مان اعتراف ٿو ڪريان ته ..... اسلم آزاد

'مقالا' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏7 جولائي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    مان اعتراف ٿو ڪريان ته 1983ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ هلڻ وقت هلال پاڪستان مان استعفيٰ ڏيڻ ۽ پرنٽ ميڊيا کان الڳ ٿيڻ منهنجي تمام وڏي غلطي هئي. جيتوڻيڪ پوءِ مان پي ٽي وي تي ڪم ڪيو پر اتي به عبدالڪريم بلوچ، تاجدار عادل ۽ ٻين دوستن جو چوڻ هو ته توکي پرنٽ ميڊيا ڇڏڻ نه گهرجي ها. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته مون تمام گهڻو وقت هلال ۾ ڪم ڪيو ۽ منهنجو پرنٽ ميڊيا ۾ تجربو به وڏو هو. جيڪڏهن مان مستقل پرنٽ ميڊيا سان سلهاڙيل هجان ها ته شايد پنهنجي تجربي مان سنڌي صحافت جي وڌيڪ بهتر نموني خدمت ڪري سگهان ها. پر هڪ دفعو پرنٽ ميڊيا کان جو الڳ ٿيس ته وري ڳنڍجي نه سگهيس. باوجود ان جي ڪن ادارن ۾ ويس به پر ايڊجسٽ نه ٿي سگهيس. بهرحال منهنجي سڃاڻپ ۽ منهنجو سڀ کان وڏو حوالو پرنٽ ميڊيا جو ئي هو ۽ وقت ثابت ڪيو آهي ته ان کان پاسيرو ٿيڻ ڪنهن ريت به درست فيصلو نه هو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    پنهنجي غلطي جي پاڻ نشاندهي ڪرڻ به جرعت ڀريو عمل آهي پر اها غلطي سڌارڻ انتهائي جرعت ۽ عزت ڀريو عمل آهي!
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏10 جولائي 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو