1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

روزو هڪ عظيم عبادت

'رمضان المبارڪ' فورم ۾ sindhislam طرفان آندل موضوعَ ‏30 جون 2014۔

  1. sindhislam

    sindhislam
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 مارچ 2013
    تحريرون:
    23
    ورتل پسنديدگيون:
    81
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    روزو هڪ عظيم عبادت
    الشيخ منيراحمد جوڻيجو . ميرپورخاص
    رحمت الهيٰ جي خصوصي نزول واري مهيني رمضان المبارڪ جي آمد آمد آهي جيڪو ٻانهن جي لاءِ نيڪين جي موسم بهار آهي جهڙي ريت بهار جي موسم ۾ خزان (سرءُ) جا ساڙيل ۽ سڪايل ٻن ڇڻي وڃن ٿا ۽ انهن جي جاءِ تي نوان پن ڦٽن ٿا اهڙي ريت رمضان المبارڪ جي آمد سان ٻانهي جا سابقه گناهه سڪل پنن وانگر ڇڙين وڃن ٿا ۽ نون پنن وانگر نيڪين سان درجا بلند ٿين ٿا. ثواب سيڙهڻ جو هي متبرڪ مهينو حقيقي مسلمان کي فيض و برڪت سميٽڻ جو مڪمل سامان مهيا ڪري ٿو. بندگي ۽ عبادت ۾ گهاريل هر ساعت ۽ گهڙي نيڪين جو اڻ کٽ خزانو مهيا ڪري ٿي. تنهن ڪري هر مسلمان کي کپي ته هو مبارڪ لمحن مان لاڀ حاصل ڪري ۽ خالق ڪائنات کي راضي ڪندي دنيا ۽ آخرت ۾ سرخرو ٿيڻ جي ڪوشس ڪري. ڪيڏي نه خوش نصيبي آهي جو ڀلاري مند اچڻ سان ڀلائي جا انيڪ موقعا اسان جي لاءِ آتي ٿي وڃن ٿا. نيڪين کان روڪي براين ڏانهن ڇڪيندڙ سرڪش شيطان پابند سلاسل ڪيا وڃن ٿا تان ته جيئن هو پنهنجي خباثت نه پکيڙي سگهن. فرائض ۾ ستر گنا واڌارو ڪيو وڃي ٿو ۽ نوافل جي درجات ۾ اضافو ڪيو وڃي ٿو. هڪ هڪ نيڪي (10) دفعا کان ست سئو دفعا ٻيڻي ٿي وڃي ٿي ۽ انسان جون غفلت جي ڪري دٻجي ويل صلاحيتون نکري نروار ٿين ٿيون. هوئن ته پوري رمضان المبارڪ جي هر هڪ نيڪي قابل قدر ۽ قابل صد افتخار عمل آهي پر روزي کي خصوصي اهميت حاصل آهي جنهن جو اصل مقصد الله تعاليٰ جي رضا ۽ خوشنودي حاصل ڪرڻ آهي. جنهن سان انسان جي نفس جو بهترين تزڪيو ٿئي ٿو. الله تبارڪ و تعاليٰ روزن جي فرضيت سان گڏ انهن جي غرض و غايت بيان ڪندي فرمايو

    ”يآ ايها الذين آمنوا کتب عليکم الصيام ڪما کتب علي الذين

    من قبلکم لعلکم تتقون“ (البقره 183)

    اي ايمان وارو! روزا توهان تي ايئن فرض ڪيا ويا آهن جيئن توهان کان اڳين تي فرض ڪيا ويا، تان ته توهان متقي (پرهيزگار) ٿيو. ته روزو صرف روايتي يا علامتي عمل يا صرف کائڻ پئڻ کان رڪجي وڃڻ جو نالو ناهي. بلڪه روزو اها عظيم عبادت آهي. جنهن جو ماحصل تقويٰ آهي. تقويٰ اها دولت آهي. جنهن سان جيڪو مالا مال ٿي وڃي ٿو اهو معصيت ۽ نافرماني کان انتهائي دور ٿي وڃي ٿو. نيڪي، رحمدلي، خيرخواهي ۽ فڪر آخرت جو جزبو خود بخود پيدا ٿي وڃي ٿو. حلال و حرام، جائز و ناجائز نيڪي ۽ بدي ۾ امتياز ڪرڻ لاءِ بهترين ميزان تقويٰ ئي آهي. تقويٰ ان ڪيفيت جو نالو آهي جنهن سان انسان هر ڪم ڪندي اهو ڊپ ۽ خوف محسوس ڪري ته متان اهو ڪم الله ۽ ان جي رسول صلي الله عليه وسلم جي فرمان خلاف نه هجي جنهن جي سزا دنيا ۽ آخرت ۾ مقدر نه بڻجي وڃي. تقويٰ ئي اها ڪيفيت آهي جيڪا حقوق الله، حقوق العباد ۽ فرائض منصبي عمدگي سان ادا ڪرڻ تي آماده ڪري ٿي. انسان جتي الله تعاليٰ جي حڪم کي بجا آڻيندي حلال ۽ پاڪ شيون مقرره وقت تائين ڇڏي ڏي ٿو اتي عام ڏينهن ۾ حرام ڪيل شين کي ترڪ ڪرڻ جي رغبت ملي ٿي.

    روزو اها عظيم عبادت آهي جنهن ذريعي انسان پنهنجي خالق حقيقي سان تعلق کي مضبوط ڪري ٿو. جنهن جي مثال اڪيلائي ۾ به کائڻ پيڻ کان باز اچڻ آهي ڇو ته هن کي خبر آهي ته ٻيو ڪير ڏسي يا نه ڏسي پر مالڪ حقيقي کيس ڏسي رهيو آهي. روحاني اعتبار سان به روزو انسان کي بي بها فائدا پهچائي ٿو مثلا روزي سان قلبي سڪون نصيب ٿئي ٿو. نفس اماره جي تيزي ختم ٿئي ٿي. جسماني اعضاء سست ٿيڻ جي ڪري گناهه جي خواهش گهٽجي وڃي ٿي. جنهن ڪري روح کي تازگي نصيب ٿئي ٿي. مطلب ته روزو روح جي غذا آهي جنهن سان انسان ضبط نفس جو عادي ٿئي ٿو. جڏهن ته فحش ڪلام ۾ لغو ڳالهين کان بچڻ جي ڪري دل به ڪدورتن ۽ نفرتن کان پاڪ ۽ صاف ٿي وڃي ٿي. اهڙي طرح روزو جتي انسان کي صبر سيکاري ٿو اتي انساني همدردي جو احساس به پيدا ڪري ٿو. اهو سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته انهن ماڻهن جي به ڇا زندگي آهي جيڪي بک ۽ اڃ تي وقت گذارين ٿا. تنگهائي ۽ مفلسي سان غريب جي زندگي تي ڪهڙا اثر مرتب ٿين ٿا. لهذا غريب ۽ مفلس جي بي بسي کي پرکڻ جي لاءِ ضروري هو ته دولت مند کي بک ۽ اڃ جي سختين کان عملا گذاريو وڃي ته جيئن امير ۽ غريب جي وچم قرب ۽ ويجهڙائي پيدا ٿئي ۽ انهن سان حسن سلوڪ ۽ رحم دلي وارو ماحول پيدا ٿئي. پر افسوس! جو اڄ جهڙي ريت مسلمانن جي اڪثريت نمازن جي فرضيت کان غافل آهي اهڙي طرح روزي جي فرضيت کان به غافل آهي رمضان المبارڪ جي ڏينهن ۾ سري عام کائڻ پيئڻ انهن لاءِ ڪو به عيب نه رهيو آهي. جيڪي هيڪڙ ٻاڪڙ روزو رکڻ ٿا انهن مان به اڪثر روايتي هجن ٿا جن جو مقصد صرف پيٽ پرورش هجي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو روزي جي حالت ۾ هجڻ جي باوجود اڪثر انهن جي زبانن مجهان گارگند، گلاغيبت ۽ ڪوڙ جو ورد جاري ۽ ساري هجي ٿو. اهڙي روزيدارن جو بکيو ۽ اڃيو رهڻ جي الله تعاليٰ کي ڪا به ضروت نه آهي. جيئن رسول الله صلي الله عليه وسلم جو فرمان آهي.

    ”من لم يدع قول الزور و العمل به فليس لله حاجته في ان يدع طعامه و شراب

    (البخاري ڪتاب الصوم، رقم الحديث 1903)

    جنهن (روزي جي حالت ۾) ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ دغا بازي ڪرڻ نه ڇڏيو ته الله تعاليٰ کي ان جي ڪا به ضروت ناهي جو هو پنهنجو کاڌو پيتو ڇڏي ڏي. معلوم ٿيو ته روزي جي حالت ۾ زبان تي ڪنٽرول نه ڪرڻ وارو گويا ڪه روزي جي توهين ڪري ٿو ان ڪري الله تعاليٰ وٽ اهڙي روزي جو ڪو به وزن نه آهي. پر جيڪو روزي جي حقيقت کي سڃاڻي ٿو انهي جي لاءِ عظيم ثواب آهي جنهن جي عظمت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته الله تعاليٰ فرمائي ٿو.

    ”الصيام لي وانا اجزي به “ (البخاري، ڪتاب الصوم)

    روزا (خالص) منهنجي لاءِ آهن ۽ ثواب به آئون پاڻ ئي ڏيندس. انسان هر عبادت الله تعاليٰ جي لاءِ سرانجام ڏيئي ٿو پر هتي روزي جي خصوصي نسبت الله ڏانهن ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته ٻين عبادتن جي مقابلي روزو عوام الناس جي نظر کان اوجهل رهي ٿو. جنهن جو علم الله تعاليٰ ۽ سندس روزيدار ٻانهي کي ئي هجي ٿو. جنهن ڪري ان ۾ ڏيکاء، رياءِ نمائش جو ڪو به عمل دخل باقي نٿو رهي تنهن ڪري خالص الله تعاليٰ روزي کي پنهنجي لاءِ سڏيو آهي جنهن جو اجورو به الله تعاليٰ پنهنجي مبارڪ هٿن سان عطا ڪندو جيڪا مومن جي لاءِ هڪ وڏي خوش نصيبي آهي.

    الله تعاليٰ اسان کي رضا الهٰي خاطر رمضان المبارڪ جا مڪمل روزا رکڻ جي توفيق نصيب فرمائي. (آمين)

    سنڌ اسلام جي ٿورن سان
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو