1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

رمضان المبارڪ جا ڪجهه ضروري مسئلا

'رمضان المبارڪ' فورم ۾ sindhislam طرفان آندل موضوعَ ‏30 جون 2014۔

  1. sindhislam

    sindhislam
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 مارچ 2013
    تحريرون:
    23
    ورتل پسنديدگيون:
    80
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    رمضان المبارڪ جا ڪجهه ضروري مسئلا

    محدّث العصر حافظ زبير علي زئي رحمه الله مرتب : ابوعمير حزب الله بلوچ

    1اللھ تعاليٰ جو فرمان آهي ته :

    فَمَنْ شَهِدَ مِنْكُمُ الشَّهْرَ فَلْيَصُمْهُ (185) البقرة

    توهان مان جيڪو شخص هن مهيني کي لهي (گهر ۾ موجود هجي) تنهن کي گهرجي ته روزا رکي .

    هن آيت جي عموم مان معلوم ٿيو ته هر بالغ مڪلف مسلمان تي روزا فرِض آهن هن عموم مان اهي ئي ماڻهو خارج ٿي سگهن ٿا جن لاءِ قرآن ، حديث ۽ اجماع مان دليل موجود هجي مثلا نابالغ ، مسافر، حيض (ماهواري ) واري عورت ، بيمار ۽ شرعي طور معذور ماڻهو .

    2 رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو : چنڊ ڏسي روزا شروع ڪيو ۽ چنڊ ڏسي عيد ڪيو جيڪڏهن (شعبان جي 29 تاريخ تي ) آسمان تي ڪڪر هجن ته شعبان جا 30 ڏينهن پورا ڪري پوءِ روزا شروع ڪيو (صحيح بخاري 1909 صحيح مسلم 1081 مفهوما )

    هن حديث مان معلوم ٿيو ته هر شهر (ملڪ ) ۽ علائقي جا ماڻهو پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ چنڊ ڏسي رمضان جا روزا شروع ڪندا ۽ عيد ملهائيندا .

    ياد رکڻ گهرجي ته پري واري علائقي ۾ ڏٺل چنڊ جو ڪوبه اعتبار نه آهي مثال طور جيڪڏهن سعودي عرب ۾ چنڊ نظر اچي ته حضرو ( پاڪستان ، سنڌ ) جا ماڻهو روزا رکڻ شروع نه ڪندا .

    سيدنا معاويه رضي الله جي دور ۾ شام ملڪ ۾ جمعي جي رات چنڊ نظر آيو جڏهن ته سيدنا ابن عباس رضي الله عنهما مديني ۾ ڇنڇر جي رات چنڊ ڏٺو ، سيدنا ابن عباس رضي الله عنهما پنهنجي (ثقه) شاگرد جي سوال ڪرڻ تي جواب ڏنو اسان ته ٽيهه روزا پورا ڪنداسين يا وري (پهرين) چنڊ نظر اچي ، پڇيو ويو ته ڇا توهان معاويه رضي الله ۽ سندس پهرين روزي

    رکڻ جو اعتبار نه ڪندا ؟ فرمايائين ته نه ان جو ڪوبه اعتبار نه ڪيو ويندو ، ڇوته رسول الله صلي الله عليه وسلم اسان کي اهوئي حڪم ڏنو آهي (صحيح مسلم 1087)

    هن صحيح حديث مان معلوم ٿيو ته شام جي ملڪ ۾ ڏٺل چنڊ جو اعتبار مديني ۾ نه ڪيو ويندو هيٺين محدثين ۽ علماءِ ڪرام هن حديث تي اهڙا باب ٻڌي ثابت ڪيو آهي ته هر علائقي وارا پنهنجو پنهنجو چنڊ ڏسي روزا رکندا :

    1 . امام ترمذي رحمه الله (باب ماجاءَ لڪل اهل بلد رؤيتهم ) جامع ترمذي (693)

    2. امام الائمه شيخ الاسلام ابن خزيمه رحمهالله (باب الدليل عليٰ ان الواجب عليٰ اهل ڪل بلد صيام رمضان لرؤيتهم لا رؤية غيرهم ) صحيح ابن خزيمة ( ج 3 ص 205 ح 1916)

    3. علامه نووي (باب بيان ان لڪل بلد رؤيتهم وانهم اذا رِأوا الهلال ببلد لايثبت حكمه لما بعد عنهم ) شرح صحيح مسلم (ج 7 ص 197 تحت حديث 1087 طبع احياء التراث العربي لبنان )

    4. محمد بن خليفه الوشتابي الابي (حديث لڪل قوم رئيتهم ) شرح صحيح مسلم (ج 4 ص 19 ح 1087 )

    5. ابوالعباس احمد بن عمر بن ابراهيم القرطبي (ومن باب : لأهل كل بلد رؤيتهم عند التباعد ) المفهم لما اشكل في كتاب مسلم (ج 3 ص 141 ح 955 )

    6. ابوجعفر الطحاوي فرمائي ٿو ته هن حديث ۾ آهي ته ابن عباس (رضي الله عنهما ) پنهنجي شهر کان سواءِ ٻئي شهر ۾ چنڊ ڏسڻ جو اعتبار نه ڪيو .الخ (شرح معاني الآثار ج 1 ص 423 ح 481 )

    محدثين ڪرام ۽ شارحين حديث جي هن سمجهه جي مقابلي ۾ چوڏهين صدي جي متاخر “علماء” جا منطقي استدلال مردود آهن جيڪي ابن عباس رضي الله عنهما جي هن حديٽ کي موقوف وغيره چئي پنهنجي تاويلن جو نشانو بنائيندا آهن .

    حافظ ابن عبدالبر الاندلسي ان ڳالهه تي اجماع نقل ڪيو آهي ته خراسان ۾ نظر آيل چنڊ جو اعتبار اندلس ۽ اندلس (اسپين ) ۾ ڏٺل چنڊ جو اعتبار خراسان ۾ نه ڪيو ويندو (الاستذڪار ج 3 ص 283 ح 592 )

    هيءُ ڪو مسئلو ئي ناهي ته سڄي دنيا جا ماڻهو هڪ ئي ڏينهن روزو رکن ۽ هڪ ئي ڏينهن عيد ملهائين ۽ جاگرافيءَ جي اعتبار سان اهو ممڪن به ناهي ڇوته جڏهن مڪي ۽ مديني ۾ ڏينهن هجي ٿو ته ان وقت آمريڪا جي بعض علائقن ۾ رات هجي ٿي .

    3. اهو برحق آهي ته عمل جي قبوليت لاءِ نيت ضروري آهي پر نيت دل جي ارادي کي چئجي ٿو مثال طور رمضان جون تياريون ڪرڻ ، چنڊ جي معلومات ڪرڻ يا ڏسڻ جي ڪوشش ڪرڻ ، سحري کائڻ ۽ تراويح پڙهڻ وغيره سان نيت ثابت ٿي وڃي ٿي ، ليڪن روزي لاءِ زبان سان نيت جا الفاظ ( وبصوم غد نويت من شهر رمضان ) ثابت ئي نه آهن .

    4. جيڪڏهن ڪو ماڻهو روزي جي حالت ۾ ويسر ۾ ڪجهه کائي پئي وٺي ته ان جو روزو برقرار آهي اهو شام جو ماڻهن سان گڏجي افطاري ڪري .

    تنبيهه : هيءُ ڪو مسئلو نه آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو ويسر ۾ کائي پئي رهيو هجي ته ان کي ياد نه ڏيارجي بلڪ ان کي ياد ڏيارڻ ۾ ڪوبه ڏوهه نه آهي .

    5. روزو افطار ڪرڻ وقت هيٺئين دعا پڙهڻ سنت کان ثابت آهي .

    ذَهَبَ الظَّمَأُ وَابْتَلَّتِ الْعُرُوقُ وَثَبَتَ الأَجْرُ إِنْ شَاءَ اللَّهُ .

    اڃ ختم ٿي وئي رڳون آليون ٿيون ۽ ان شاءَالله اجر پڪو ٿيو .( سنن ابي دائود 2357،وسنده حسن وصححه الحاڪم ج 1 ص 422، والذهبي وحسنه الدارقطني ج 1 ص 182 وهو الصواب )

    تنبيهه : سنن ابي دائود جي هڪ روايت ۾ اللٰهم لڪ صمت وعليٰ رزقڪ افطرت جا الفاظ آيل آهن پر اها روايت ثابت نه آهي بلڪ مرسل هجڻ جي ڪري ضعيف آهي .

    (محدث ڪبير علامه الباني رحمه الله پڻ هن روايت کي صحيح يا حسن قرار ڏيڻ کان رجوع ڪري روايت جو ضعيف هجڻ تسليم ڪيو هيو. تراجع الالباني رحمه الله ص 256 . اهڙي طرح ليلة القدر واري معروف دعا اللٰهم انک عفو تحب العفو فاعف عني (ترمذي 3513) راوي عبدالله بن بريده جي سيده عائشه رضي الله عنها کان سماع (ٻڌڻ) ثابت نه هجڻ جي ڪري ضعيف آهي ۽ ان روايت جا سڀيئي شواهد پڻ ضعيف آهن، وڌيڪ ڏسندا: انوار الصحيفه ص 297 . از : مرتب.)

    6. گرمي يا اڃ جي ڪري مٿي تي پاڻي نائڻ صحيح آهي ،

    ( موطا امام مالڪ ج 1 ص 294 ح 660 وسنده صحيح، سنن ابي دائود 2365)

    جنابت يا احتلام واري صورت ۾ ته غسل ڪرڻ فرض آهي پر گرميءَ ۾ روزي جي حالت ۾ غسل ڪرڻ بلڪل جائز آهي ان جي ڪابه منع ناهي ، وڌيڪ ڏسندا : (صحيح بخاري 1925 ، 1926، صحيح مسلم 1109 . )

    امام محمد بن سيرين تابعي رحمه الله (روزي جي حالت ۾ ) ڪپڙو پسائي چهري ۽ جسم تي وجهڻ ۾ ڪوبه ڏوهه نه سمجهندا هئا .( مصنف ابن ابي شيبه ج 3 ص 40 ح 9211 وسنده صحيح)

    7. کجور يا پاڻي سان روزو افطار ڪرڻ گهرجي (سنن ابي دائود 3255،وسنده صحيح وصححه الترمذي 695 ، وابن خزيمه 2067، وابن حبان 892، والحاڪم عليٰ شرط البخاري ج 1 ص 431 ووافقه الذهبي واخطا من ضعفه )

    8. ابراهيم نخعي (تابعي صغير) رحمه الله فرمايو : جڏهن توهان چنڊ ڏسو ته چئو : ربي وربڪ الله يعني اي چنڊ تنهنجو ۽ منهنجو رب الله تعاليٰ آهي . (مصنف ابن ابي شيبه ج 3 ص 98 ح 9730 وسنده صحيح)

    تنبيهه: چنڊ ڏسي پڙهڻ واريون مرفوع روايتون ضعيف آهن .

    9. سيدنا عبدالله بن عمر رضي الله عنهما روزي جي حالت ۾ ڏندڻ ڪرڻ ۾ ڪوبه حرج نه سمجهندا هئا ڏندڻ تازو (آلو) هجي يا خشڪ (سڪل) . (مصنف ابن ابي شيبه ج 3 ص 37 ح 9173 وسنده صحيح) وڌيڪ ڏسندا صحيح البخاري قبل ح 1934)

    10. امام زهري تابعي رحمه الله فرمايو : روزي جي حالت ۾ اکين ۾ سرمو وجهڻ ۾ ڪوبه ڏوهه ناهي .( مصنف ابن ابي شيبه ج 3 ص 47 ح 9275 وسنده صحيح)

    سليمان بن مهران الاعمش رحمه الله فرمائين ٿا : مون پنهنجي ساٿين مان ڪنهن کي به روزيدار لاءِ سرمي کي مڪروهه چوندي ناهي ٻڌو يعني اهي سڀيئي سرمي کي جائز قرار ڏيندا هئا .(سنن ابي دائود 2379 وسنده حسن )

    معلوم ٿيو ته سرمو پائڻ سان روزو خراب نه ٿيندو .

    11. وضوءَ جي دوران گرڙي ڪندي جيڪڏهن (بي ڌياني يا اتفاق سان ) نڙيءَ ۾ پاڻي هليو وڃي ته عطاء بن ابي رباح تابعي رحمه الله فرمايو ان ۾ ڪوبه حرج ناهي .(مصنف ابن ابي شيبه ج 3 ص 70 ح 4086 وسنده قوي. ورواية ابن جريج عن عطاء محمولة علي الاتصال)

    12. جنهن ماڻهو کي روزي جي حالت ۾ خودبخود الٽي اچي وڃي ته ان جو روزو نٿو ڀڄي، پر جي ڄاڻي واڻي الٽي ڪيائين ته روزوٽٽي پوندو . اهو مسئلو سيدنا عمر رضي الله کان ثابت آهي (مصنف ابن ابي شيبه ج 3 ص 38 ح 9188 وسنده صحيح )

    تنبيهه : ان باري ۾ مرفوع روايت ضعيف آهي .

    13. سج لهندي ئي جلدي روزو افطار ڪرڻ گهرجي (صحيح بخاري 1957، صحيح مسلم 1098.)

    14. جيڪڏهن ڪو ماڻهو سحري ڪري رهيو هجي ۽ ٿانءُ ان جي هٿ ۾ هجي (يعني هو کاڌو کائي رهيو هجي ان دوران) فجر جي اذان اچي ته کيس گھرجي ته (پنهنجي ضرورت مطابق) کاڌو کائي (جلدي)فارغ ٿي وٺي (سنن ابي دائود 2350 وسنده حسن )

    15. افطاري ڪرائڻ واري کي روزيدار جي برابر ثواب ملي ٿو ۽ روزيدار جي اجر ۾ ڪابه گھٽتائي نٿي ڪئي وڃي . (سنن ترمذي 807 وقال هٰذا حديث حسن صحيح ، وسنده صحيح )

    16. سيدنا عمر رضي الله يا ٻئي ڪنهن به صحابي کان ويهه رڪعت تراويح قولا يا فعلا ثابت نه آهي بلڪه سيدنا عمر رضي الله ٻن صحابن سيدنا ابي بن ڪعب ۽ سيدنا تميم الداري رضي الله عنهما کي حڪم ڏنو ته هو ماڻهن کي يارهن رڪعتون پڙهائين (موطا امام مالڪ روايت يحيٰ بن يحيٰ ج 1 ص 114 ح 249 وسنده صحيح ، شرح معاني الآثار للطحاوي ج 1 ص 293 )

    تقليد جو دعويدار محمد بن علي النيموي ڇوي ٿو ته : واسناده صحيح يعني هن اثر جي سند صحيح آهي (آثار السنن ص 250 ح 776 )

    انهن ٻنهي صحابه مان هڪ مردن کي ٻيو عورتن کي تراويح پڙهائيندو هو. مصنف ابن ابي شيبه جي هڪ روايت جو خلاصو آهي ته اهي ٻئي صحابي يارهن رڪعتون پڙهائيندا هئا (ج2 ص 392 ح 7670 )

    سيدنا سائب بن يزيد رضي الله کان روايت آهي ته اسان (يعني صحابه ڪرام) عمر بن خطاب رضي الله جي زماني ۾ يارهن رڪعتون پڙهندا هئاسين ( سنن سعيد بن منصور بحواله الحاوي للفتاويٰ ج 1 ص 350 . )

    هن روايت جي باري ۾ سيوطي چوي ٿو : بسند في غاية الصحة يعني تمام گهڻي صحيح سند سان (الحاوي للفتاويٰ ج 1 ص 350 . )

    هنن صحيح آثار جي مقابلي ۾ تقليدي حضرات السنن الڪبريٰ للبيهقي ۽ معرفة السنن والآثار جون جيڪي روايتو ن پيش ڪن ثا اهي سڀئي شاذ (يعني ضعيف ) آهن

    17. رمضان جي پوري مهيني ۾ جماعت سان گڏ تراويح نماز پڙهڻ جو ثبوت حديث ۾ موجود آهي رسول الله صلي الله عليه وسلم فرمايو : إِنَّهُ مَنْ قَامَ مَعَ الإِمَامِ حَتَّى يَنْصَرِفَ كُتِبَ لَهُ قِيَامُ لَيْلَةٍ .

    جيڪو ماڻهو امام سان گڏ(جماعت سان ) ان جي فارغ ٿيڻ تائين قيام ڪندو رهيو ان لاءِ سڄي رات قيام (نماز)جو ثواب لکيو وڃي ٿو . (سنن ترمذي 806،وقال هٰذا حديث حسن صحيح ، وسنده صحيح )

    18. تراويح نماز ۾ پورو قرآن ڪيترن دليلن سان ثابت آهي

    1. الله تعاليٰ جو فرمان آهي ته : ۽ قرآن مان جيڪو ميسر هجي اهو پڙهو (سورت المزمل 20 )

    2. رسول الله صلي الله عليه وسلم هر سال رمضان ۾ جبرائيل عليه السلام سان گڏجي قرآن مجيد جو پورو دور ڪندا هئا (صحيح بخاري 4997 ، صحيح مسلم 2307 )

    3. هيءُ عمل سلف صالحين کان بغير ڪنهن انڪار جي جاري ۽ ساري آهي .

    19. رمضان المبارڪ جي آخري ڏهاڪي ۾ اعتڪاف ڪرڻ سنت آهي پر ياد رکڻ گهرجي ته اهو فرض ۽ واجب ناهي . سنت جي دليل لاءِ ڏسندا (صحيح بخاري 2026 صحيح مسلم 1172 ، 5 )

    اعتڪاف هر مسجد ۾ جائز آهي جنهن حديث ۾ آهي ته اعتڪاف ٽن مسجدن(مسجد الحرام ، مسجد اقصيٰ ۽ مسجد نبوي ) کان سواءِ جائز نه آهي اها روايت امام سفيان بن عيينه رحمه الله جي تدليس (“ عن ” سان بيان ڪرڻ ) جي ڪري ضعيف آهي ڪجهه علماء جو هن روايت کي صحيح چوڻ غلط آهي .

    20. جيڪڏهن ڪو شرعي عذر (مثلا بارش ) نه هجي ته عيد جي نماز عيدگاهه (يا کليل ميدان ) ۾ پڙهڻ گهرجي ( صحيح بخاري 956 ، صحيح مسلم 9_ 889)

    سيدنا عمر رضي الله فرمايو : جيڪڏهن بارش هجي ته عيد جي نماز مسجد ۾ پڙهو . (السنن الڪبريٰ للبيهقي ج 3 ص 310 وسنده قوي )

    21. جيڪڏهن ڪنهن شرعي عذر جي ڪري رمضان جا روزا رهجي ويا هجن ته ٻئي رمضان اچڻ کان پهرين رکي ڇڏڻ گھرجن ٻئي رمضان گذرڻ کان پوءِ روزن رکڻ سان گڏ هر روزي جي بدلي ۾ هڪ مسڪين کي کاڌو پڻ کارائڻ گهرجي اها فتويٰ سيدنا ابوهريره رضي الله کان ثابت آهي . ( السنن الڪبريٰ للبيهقي ج 2 ص 197 ح 2321 ، وقال “اسناده صحيح” وسنده حسن )

    22.سيدنا عبدالله بن عباس رضي ا لله عنهما فرمايو :الإِفْطَارُ مِمَّا دَخَلَ وَلَيْسَ مِمَّا خَرَجَ .

    جيڪڏهن جسم ۾ ڪا شيءِ (پنهنجي مرضي سان) داخل ڪئي وڃي ته روزو ڀڄي پوندو پر جي ڪا شيءِ جسم مان ٻاهر نڪري (جيئن رت ) ته روزو نه ٽٽندو . (الاوسط لابن المنذر ج 1 ص 185 ح 81 وسنده صحيح )

    هن اثر مان معلوم ٿيو ته هر قسم جي سئي (انجڪشن) لڳرائڻ سان روزو ڀڄي پوندو ، ان ڪري روزي جي حالت ۾ انجڪشن لڳرائڻ کان پچڻ گهرجي .

    23. روزي جي حالت ۾ جيڪڏهن خودبخود مک وغيره وات ۾ هلي وڃي ته روزو خراب نه ٿيندو ڇوته اهڙي حالت ۾ انسان مجبور آهي . ڏسندا : سورت البقره (173) .

    24. روزي جي حالت ۾ اک يا ڪن ۾ دوا وجهڻ جو ڪوبه ثبوت ناهي ، ان ڪري ان کان بچڻ گهرجي .

    25. روزي جي حالت ۾ تازو (آلو) ۽ خشڪ (سڪل ) ڏندڻ ۽ سادو برش ڪرڻ جائز آهي پر برش ڪرڻ واري دوا (ٽوٿ برش) يا ڏندڻ واري دوا ڪرڻ جو ڪوبه ثبوت نه آهي ان ڪري ان کان بچڻ گهرجي .

    26. روزي جي حالت ۾ آڪسيجن وارو پمپ ( جيڪو دم سهڪي جي بيماري ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ دوا پڻ هوندي آهي ) استعمال ڪرڻ جو ڪوبه ثبوت منهنجي علم ۾ ناهي ان ڪري ان کان بچڻ گهرجي ، يا جيڪڏهن بيماري وڌيڪ هجي ته روزو افطار ڪري پوءِ استعمال ڪجي ، ڪجهه موجوده عالم آڪسيجن واري پمپ کي روزي جي حالت ۾ استعمال ڪرڻ جائز سمجهن ٿا .والله اعلم .

    27. ننڊن ٻارن کي روزي رکڻ جي عادت وجهڻ تمام سٺو عمل آهي .

    28. دائمي (هميشهه ) بيمار رهڻ وارو جيڪو روزا نه رکي سگهندو هجي اهو هر روزي جي بدلي ۾ ڪفارو ادا ڪري .

    29. جيڪڏهن ڪو ماڻهو گذاري وڃي ۽ سندس رمضان جا روزا رهيل هجن ته وارثن کي سندس سڀني روزن جو ڪفارو ادا ڪرڻ گهرجي ، پر جيڪڏهن ان جي ذمي نذر جا روزا باقي هجن ته سندس وارث اهي روزا رکندا .

    30. سفر ۾ روزا ڇڏڻ جائز آهن جنهن جي پوءِ قضاء ڪرڻي پوندي ، پر جي سفر ۾ تڪليف نه ٿئي ۽ روزي رکڻ جي طاقت هجي ته روزو رکڻ بهتر آهي .

    سنڌ اسلام ڊاٽ ڪام جي ٿورن سان
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,153
    ورتل پسنديدگيون:
    5,163
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    جزاکم الله خير
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عاشق علي سومرو

    عاشق علي سومرو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏30 مئي 2014
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    45
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    ڊاڪٽر
    ماڳ:
    ڪراچي
    تمام بهتر
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Jamali

    Jamali
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مارچ 2016
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سبحان اللٌه تمام بھترين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو