ ٻيو جمال ابڙي جي ڪهاڻين جو مجموعو..پطرس وارو ڪتاب مليو پر جمال ابڙي جو ڪو ڪتاب نه مليو..پر سنڌ سلامت هي ڪتاب آنلائن ڪري مون تي احسان ڪيو آهي..آباد رهو