• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت ۾ اقتباس ۽ سرگوشي پيغام جي نواڻ وڊيو سمجهاڻي سان

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
جيئن ته سنڌ سلامت کي زين فورو جي جديد ترين ورجن تي مُنتقل ڪيو ويو آهي جنهن سان ڪافي ساريون ته پردي پويان انتظاميه لاءِ ۽ ڪُجهه وري سڀني رُڪنن لاءِ تبديلون آيون آهن انهن مان ٻِن جو ذِڪر ذيشان رشيد پاران هڪ اعلان ڪيو ويو. جنهن مان پهريون اهو هو ته هڪ جواب ۾ گهڻين تحريرن جا اقتباسات ۽ ٻيو هو سرگوشي پيغام. يقينن سڀ دوست سمجهي ويا هوندا انهي نواڻ کي پر جيڪڏهن ڪنهن کي سمجهه ۾ نه اچي ته هڪ وڊيو سمجهاڻي ٺاهي اٿم. اسڪرين رڪارڊر سافٽويئر اڃان گهڻو استعمال نه ڪرڻ جي ڪري متان وڊيو مزي جي نه ٺهي هُجي پر اُميد ته سمجهاڻي جو پيغام پُهچي ويندو.

 
سائين زبردست وڊيو..
قبلا! توهان ته وڊيو ايڊيٽنگ ۾ مون کان به سينيئر نِڪتا ! :rolleyes::)

واه واه تمام زبردست ڀلا هي وڊيو ڊائون لوڊ ڪيئن ڪبو.
وڊيو هلي پئي. واهه واهه;)

ويڊيو ڪونه پئي هلي

ويڊيو نه پئي هلي....؟
ويڊيو کي ٺيڪ ڪندا
وڊيو نه پئي هلي.:oops:

ڳالهه سمجه ۾ نه آئي ته اهو فرق ڇو. بهرحال جيڪڏهن وڊيو نه هلي يا ڪو ڊائونلوڊ ڪرڻ چاهي ته هتي ڪلڪ ڪري.
 
ڊائونلوڊ ٿي وئي ويڊيو ڏٺم سٺي ۽ سؤلي سمجهاڻي بهترين ونڊ آهي.
سُٺو ادا.
واه ڊاڪٽر صاحب جي وڍيو تمام بهترين سمهجاڻي ۽ آسان سمجهاڻي آهي ايتري قدر جو مونکي به سمجهه ۾ اچي وئي ...:p:Do_O
بس پوءِ محنت سجائي ٿي ادا.
 
Back
Top