جيلاني سيد سنڌ ۾

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ عبدالحئي چاچڙ طرفان آندل موضوعَ ‏6 جولائي 2014۔

  1. عبدالحئي چاچڙ

    عبدالحئي چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2013
    تحريرون:
    60
    ورتل پسنديدگيون:
    218
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي چانڊيو ﷥
    جيلاني سيد سنڌ ۾
    سيد عبدالخالق جيلاني
    (وفات: 1205هه)
    سيد عبدالخالق جيلاني، گهوٽڪيءَ جي مشهور جيلاني پير ۽ بزرگ سيد موسيٰ شاهه جو پوٽو ۽ سيد محمد جو پٽ آهي، سيد عبدالخالق لاءِ چيو وڃي ٿو ته ڪرامت جو صاحب، ظاهري ۽ باطني ڪمالات جو جامع ۽ عالم فاضل انسان هو. گهڻن ماڻهن هن بزرگ کان فيض پرايو، هن جي وفات سن1205هه ۾ ٿي ۽ سندس مقبرو وڏي خانقاهه ۾ آهي. فقير گل محمد هن سونهاري سيد جي وفات تي قطعه تاريخ لکيو آهي، جو هي آهي:
    عبد خالق پير عالي منزلت-در کمالات و فضائل بي سخن
    نيز در اعمال نيکو هم خصال-داد نيکو داد اورا ذوالمنن
    در هزار و دو صد و سه سال دو-سوئ جنت رفت زين دير محن
    يا الاهي گل محمد را به بخش-از طفيل چار يار و پنجتن
    سيد نور محمد شاهه جيلاني
    (وفات: 1285هه)
    سيد نور محمد شاهه جيلاني ابن سيد مير محمد شاهه ابن سيد عبدالخالق جيلاني گهوٽڪي وارو، هڪ برڪت ڀريو ۽ تواضع پسند انسان هو، هن جي برڪت ۽ فيض مان به گهڻن فيض پرايو، هن جي وفات جمع رات 29 شعبان سن1285هه ۾ ٿي، هن جو مقبرو به خانقاهه ۾ آهي.
    سيد محبوب شاهه جيلاني
    (وفات (1267هه - 1851ع)
    سيد محبوب شاهه، سيد عبدالخالق جو پٽ ۽ پير موسيٰ شاهه جيلاني گهوٽڪيءَ وارن جو پڙپوٽو آهي. هي شاهه سڳورو سيرت ۽ صورت جو درويش هو، چڱي خلق ۽ ڪرم جو مالڪ هو. سن1267هه ۾ وفات ڪيائين. پويان ٻه پٽ ڇڏيائين: (1) سيد عبداللطيف، جنهن شادي کان اڳ وفات ڪئي. (2) سيد رسول بخش شاهه جنهن 5 رجب سن1289هه ۾ وفات ڪئي.
    سيد محمد بخش شاهه جيلاني
    (ولادت: 1229هه - 1814ع - وفات: 1286هه - 1869ع)
    سيد محمد بخش ابن سيد دوست محمد ثاني سيد الهه اوڀايو ابن سيد دوست محمد ابن سيد موسيٰ شاهه جيلاني. هي سيد صاحب ڳالهائڻ جو ڏاڍو فصيح، عقل جو اڪابر ۽ وڏو عبادت گذار انسان هو. سن1286هه ۾ وفات ڪيائين.
    سيد محمد عابد ثاني جيلاني
    (ولادت: 1154هه - 1741ع وفات: 1214هه - 1799ع)
    سيد محمد عابد ثاني، حضرت پير موسيٰ شاهه گهوٽڪيءَ وارن جو ننڍو پٽ آهي. هن جي ولادت 1154هه ۾ ٿي، پنهنجي ڳوٺ ۾ تعليم پرايائين ۽ پنهنجي ئي بزرگن کان فيض ورتائين. هو هڪ وڏو فاضل ۽ اڪمل عالم ٿي گذريو آهي. ڪلام الله جو حافظ به هو، جمعي جي ڏينهن خطابت جا فرائض به بجا آڻيندو هو. شريعت جو صاحب هو ۽ طريقت جي رموز کان به واقف هو. ظاهري ۽ باطني ڪمالات جو مالڪ هو، ولايت، ڪرامت، سخاوت ۽ شجاعت ۾ شهرت رکندڙ هو. عقل ۽ سمجهه ۾ بي نظير هو. ڏينهن آچر 20 جمادي الثان سن1214هه ۾ وفات ڪيائين. فقير گل محمد هي قطعه سندن تاريخ وفات تي چيو آهي:
    خلف خورد صاحبان نخست -آنکه بود (او) بنام عابد شاهه
    دل پاڪش درون سينه صاف -ذاکر و يادگار شام و پگاه
    لقب و خلق نيک زين عباد-داشت آن دوست حق بلا اشباهه
    زيست اندر خلائق دنيا-اهل و فصل و کمال نعمت ماه
    عقل سقراط و دانش بقراط-درجه ادراک و فهم آن دلخواه
    کرد هشت و چهار الف دو صد-نقل زين دير محنت جانکاه
    نقل زين دير محنت جانکاه-هستي اميدوار فضل الـٰہ
    هن جو مقبرو گهوٽڪي جي وڏي خانقاهه ۾ آهي، پويان ٻه پٽ ڇڏيائين: (1) سيد فيض الله شاهه وڏو. (2) سيد موسيٰ شاهه ثاني.
    سيد فيض الله شاهه جيلاني
    (ولادت: 1184هه - 1770ع وفات: 1246هه 1831ع)
    سيد فيض الله شاهه، پير سيد موسيٰ شاهه جو پوٽو ۽ سيد محمد عابد ثاني جو پٽ آهي. سيد فيض الله وڏو ڪامل انسان هو، سهڻي سيرت ۽ صورت جو مالڪ هو. وڏي شان شوڪت وارو هو. ڪلام الله شريف جو حافظ هو. جمعي جو خطيب ۽ امام هو. سندس طبيعت شاهانه هوندي هئي، سندس ولادت آچر ڏينهن 27 رمضان سن1184هه ۾ ٿي 11 رمضان سن1246هه ۾ وفات ڪيائين. تاريخ وفات تي هي قطعه چيل گل محمد فقير جو بحر رمل مسدس ۾ پيش ڪجي ٿو:
    ابن عابد شاهه فيض الله شاهه-آنکه اهل حشمت و اجلال بود
    با تجمل زيست در دنيا ولي-در ولايت اهل حال و قال بود
    يک هزار دو صد و ششهم چهل-رحلت آن پير در اين سال بود
    سندن مقبرو وڏي خانقاه ۾ آهي، هن پنهنجي پويان ٽي پٽ ڇڏيا.
    سيد ڪرم الله جيلاني
    (وفات: 1260هه - 1844ع)
    سيد ڪرم الله جيلاني، سيد فيض الله شاهه جيلاني گهوٽڪي وارن جو فرزند آهي. پنهنجي والد جو جانشين وڏي پرهيزگاري ۽ زهد جو مالڪ هو. عالم، فاضل پڻ هو. قرآن شريف جو حافظ ۽ جمعي جي نماز جو خطيب هو. پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ عابد شاهه سڏجڻ لڳو. هن جي وفات 11 رمضان سن1260هه ۾ ٿي، هن جو مقبرو به وڏي خانقاهه ۾ آهي، پويان رڳو هڪ نياڻي ڇڏيائين، جيڪا سيد محمد عابد شاهه سوئم جي نڪاح هيٺ آئي.
    سيد موسيٰ شاهه ثاني
    (ولادت: 1211هه - 1796ع وفات: 1281هه - 1865ع)
    سيد موسيٰ شاهه ثاني ابن سيد محمد عابد شاهه گهوٽڪي وارو وڏو برڪت ڀريو بزرگ، ڪاني ڪرامت جو مالڪ ۽ صورت ۽ سيرت ۾ ڏاڍو سهڻو هو. جمعي جو خطيب ۽ امام به پاڻ هو. هن بزرگ سندس ڀائيٽي ڪرم الله شاهه جي وفات کان پوءِ دستار ٻڌي، ان جو جانشين ٿيو. هن جي ولادت سن1211هه ۾ ٿي ۽ اربع ڏينهن تاريخ 17 رمضان 1281هه ۾ وفات ڪيائين. هن جو مقبرو به وڏي خانقاهه ۾ آهي.
    سيد محمد مبارڪ جيلاني
    (ولادت: 1176هه - وفات 1214هه)
    سيد محمد مبارڪ شاه، حضرت جمال محمد شاهه گهوٽڪي وارن جو وڏو فرزند ۽ سندن جانشين آهي. عظمت، ڪرامت، دٻدٻي ۽ وڏي شان جو صاحب هو. علم تفسير، فقهه، حديث ۽ وعظ ۾ مشهور عالم هو. سندن دور ۾ لو گهوٽڪي جي ٻين ساداتن، چڪ ۽ غوثپور جي ساداتن کي سرڪار مير نصير کان بروهي وٽان ملڪ ڪڇي ۾ انعام طور جاگيرون مليون هيون، ٻيو ته انهيءَ سال ۾ ميان عبدالنبي ڪلهوڙو شڪست کائي سره ڏانهن هليو ويو ۽ سنڌ جي حڪومت ٽالپرن جي قبضي ۾ آئي ۽ انهيءَ سال مدد خان افغان گهڻو لشڪر وٺي آوارن وانگر سنڌ تي اچي ڪڙڪيو. مير ريگستان ڏانهن ڀڄي ويا، خراساني ماڻهو سنڌ کي ڦري ۽ لٽي خراسان موٽي ويا. هن واقعي کي ”مدد خان جي ڀڳي“ سڏيندا آهن.
    حضرت مبارڪ شاهه جي ولادت با سعادت سن1176هه ۾ ٿي ۽ ڏينهن ڇنڇر تاريخ 3 ذوالحج ۾ مسند خلافت تي ويٺا ۽ تاريخ 2 رمضان سن1214هه ۾ وفات ڪيائون. سندس مدح ۽ تاريخ وفات ۾ فقير گل محمد هي قطعه بحر صريع مسدس محذوف وزن مفتعلن فاعلن ۾ چيو آهي
    شاهه مبارک پسر شه جمال-سيد عالي نسب و قدر شان
    از طرب و عيش تجمل نماند-هيچ تمنا بدلش درميان
    پرز) ڪمالات خفي و جلي-رفت به اقبال و جلال ازجهان
    چار ده دو صد هم يک هزار-رحلت آن شان درين سال دان
    سيد محمد صالح ثاني جيلاني
    (ولادت: 1190هه - 1763ع وفات: 1249هه 1843ع)
    مخدوم سيد محمد صالح شاهه ثاني جيلاني، مبارڪ شاهه جيلاني گهوٽڪيءَ وارن جو پهريون نمبر پٽ ۽ سجاده نشين آهي. هن جي ولادت ڏينهن جمع مهينو جمادي الاوليٰ سن1190هه ۾ ٿي. هي سيد سڳورو گهوٽڪيءَ جي موسيٰ شاهي خاندان مان پنجون بزرگ آهي، جيڪو سيادت، شرافت ۽ نجابت جو مالڪ هو. علم، عمل، زهد ۽ تقويٰ جو سرچشمو، علم حديث۽ فقهه جو وڏو عالم هو ۽ وعظ و نصيحت جو پڻ مالڪ هو. ولايت، ڪرامت، عقل، ظاهري حسن، سخاوت ۽ شجاعت ۾ معروف هو. روايت آهي ته ان دور جي ولين مان ڪنهن کي به ساڻس طريقت ۾ مقابلي ڪرڻ جي مجال نه هئي. سندس خلافت جي دور ۾ سن1249هه ۾ کرڙي واري جنگ واقع ٿي، جو ٽالپرن ۽ سمندر خان افغان شجاع الملڪ بادشاهه جي وزير سکر ۾ باهمي جنگ ۽ لڙائي ڪئي، نيٺ ميرن جو لشڪر شڪست کائي ڀڄي ويو. ڪي وري انهن مان دريا ۾ ٻڏي ويا. ڪي وري دريا مان لنگهي روهڙي پهتا.
    مولوي منٺار کان ڪتاب ”صيح السبطين“ وارو نقل پيش ٿو ڪري ته جڏهن انگريز خراسان مان شڪست کائي سنڌ ۾ آيا ته ان وقت سيد صالح محمد شاهه جي زبان مان نڪري ويو ته خدا اسان کي انگريزن جي حڪومت نه ڏيکاريندو. پوءِ انگريز اڃا سنڌ تي پوري طرح مسلط ئي نه ٿيا هئا جو حضرت سيد صالح محمد شاه 10 محرم سن1249هه ۾ وفات ڪئي. تاريخ وفات تاليف فقير گل محمد بحر رمل، مثمن مقصود مسدس:
    پير صالح شاهه ثاني گو بزرگي با کمال-در بزرگان زمان خويش بود بوده بي نظير
    عالم علم حديث و واعظ اعليٰ اثر-هم طلبگاران حق را رهبر روشن ضمير
    پير پيران وار پيشاني نوراني چه داشت-زان سبب شد راجع آن پير مخلق کثير
    يک هزار و دو صد پنجاه و شش و سه هم دگر-شد درين سن فوت ان فرزند پير دستگير
    سيد محمد مبارڪ شاهه ثاني
    (ولادت: 1207هه - 1792ع وفات: 1274هه- 1858ع)
    گهوٽڪي جي خاندان موسيٰ شاهي جو ڇهون بزرگ ۽ حضرت صالح محمد شاهه جو فرزند ۽ سجاده نشين سيد مبارڪ شاهه ثاني آهي. هي سيد سڳورو حسن و جمال ۽ بزرگي ۽ ڪمال جو صاحب هو. سهڻن اخلاقن وارو ۽ مستجاب الدعوات بزرگ هو. حديث جو عالم ۽ وڏو واعظ هو. سندن دور خلافت ۾ سن1872ع ۾ گهوٽڪي جي ساداتن جي باغن جا پروانا جيڪي بند ٿي ويا هئا، سي وري کين انگريز سرڪار وٽان مليا. هن جي ولادت 24 صفر 1207هه ٿي، تاريخ 13 محرم سن1259هه مسند تي ويٺا ۽ ڏينهن اڱاري تاريخ 7 شعبان 1274هه ۾ وفات ڪري ويا، خليفه گل محمد هي قطعه تاريخ وفات بحر هزج مسدس محدوف ۾ چيو آهي:
    مبارک شاهه ثاني بود کامل-بحسن صورت و نيکو شمائل
    تکلم کرد چون آن شه بمردم-بخوش خوئي د لش مي گشت مائل
    عجب مقبول درگاهه خدا بود-دعائ او برائ حل مشکل
    هزار و دو صد و هفتاد هم چار-درين سال است وصل آن مکم
    هن سيد سڳوري جو مقبرو به گهوٽڪيءَ جي وڏي خانقاهه ۾ آهي.
    سيد محمد صالح اصغر جيلاني
    (ولادت: 1244هه وفات 1277هه)
    مخدوم سيد محمد صالح اصغر، گهوٽڪيءَ جي خاندان موسيٰ شاهه جو ستون بزرگ، حضرت مبارڪ شاهه ثاني جو پٽ آهي. هن جي ولادت تاريخ 6 صفر 1244هه ۾ ٿي ۽ ڏينهن جمع 3 شغبان 1273هه ۾ سجاده تي ويٺو. هي سيد سڳورو علم، حلم، عقل ۽ دانش جو مالڪ، سخاوت، شجاعت، فضل۽ ڪمال وارو عالم ۽ واعظ هو. سندس خلافت واري دور ۾ سن1276هه ۾ مسٽر علي بخش مختيارڪار جي ڪوشش سان جامع مسجد گهوٽڪيءَ جي مرمت ٿي. جنهن جو فرش اندريون ۽ ٻاهريون چوني سان بنايو ويو ۽ نقاشيءَ جو ڪم به ڪيو ويو. ڏينهن آچر 11 جمادي الاوليٰ سن1277هه ۾ وفات ڪيائين. فقير گل محمد هن پير صاحب جي مدح ۽ تاريخ وفات تي هي قطعه بحر خفيف، مسدس، محذوف ۾ چيو آهي:
    پير صالح محمد اصغر-بود مرد و سخي محمل
    هر که آمد و صحبت او-نشدي تنگدل مگر خوشدل
    هفت و هفتاد يکهزار و دصد-اينست سال وصال آن کامل
    سيد مبارڪ اصغر جيلاني
    (وفات: 1279هه - 1862ع)
    سيد مبارڪ اصغر جيلاني، سيد صالح محمد ثاني جو فرزند آهي. ڇهن واسطن سان هن جو نسب حضرت موسيٰ شاهه گهوٽڪي وارن سان ملي ٿو. هي بزرگ شرعي علوم ۽ واعظ جو جامع هو. صدق ۽ دل جي صفائي ۾ يگانو هو. هن تي سجادگي ختم ٿي. والد جي وفات کان پوءِ جيڪي به ڏاڏنگ ۾ قريب هئس، تن سڀني جا اختلاف ختم ڪري کين هڪ ڪري ڇڏيائين. گهڻن ماڻهن کانئس فيض پرايو. سن1279هه ۾ وفات ڪيائين. قطعه تاريخ چيل فقير گل محمد
    آن مبارک شهيکه خورد ترين-بود از صاحبان اهل کمال
    بعد والد باقربائي خويش-کرد صلح و موافقت في الحال
    نهه هفتاد و يک هزار دوص-اندرين سال يافت استوصال
    يا رب! آموز گل محمد را-بهر آن صاحبان فرخ فال
    (صحيح السبطين)
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ABDUL SAMAD

    ABDUL SAMAD
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مئي 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪنڌ ڪوٽ
    تمام سٺو مواد.ساءين قاسمي صاحب رح جن اِهو مواد مقالات قاسمي ‍م ڏنو آھي ♥ماشاءَ الله
     
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    جزاکم الله خير . سهڻو موضوع ونڊڻ لاء لک قرب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو