سنڌ سلامت جي زين فورو جي نئين ورجن 1.3.3 تي اپگريڊيشن

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏9 جولائي 2014۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اڄ جي اعلان مطابق ڪجهه ڪلاڪ اڳ سنڌ سلامت کي زين فورو جي تازه ترين مڪمل ورجن 1.3.3 تي اپگريڊ ڪيو ويو آهي. گذريل اپگريڊ تقريبن 8 مهينا اڳ ڪيو ويو هو.. جيڪو زين فورو 1.2.4 ورجن تي هيو. ان دوران اسان زين فورو جي ايندڙ ٻين ورجنس تي ڄاڻي واڻي اپگريڊ ڪرڻ کان لنوايو.. ته جيئن نون ورجنس کي فڪس ڪندڙ ورجنس اچن.

    بحرحال موجوده ورجن کي ڪافي بهتر ڏسي سنڌ سلامت کي موجوده ورجن تي اپگريڊ ڪيو ويو .. ان سلسلي ۾ آءٌ ٿورائتو آهيان ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري صاحب جن جو.. جن اپگريڊ ڪرڻ جي انتهائي صبر آموز عمل دوران مڪمل ساٿ نڀايو.. (ان دوران يقينن کيس ساڳئي ڪم کي وري وري ڪرڻ جي ناپسنديده عمل کي پڻ برداشت ڪرڻو پيو هجي..)

    ٿي سگهي ٿو ته هن ميجر اپگريڊ کان پوءِ به بظاهر توهان کي ڪجهه تبديليون نه ملي سگهن پر ڪجهه ذڪر جي قابل تبديليون جو مختصر بيان هيٺ ڏجي ٿو...

    هڪ موضوع ۽ گهڻ موضوعن جي تحريرن جو هڪ ئي وقت اقتباس:
    هڪ ئي وقت گهڻن تحريرن جو اقتباس وٺڻ لاءِ زين فورو جي موجوده ورجن ۾ بهترين تبديلي ڏني وئي آهي.. هاڻي موضوع ۾ موجود سمورين تحريرن ۾ ”جواب“ سان گڏ ”اقتباس“ جو لنڪ پڻ نظر ايندو جنهن سان گڏ واڌو جو نشان پڻ هوندو. ان لنڪ تي ڪلڪ ڪرڻ سان اها تحرير هڪ نظر نه ايندڙ عارضي اقتباس جي فهرست ۾ شامل ٿي ويندو ۽ گڏو گڏ واڌو جو نشان ڪاٽو ۾ تبديل ٿي ويندو.. جيڪو ان ڳالهه کي ظاهر ڪندو ته هن لنڪ تي ٻيهر ڪلڪ ڪري ان تحرير کي اقتباس جي عارضي فهرست مان ختم ڪري سگهجي ٿو. ائين هڪ يا وڌيڪ تحريرن کي اقتباس جي عارضي فهرست ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.. ۽ مزي جي ڳالهه ته اقتباس واري تحرير بيشڪ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ موضوعن مان چونڊي وئي هجي... جيڪڏهن اقتباس جي عارضي فهرست ۾ هڪ به اقتباس موجود هوندو ته جواب واري خاني جي هيٺان اقتباس شامل ڪرڻ جو بٽڻ ظاهر ٿيل هوندو جنهن تي ڪلڪ ڪرڻ سان هڪ خانو ظاهر ٿيندو جتي انهن اقتباسن کي هيٺ مٿي ڪري انهنجي ترتيب کي تبديل ڪري سگهبو ۽ غير ضروري چونڊيل اقتباسن کي ختم پڻ ڪري سگهبو.. بعد ۾ اهي سمورا چونڊيل اقتباس جواب واري خاني ۾ شامل ٿي ويندا جتي هر هڪ ورتل اقتباس جي هيٺان جواب لکڻ جي جڳهه موجود هوندي.

    مسڪراهٽن جي گروپ بندي:
    جيڪي دوست سنڌ سلامت ايڊيٽر جو رچ ٽيڪسٽ ايڊيٽر استعمال ڪندا هن انهن وٽ هاڻي سڀ مسڪراهٽون گڏ نظر اچڻ بجاءِ مختلف گروپن ۾ ٽيب جي صورت ۾ نظر اينديون... جنهن سان مخصوص مسڪراهٽن کي ڳولڻ جي سهولت هوندي. جلد موجوده مسڪراهٽن سان گڏ اضافي ۽ سنڌي مسڪراهٽون شامل ڪيون وينديون.. ان سلسلي ۾ محترم عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم کي اڳ ئي سنڌي مسڪراهٽون ٺاهڻ لاءِ عرض ڪيو ويو آهي...

    سرگوشي:
    سنڌ سلامت تي سرگوشين جو نظام شامل ڪيو ويو آهي .. جنهن تحت چيل ڳالهيون تيسيتائين لڪائي سگهبيون جيسيتائين پڙهندڙ انهن جي نمائش نه ڪري... هي خاصيت ”اسپوائلر“ جي نالي سان سڃاتي ويندي آهي ۽ عام طور سينما ۽ ٽي وي سان متعلق فورمز ۾ گهڻائي سان استعمال ڪئي ويندي آهي... ته جيئن ماڻهون تبصرو پڙهي غير ارادي طور ڪنهن سسپنس مووي يا سيريل جو راز نه فاش ڪري وجهن... جيئن ته سنڌ سلامت تي ان قسم جا موضوع بحث هيٺ نه ٿا اچن ان ڪري هن خصوصيت جو استعمال سرگوشن لاءِ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ان جو ترجمو ”ڀانڊو ڦوڙڻ“ بجاءِ ”سرگوشي“ طور ڪيو ويو آهي...

    پهرين راز جي ڳالهه لکو، پوءِ ايڊيٽر ٽولبار مان “داخل ڪريو...” بٽڻ دٻائي فهرست کوليو جنهن مان سرگوشي چونڊيو ۽ سامهون ايندڙ خاني ۾ چاهيو ته سرگوشي جو اشارو ڏيو يا وري خانو خالي ڇڏي ڏيو..:):):)


    ايڊيٽر ٽولبار جي ترتيب:
    ايڊيٽر جي ٽول بار ۾ ڪجهه تبديليون ڪيون ويون آهن... مثال طور فارميٽنگ ختم ڪرڻ وارو بٽڻ هاڻي ٻئي پاسي رچ ٽيڪسٽ ايڊيٽر کان سادي ايڊيٽر ۾ تبديل ڪندڙ بٽن سان گڏ وڃي لڳو آهي.. نشان زده، اقتباس ۽ ڪوڊ جا بٽڻ هاڻي هڪ اضافي بٽڻ ”داخل ڪريو..“ جي مني فهرست ۾ اچي ويا آهن.. ۽ انهن سان گڏ سرگوشي بٽڻ جو اضافو ٿيو آهي.. جن بٽڻن تي ڪلڪ ڪرڻ سان هڪ فهرست کلي ٿي انهن ۾ آئڪان پڻ شامل ڪيا ويا آهن..

    ڪسٽم بي بي ڪوڊ:
    پهريان هي سهولت موجود نه هجڻ ڪري ڪجهه تبديليون هٿ سان ڪيون ٿي ويون جن جي هاڻي ضرورت ناهي رهي.. جلد ئي ڪجهه وڌيڪ بٽڻ ايڊيٽر ٽول بار تي سجايا ويندا...

    سوشل نيٽ ورڪ سان داخلا:
    اڃان تائين سنڌ سلامت سنڌ سلامت ۾ رڳو فيس بوڪ کاتي سان ڳانڍاپو ممڪن هيو.. پر هاڻي گوگل پلس ۽ ٽويٽر جي مدد سان به هتي داخل ٿيڻ ممڪن ٿيندو.. پر جيئين ته هي سهولت اڃان تڪڙي طور موجود نه آهي پر ايندڙ نين تبديلين کي درست ڪندي ئي اهي آپشن فعال ڪيا ويندا..

    پروفائيل ۽ ان تي آيل تبصرن تي ٽيگ ڪرڻ جي سهولت:
    زين فورو جي گذريل ورجن ۾ اها سهولت موجود نه هئي جيڪا هٿ سان تبديليون ڪندي ڏني وئي هئي... پر هاڻي @ جي نشان کان پوءِ نالو لکڻ سان پروفائيل ۽ ان ۾ ڪيل تبصرن تي پڻ ٽيگ ڪرڻ جي سهولت پاڻمرادو موجود هوندين...

    تصوير ۽ لنڪس جي پراڪسي:
    ڪراس سائيٽ اسڪرپٽنگ اٽيڪ، سرچ انجن آپٽمائيزيشن ۽ ٻاهرين ٽريفڪ جي لاگنگ ڪري سمورين تصويرن ۽ لنڪس کي هاڻي سنڌ سلامت پراڪسي مان گذرڻو پوندو.. بظاهر ان سان عام رڪنن تي اثر نه پوندو.. پر ان سان سنڌ سلامت تي ايندڙ تصويرن کي هاڻي گوگل ۾ ڳولڻ سولو ٿي پوندو...

    انتظامي ۽ ادارتي تبديليون:
    انتظامي ۽ ادارتي عمل کي آسان بنائڻ لاءِ ڪيتريون ئي ننڍيون ۽ وڏيون تبديليون ڪيون ويون آهن جن سان هاڻي انتظامي ڪم سولائي سان ٿي سگهندو..​


    واضح هجي ته هتي رڳو انهن ڳالهين جو ذڪر ڪيو ويو آهي جيڪو سنڌ سلامت کي زين فورو جي نئين ورجن تي اپگريڊ ڪرڻ سان فوري طور سامهون ايندو.. جڏهن ته مستقبل ۾ ايندڙ تبديلين جو اضافو ۽ انهن جو بيان مناسب موقعي تي ڪبو رهبو...

    ٿي سگهي ٿو دوستن کي سنڌ سلامت ايڊيٽر سميت ٻين مسئلن ۽ گهڻن جڳهين تي ترجمي جون خاميون نظر اچن جن کي وقت سر انتظاميه درست ڪندي رهندي.. ان باوجود توهان طرفان نشاندهين جو انتظار رهندو..

    هاڻي جڏهن سنڌ سلامت جي سالانه خرچن جو ٽارگيٽ مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ سنڌ سلامت کي واعدي مطابق نئين ورجن تي منتقل ڪيو ويو آهي.. ان کان پوءِ ڪو سبب ناهي ته رڪن سنڌ سلامت جي ڏکئي هجڻ جو ذڪر ڪندا رهن بلڪه سندن روزاني جي حاضري کين لاءِ سنڌ سلامت روز بروز سولو ڪندي رهندي...

    اميد ڪجي ٿي ته سنڌ سلامت جا ساٿي هاڻي وڌيڪ سهولتن سان فورم کي استعمال ڪري سگهندا ۽ هن اپگريڊ جي حوالي سان پنهنجي خيالن کي ضرور پيش ڪندا ...:):):)
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان دوستن کي جس هجي خاص ڪري عبدالحفيظ لغاري کي جنهن هن خشڪ سبجيڪٽ کي مڙس ٿي منهن ڏنو. باقي رشيد ته اڳ ئي اهو سڀ ڪندو رهيو آهي ۽ اهڙي خشڪ معاملن کي سنڀالڻ جو تجربو به اٿس.

    يقينن هي تبديلي سنڌ سلامت جي رڪنن لاء فائديمند ٿيندي ۽ فورم اڳ کان به بهتر نتيجا ڏيندو رهندو.

    مون سميت سڀني دوستن کي گهرجي ته ايندڙ ڏکيائين يا وري گهٽتاين کي انتظاميه تائين پهچائين ته سندن ٿورائتا رهنداسين.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ادا ذيشان رشيد ، ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري سميت سموري سٿ کي واڌايون هجن
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    قبلا سائين تمام بهترين عملي ڪم . :)

    هن فورم ۾ هڪ ٻي به تبديلي ڏسڻ ۾ اچي پئي اُها هي آهي : ”موضوع ڏسندڙ رُڪن“ کي ختم ڪيو ويو آهي يا پاڻ ئي رفوچڪر ٿي ويو آهي ؟؟ :)
    سرگرمي وارو آپشن هٽائي تمام بهتر ڪيوَ ان سان رُڪن جي پرائيويسي برقرار رهندي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏9 جولائي 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سرگوشي وارو فيچر تمام بهترين آهي.
    سائين رشيد ۽ ڊاڪٽر عبدالحفيظ جا لک ٿورا جو سنڌ سلامت کي بهترين ورشن تي اپڊيٽ ڪيو.
    نئين ورشن سان سنڌ سلامت بهترين فائده ڏيندو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    موضوع ڏسندڙ رڪنن واري آپشن کي ٻيهر فعال ڪيو ويو آهي..
    جڏهن ته سرگرمي واري آپشن کي مستقل ختم ڪيو ويو آهي.. ان جو پهريون سبب ته توهان ڏسيو جڏهن ته ٻيو سبب هيو سنڌ سلامت سرور جي لوڊ جو وڌي وڃڻ.. جڏهن ته هاڻي سرگرمي واري جاءِ تي ادا عبدالحفيظ لغاري جي پرزور فرمائش تي فعال موضوع بٽڻ ٻيهر واپس ورايو ويو آهي.. جڏهن فعال موضوع وارو بٽڻ اڳ واري جاءِ تي (نيون تحريرون صفحو تي) پڻ برقرار رهندو... :) :) :)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    مختلف اقتباسن کي شامل ڪرڻ وارو بٽڻ تمام سٺو لڳو.
     
  8. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    • ڪهڙي راز جي ڳالهه لکجي رازدان گهڻا ٿي پوندا.
      :(
     
  9. سجاد علي سومرو

    سجاد علي سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2012
    تحريرون:
    237
    ورتل پسنديدگيون:
    371
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    Shahdadkot
    تمام بهترين نئين ورشن تي اپڊيٽ ڪرڻ تي مبارڪون اوهانکي.........
     
  10. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    مٿي ذڪر ڪيل تبديلين لاءِ هڪ وڊيو سمجهاڻي ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو