سنڌ ڌرتي جو تاريخي تعيلمي ۽ قديمي ماڳ ”پاٽ شريف“

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ زاهد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏25 اپريل 2010۔

  1. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    دوستو! اڄ سنڌ سلامت تي مان پنهنجي ڳوٺ جو تحقيقاتي جائزو جيڪو محترم سائين گلزار علي ڪلهوڙو جي مدد سان هتي ونڊ ڪري رهيو آهيان۔۔۔۔ اوهان جي نظر ڪجي ٿو۔۔۔ باقي ڪنهن ٻي ساعت ۾ اوهان کي پنهنجي ڳوٺ جو تصويري منظرنامو به ڏيکاربو في الحال انهن تصوريرن تي ڪئپشن ڏئي رهيو آهيان۔۔۔۔ پر وقت گهٽ ملڻ سبب ڪري صرف تحقيقاتي جائزو ئي اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيو آهيان۔۔۔

    سنڌ جو تاريخي ۽ تعليمي ماڳ
    “پاٽ شريف”
    تحقيقاتي جائزو ....... گلزار علي ڪلهوڙو پاٽائي​


    پاٽ شريف جو موجوده ڳوٺ سنڌو نديءَ کان هڪ ڪلو ميٽر اولهه طرف آهي ۽ دادو شگر ملز پياروڳوٺ کان ڇهه ڪلو ميٽر اوڀر طرف ۽ دادو ڪئنال جي کاٻي ڪپ تي واقع آهي. هن موجوده ڳوٺ کان اڳ ۾ جيڪو شهر ڦٽي ويو ان کي “پاٽ پراڻي... جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. هي شهر پنجن ڀاڱن ۾ ورهايل هو جنهن جا چار ڀاڱا شهر ڦٽڻ ڪري ڊهي ويا. باقي هڪ حصو نمبر پنجون اڃا تائين موجود آهي. “پاٽ” ڳوٺ جي اصل نالي ۽ قديم تاريخ بابت مختلف روايتون ۽ اهڃاڻ ملن ٿا عام خيال آهي ته هن ڳوٺ جو اصل نالو “پاتر” آهي جيڪو ڪنهن مهاراجا جي نالي پٺيان رکيو ويو ڇو جو هي ڳوٺ اول ۾ راجا پاتر جي ڪوشش سان تعمير ٿيو. “پاتر” اصل ۾ فارسي زبان جو لفظ آهي. ۽ جنهن جي معنى آهي “تخت” ڇاڪاڻ ته هي شهر يا ته ڪنهن مهاراجه جو تخت گاهه هو. ياته شهر جي اڏاوت گول شڪل ۾ هڪ مٿاهين جاءِ تي ڪئي وئي هئي تنهن ڪري ان جو نالو “پاتر” يعني تخت رکيو ويو. پر ابجد جي حساب سان نالي مان سن تعمير 403 هجري 1012ع ڪڍيو ويو آهي. جنهن مان پاٽ جو نالو ملي ٿو. “پاٽ” بابت ٻي معلومات آهي ته پاٽ تي هي نالو تڏهن رکيو ويو هو جڏهن هندو لهاڻن ۽ مسلمان خود کي سني مسلمان ڪرڻ لاءِ صديقي خاندان جي هڪ اهم شخص کي سمان حڪمران طرفان پاٽ جو علائقو جاگير طور ڏنو ويو. جنهن جو نقشو ٺڪر جي ٿانو پاٽ وانگر هو هي زمين جو هڪ خوبصورت گول حصو هو جتي هن شهر کي آباد رکيو ويو. “ پاٽ پراڻي” تي سنڌ جي ڪامل ولي حاجي پير اسماعيل جي درگاهه پڻ آهي. جنهن جي ڀرسان پير ڀرڪيو جي تربت پڻ آهي. پير حاجي اسماعيل بابت معلومات ملي آهي ته هن وٽ اڪثر ڪري حضرت قلندر لعل شهباز پاٽ ۾ اچي ساڻن ڪچهريون ڪندا هئا. پاٽ ۾ قلندر شهباز جي پهرين آمد 1224ع ۾ معلوم ٿي آهي. ۽ ان کان علاوه ٻين ولين جي پڻ پاٽ ۾ آمد ٿيندي رهي آهي. پاٽ پراڻي تي هڪ قديمي مسجد پڻ آهي ۽ ان کان علاوه سن 1951ع ۾ شهنشاهه اڪبر خان خانان کي سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو. تڏهن سيوهڻ کان مٿي سنڌو ندي سندس موجوده وهڪري کان اولهه طرف وهندي هئي پاٽ ۽ ٽلٽي سندس کاٻي ڪپ تي هئا. بعد ۾ سنڌو نديءَ سن 1785ع ۾ نصرپور کان حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي طرف پيٽ مٽايو. انهيءَ تبديلي ۾ پاٽ پراڻي پائجي وئي ۽ نئين پاٽ درياءَ جي اولهه طرف آباد ٿي. اهڙيءَ طرح ٿي سگهي ٿو ته پندرهين صديءَ عيسوي ۾ اصل پاٽ سنڌو نديءَ جي رخ ڦيرڻ سبب غرق يا ويران ٿي وئي هجي. جنهن کي اسين پاٽ پراڻي سڏيون ٿا. سا نئين سر اڏي وئي ۽ ميان شيخ شهاب الدين سهروردي جنهن کي وقت جي سمان حڪمران ڄام نندي. سهروردي صوفي طريقي جي تبليغ ڪرڻ لاءِ اتي مقرر ڪيو. هي ذڪر شهنشاهه اورنگزيب جي پرواني ۾ ڄاڻايل آهي ته شيخ شهاب الدين صديقي کي جيڪو قلندر لعل شهباز پاران جيڪو روحاني رشد موصول ٿيو. تنهن کي سندس خدمتن عيوض پاٽ شهر جو پورو پرڳڻو سمان حڪمرانن طرفان جاگير ٿي مليو. ۽ شيخ صاحب صوفي طريقي جي تبليغ ڪرڻ ۾ ايترا ته ڪامياب ويا جو هي شهر پاٽ “شريف” روحاني ـ علمي ۽ قبته السلام جي يقين سان سڏجڻ لڳو ۽ عام طور تي پاٽ شريف جي نالي سان سڏجڻ لڳو. پاٽ شريف جي اولهه طرف ڪجهه مفاصلي تي لوهم جو دڙو آهي ۽ اهڙا ٻيا به کوڙ سارا دڙا آهن جيڪي محڪمه آثار قديمه طرفان ڪونه کوٽايا ويا. انهن دڙن ۾ پاٽ پراڻي جو درڙو پڻ شامل آهي. جنهن ۾ موهن جي دڙي مان کوٽيل کوهن وانگر هت هڪ پڪين سرن سان جوڙيل پراڻي زماني جو کوهه موجود آهي پاٽ شريف جي اوڀر طرف کان سنڌو درياءَ آهي دريائي پتڻ ۽ شاهي دڳ تي واقع هجڻ سبب هي شهر سنڌ جي اهم تجارتي مرڪزن مان هو. انهي شاهي دڳ جا تجارتي نشان اڄ به اميناڻي جي ڀرسان نورجن ـ موندرـ جانمحمد خشڪ ـ آرائين ۽ مهرائين جي ڳوٺ پاٽ پراڻي تائين موجود آهن. شاهه حسن ارغون هن شهر کي وڌيڪ پر رونق بنايو. درياءَ جي ڪناري تي آباد هجڻ ڪر پاٽ شهر جا تجارتي ناتا ملڪان ملڪ وڌندا رهيا هتي جا باغ ۽ پوکون تمام مشهور هيون. اڪبري دور جي تاريخ نويس عبدالقادر بدايوني جي تحرير مان ظاهر آهي ته هٿرادو ڏڪار جو پاٽ شهر تي ڪو به ڏڪاري اثر نه پيوـ همايون بادشاهه جي شادي حميده بيگم سان سن 948 هه، 1514ع پاٽ شهر ۾ ئي ٿي. ان کان علاوه همايون بادشاهه جي ڀاءَ ڪامران جي شادي سنڌ جي حاڪم شاهه ارغون جي ڌي چوچڪ بيگم سان پاٽ ۾ ئي ٿي هنن حڪمرانن جو هت رهڻ جو سبب صرف اهوئي هو ته پاٽ ۾ کين روحاني سڪون پئي مليو. مسيح الاولياءَ شيخ عيسى جندالله جي ولادت پڻ پاٽ ۾ ئي ٿي. جنهن کي شهنشاهه اڪبر پاڻ وٽ زبردستي مهمان طور رهايوهو.
    پاٽ جي ڌاڙيلن جا حملا ۽ ماڻهن جي لڏ پلاڻ 1985ع کان 1990ع واري دور تائين پوريءَ سنڌ ۾ ڌاڙيلن جون قهري ڪاروائيون عروج تي هنيون ۽ انهن ڪارواين جو نشانو پاٽ به رهي. جيئن جيئن اغوائن جو سلسلو جاري رهيو تيئن تيئن پاٽ جي رونق ۾ گهٽتائي ايندي وئي. ڄڻ ته پاٽ جي سونهن کي نظر لڳي وئي هئي ۽ اتان جا رهواسي ٻين هنڌن تي لڏڻ لاءِ مجبور ٿي ويا. ۽ انهن فيملين پنهنجي اباڻي شهر کي خدا حافظ چيو ۽ ويندي ويندي روئندا موڪلائيندا رهيا ۽ پنهنجي گهرن جي ڀتين کي اوڇنگارون ۽ چميون ڏئي روئندا. رهيا ۽ ڪي ته پاٽ جي مٽي محفوظ ڪري پاڻ سان گڏ کڻي ويا. الميو صرف اهو هو ته ڪير هنن ماڻهن کي دلجاءِ ڏيڻ لاءِ تيار نه هو ڇو جو ماحول اهڙو هو جو ڪير به ڪنهن جو ذمو کڻڻ لاءِ تيار نه هو ۽ سڀڪو انهي ڪوشش ۾ هو ته ڪٿي پنهنجن ٻچڙن کي وٺي رهائش اختيار ڪجي. ۽ ڏسندي ئي ڏسندي پاٽ ڄڻ ته ويران ٿيڻ لڳي. ۽ انهن پيارن ماڻهن جي ڏسڻ لاءِ دل بي تاب ٿيڻ لڳي شام واريون اهي جهونڙن جون ڪچهريون ڪنهن اهم اوطاق تي وڏن وڏن عهدن تي رهندڙ ماڻهن جون گڏجاڻيون. نوجوانن جا ٽولا ۽ انهن جا ٽهڪ نياڻين جون هڪ جيڏين سان اهي رانديون ۽ ننڍڙن ٻارڙن جي انهن ٻاتائي ڳالهائڻ واريون ٻوليون ۽ امڙين جون لوليون ٻڌڻ لاءِ پاٽ خود حيران هئي ته هي ڇا مان ڇا ٿي ويو. چند سالن بعد امن قائم ٿيڻ کان پوءِ پاٽ جون رونقون بحال ٿيڻ لڳيون ۽ پاٽ جي آس پاس وارا ڪافي ڳوٺ هتي شفٽ ٿيا. پر پاٽائي ڪجهه ته واپس ٿيا باقي ٻين هميشه هميشه لاءِ انهن شهرن ۾ رهڻ پسند ڪيو شايد کين اهو خوف هو ته وري ڳوٺ وڃجي ۽ متان وري بدامني ٿئي ان ڪري اتي ئي بهتر آهيون ها ايترو ضرور آهي جو کين پاٽ سان اڄ به اها محبت آهي..

    پاٽ شريف جون حدون


    اتر ۾: سيتا روڊ
    ڏکڻ ۾: ڦلجي اسٽيشن
    اولهه ۾: پيارو ڳوٺ
    اوڀر ۾: سنڌو درياءَ
    بلاڪ: بلاڪ نمبر 1 ، بلاڪ نمبر 2 ، بلاڪ نمبر 3
    ديهه: پاٽ شريف
    يونين: ڪائونسل پاٽ شريف
    تعلقو: دادو
    ضلع: دادو
    ڊويزن: حيدرآباد
    صوبو: سنڌ
    ملڪ: پاڪستان

    پاٽ شريف جي آبادي


    ٽوٽل آبادي: 10،000 ڏهه هزار
    غريبي: 80 سيڪڙو
    اميري: 20 سيڪڙو
    پڙهيل: 85 سيڪڙو
    اڻ پڙهيل: 15 سيڪڙو
    سرڪاري ملازمت: 35 سيڪڙو
    پرائيويٽ ملازمت: 15 سيڪڙو
    بيرزوگاري: 50 سيڪڙو

    پاٽ شريف ۾ ٿيندڙ ڌنڌا


    دڪانداري ڪرڻ، ڪاٺيون ڪرڻ، مڇي مارڻ، واڻ وٽڻ، هارپو ڪرڻ، مزدوري ڪرڻ، واپار ڪرڻ
    پيداٿيندڙ مکيه فصل ۽ ميوا ڀاڄيون.
    ڪڻڪ، ساريون، ڪمند، وونئڻ، مٽر، سرنهن، چڻا، انب، زيتون، بصر، مرچ، واڱڻ، ٽماٽا، گوبي، توريون، ڀينڊيون


    پاٽ شريف جون سرڪاري عمارتون


    1. بيسڪ هيلٿ سينٽر
    2. پوليس پوسٽ
    3. ٽيلفون ايڪسچينج
    4. ايريگيشن آفيس ۽ ريسٽ هائوس، زبون حالت ۾
    5. واٽر سپلاءِ آفيس ۽ اسڪيم، (ناڪاره بڻيل)
    6. پوسٽ آفيس
    7. يونين ڪائونسل آفيس
    8. هاءِ اسڪول
    9. پرائمري اسڪول
    10. مسافر خانو

    پاٽ شريف جا تعليمي ادارا


    1. قاضي احمدي پرائمري مين اسڪول (بوائز)
    2. قادر بخش پاتڻي پرائمري اسڪول (بوائز)
    3. برهماڻي محله مسجد پرائمري اسڪول (بوائز)
    4. پاٽ پراڻي مسجد پرائمري اسڪول (بوائز)
    5. چنه محله پرائمري اسڪول (گرلس)
    6. مخدوم محله پرائمري اسڪول (گرلس)
    7. علامه آءِ آءِ قاضي هاءِ اسڪول (بوائز)
    8. سيد محله هاءِ اسڪول (گرلس)
    9. فخر ڪريم پبلڪ اسڪول صديقي محله (ڪو ايجوڪيشن)
    10. مخدومي پبلڪ اسڪول (ڪو ايجوڪيشن)


    رهڻي ڪهڻي

    هتي اوهان کي پڙهيا لکيا ماڻهو ڪافي تعداد ۾ ملندا، لباس ۾ سلوار قميص، اجرڪ ٽوپي يا ڪي وري شوقيه طور پينٽ شرٽ ڪڏهن ڪڏهن پائين. ان کان علاوه ثقافتي سرگرمين ۾ ، لوڪ موسيقي، سگهڙن جون ڪچهريون، ادبي گڏجاڻيون، سماجي سرگرميون، اسٽيج ڊرامه ۽ سياسي سرگرميون وقت بوقت ٿينديون رهن ٿيون. هتان جا ماڻهو مهمان نواز آهن ان کان علاوه پاٽ جي مٺي پاڻي جو ته ڪو مثال ئي ڪونهي، هتان جون مذهبي سرگرميون ٻارنهن ئي مهينا جاري آهن. راندين ۾ نوجوان ڪرڪيٽ شوق سان کيڏندا آهن. جڏهن ته سنڌ جون روايتي رانديون ملهه ۽ ڪوڏي ڪوڏي پڻ خاص ميلن ملاکڙن تي کيڏيون وڃن ٿيون جڏهن ته ڏاندن جي گوءِ وڏي دلچسپي سان ٿيندي آهي. ڪڪڙن جو خفت به اڃا جاري آهي.

    پاٽ شريف جون تنظيمون

    1. غلامانِ مصطفى
    2. انجمن قلندري
    3. سنڌي ادبي سنگت
    4. شهري اتحاد
    5. مهراڻ سوشل ويلفيئر
    6. پاٽ ويلفيئر آرگنائيزيشن
    7. هوشو آرٽ ڪلب
    8. ناز اسٽار آرٽ ڪلب
    9. ملاح سوشل ويلفيئر
    10. سچوا سنڌ چانڊيه ويلفيئر ايسوسيئشن
    11. اداره پاٽ هائوس
    12. گسٽا
    13. پ ٽ الف
    14. ماٽا
    15. پاڪستان مسلم ليگ
    16. پاڪستان پيپلز پارٽي
    17. جماعت حسيني
    18. عارف بالله جماعت
    19. جماعت غوثيه مخدوميه
    20. جماعت سخي دم دين پناهه
    21. جماعت نعمت الله قريشي
    22. جماعت غوث اعظم
    23. وليج ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن
    24. سجاڳ ويلفيئر آرگنائيزيشن
    25. الڪريم سٽيزن ڪميونٽي بورڊ
    26. عزت حبيب ٽرسٽ
    27. غني ٽرسٽ
    28. سگا
    29. جماعت علماء السلام
    30. سچل آرٽ ڪلب
    31. پاٽ جي لاٽ

    پاٽ شريف جا سگهڙ

    1. فقير غلام النبي سومرو (والدِ بزرگوار مخدومي زاهد حسين سومرو الجميلي)
    2. محمد ٻڍل لانگاه
    3. ميرل فقير چانڊيو
    4. غلام قادر چانڊيو
    5. محمد نواز ڀرٽ
    6. امير بخش سولنگي
    7. مظهر علي پنهور
    8. محرم علي تيوڻو

    پاٽ شريف ۾ رهندڙ ماڻهن جو ذاتيون

    ذات ذات
    سيد صديقي
    سومرا جوڻيجه
    انصاري چنه
    زرداري پنهور
    رند پلهه
    تيوڻا ميمڻ
    عباسي ڪلهوڙا
    مڱڻهار چنڙ
    جويه ڀٽي
    پتوجا لانگاهه
    سولنگي ملاح
    ٿهيم ڏاهري
    برهماڻي چانڊيه
    ڪنڀر سمان
    منگي بروهي
    نوناري انڙ
    خاصخيلي شيخ
    جوڳي شاهي
    لوهر سنڌي پٺاڻ

    نوٽ: نسبتي لحاذ کان پاٽ، سيوهڻ ۽ هالا جا صديقي هڪ ئي خاندان سان تعلق رکن ٿا. سندن وڏا پهرين پاٽ ۾ بعد ۾ ديني خدمات جي سلسلي ۾ مختلف شهرن ۾ سڪونت پذير ٿيا.
    پاٽ شريف ۾ ڳالهائيون ويندڙ ٻوليون

    1. سنڌي
    2. سرائيڪي

    پاٽ شريف جون عظيم شخصيتون


    عظيم شخصيت عظيم شخصيت
    مخدوم حاجي ميان حسن الله صديقي (رح) ڊاڪٽر حبيب الله صديقي
    مخدوم محمد صالح صديقي (رح) ڪريم بخش صديقي ۽ فخر ڪريم صديقي
    مخدوم ممتاز احمد صديقي (رح) متوڪل قاضي
    مخدوم محمود صديقي (رح) پروفيسر عبدالوحيد صديقي
    مخدوم مولانا فضل الله صديقي (رح) اي آر قاضي
    مخدوم نظام الدين صديقي (رح) مشتاق احمد قاضي
    مخدوم محمود الحسن صديقي (رح) آفتاب احمد قاضي
    نورالدين صديقي مقبول احمد صديقي
    اي جي اين قاضي امداد حسين جوڻيجو
    ڊاڪٽر علي احمد قاضي مولوي عبدالقيوم انصاري
    مولانا شفيع محمد صديقي ڊاڪٽر مجتبى جوڻيجو
    قاضي علي گوهر صديقي باز محمد جوڻيجو
    قاضي احمد حسن صديقي عبدالحليم انصاري
    پروفيسر محمد قاضي پروفيسر محمد اڪرم انصاري
    قاضي ميان احمدي صديقي غياث الدين جوڻيجو
    علي بخش چنه اقبال جوڻيجو
    جسٽس زيڊ اي چنه شفيع احمد چنه
    عبدالله چنه شجاع احمد جوڻيجو
    ڪريم بخش چنه بيگم امينه خميساڻي
    محمد يوسف جوڻيجو مسز زهره انصاري
    مولانا حڪيم خير محمد جوڻيجو علامه آءِ آءِ قاضي
    خانبهادر يار محمد جوڻيجو نصير سارنگ
    محمد صوف سومرو سليم چنه
    محمد صديق سومرو فيض صديقي
    استاد حاجي محمد صالح سومرو سليم الله صديقي
    عبدالغفور سومرو عبدالغني انصاري
    محمد الياس سومرو مقبول انجم ميمڻ
    فتح الدين جوڻيجو ماجد قاضي
    انور الدين انصاري سيد جلالي شاهه
    مخدوم عبدالجبار صديقي جسٽس مختيار احمد جوڻيجو
    عبدالغفور انصاري جاويد احمد جوڻيجو
    ايس پي عبدالغني صديقي نظر محمد جوڻيجو
    ارشد لطيف چنه آپا ڪريمه پنهور


    پاٽ شريف جون مسجدون، مدرسا ۽ عيدگاهون


    مسجدون​


    درگاهه واري مسجد مدينا مسجد
    لطيفي مسجد قاضي شفيع محمد واري مسجد
    بس اسٽاپ واري مسجد مينهون فقير واري مسجد
    درگاهه وحيديه واري مسجد سومرا محله واري مسجد
    چنه محله واري مسجد گل حسن فقير واري مسجد
    حاجي پير اسماعيل واري مسجد ميهر فقير واري مسجد
    ملاح محله واري مسجد دادن فقير واري مسجد
    پرائمري اسڪول واري مسجد سيد پنهل شاهه واري مسجد
    جوڻيجه محله واري مسجد

    مدرسا​


    مدرسه فضل الاهي
    مدرسه وحيديه
    مدرسو حسيني

    عيد گاهه​


    عيد گاهه چنه محله عيد گاهه پاٽ پراڻي دڙو

    پاٽ شريف ۽ آس پاس جون درگاهون


    درگاهه مخدوم فضل الاهي درگاهه مسافر پير
    درگاهه شفيع محمد صديقي پاٽائي درگاهه ميهر فقير
    درگاهه حاجي پير اسماعيل پنهور درگاهه مٽلو فقير
    درگاهه سيد معصوم شاهه درگاهه حضرت حسين شاهه بخاري (بهرام جوڳوٺ)
    درگاهه سيد جان محمد شاهه درگاهه شير پير
    درگاهه سيد ناصر شاهه لڪياري درگاهه محمد جمن خاصخيلي
    درگاهه ڌيرڻ پير درگاهه زين العابدين صديقي
    درگاهه دنبل پير درگاهه جيجون ستيون جَتيون


    پاٽ شريف جون امام بارگاهون


    امام بارگاهه سيد ذوالفقار شاهه
    امام بارگاهه لاهوتي شعبان پنهور
    امام بارگاهه رجب فقير ڪلهوڙو
    امام بارگاهه لاهوتي قمرالدين چانڊيو
    امام بارگاهه سرائي صديق
    امام بارگاهه راجا لانگاهه
    امام بارگاهه جوڳين وارو
    امام بارگاهه علي نواز عباسي


    پاٽ شريف جا قبرستان


    مسڻن وارو قبرستان
    درگاهه وارو قبرستان
    درگاهه وحيديه وارو قبرستان
    قاضي قاسماڻي وارو قبرستان
    پاٽ پراڻي واري قبرستان
    درگاهه ناصر شاهه وارو قبرستان


    پاٽ شريف جا اولياء ، زميندار ، اديب ، سماجي اڳواڻ ، آرٽسٽ ۽ آفيسر


    نوٽ: هتي انهن شخصيتن جا نالا ڏجن ٿا جيڪي سرڪاري ملازمت ۾ اهم عهدن تي فائز رهيا انهن ۾ڪي رٽائر ٿي چڪا آهن ڪي پنهنجن عهدن تي موجود آهن. جڏهن ته انهن مان ڪي وفات پڻ ڪري ويا آهن. تفصيل ڏيڻ جو مقصد اهو آهي ته پاٽ شريف جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيندڙ انهن ماڻهن کي اهو شرف حاصل آهي. جو اهي مختلف ڊپارٽمينٽن وڏن وڏن عهدن تي رهيا. ۽ اهي پنهنجي ملڪ کان علاوه دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنهنجا فرض انجام ڏئي رهيا آهن. ۽ هن لسٽ کي حتمي نه سمجهيو وڃي. ڇو جو ٿي سگهي ته ڪجهه شخصيتون معلومات کان رهجي ويون هجن.


    مخدوم معين الحق، انڪم ٽيڪس آفيسر
    علامه آءِ آءِ قاضي، پهريون وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي
    قاضي عبدالاحد صديقي، پرنسپال
    آپا منصوره چنه ايس ڊي اي او فيميل دادو
    نظر محمد چنه، وڪيل
    محمد حاجن چنه، ڊائريڪٽر علامه اقبال اوپن يونيورسٽي
    سليم چنه، ڊپٽي ڪليڪٽر ايڪسائيز
    امير الدين چنه، ڊائريڪٽر سوشل سيڪورٽي
    الهبچايو برهماڻي، وڪيل
    اعظم چنه، ڊائريڪٽر مارڪيٽنگ ڪاميٽي حيدرآباد
    عبدالرشيد چنه، مختيار ڪار
    نظر محمد برهماڻي، اسٽنٽ ڊسٽرڪٽ فاريسٽ آفيسر
    آفتاب احمد چنه، زونل چيف اسٽيٽ لائيف
    مخدوم ميان ممتاز احمد صديقي، بزرگ عالم دين
    محمد عمر چنه، زميندار
    ڪريم بخش چنه، زميندار ۽ سماجي شخصيت
    نورحسين جوڻيجو، مئنيجر حبيب بئنڪ
    نور محمد عرف ستارو انصاري، ڪامريڊ ۽ شاعر
    محفوظ احمد عباسي، انجنيئر
    محمد قاسم عباسي، ايڊمنسٽريٽر يونين ڪائونسل پاٽ
    لياقت علي ميمڻ، مئينجر يونائيٽيڊ بئنڪ
    فخر ڪريم صديقي اي ڊي او سٽي ڪراچي
    فيروز الدين سومرو، انجنيئر
    فخر الدين سومرو، مئنيجر مسلم ڪمرشل بئنڪ
    عبدالغني سومرو، پروفيسر
    ڊاڪٽر الاهي بخش سومرو، (ايڪس) ايم ايس پي ايم سي ايڇ نوابشاهه
    محمد الياس سومرو، آفيس سپريڊنٽ بي آئي ايس اي حيدرآباد
    ضياءُ الدين صديقي، ڊپي او آفيس سپريڊنٽ
    نورالدين صديقي، شگر مل آفيسر
    عبدالوحيد صديقي، جسٽس هاءِ ڪورٽ ۽ شريعت ڪورٽ
    مختيار احمد جوڻيجو، جسٽس
    ڊاڪٽر متوڪل قاضي، چيف سيڪريٽري سنڌ
    اي جي اين قاضي،
    قاضي سليم الله صديقي، ڊائريڪٽر فوڊ ڊپارٽمينٽ
    شجاع احمد جوڻيجو، آبپاشي سيڪريٽري
    قاضي احمد حسين، چيئرمين پي آءِ ڊي سي
    قاضي آفتاب احمد، گورنر اسٽيٽ بئنڪ
    امداد حسين جوڻيجو، پريزڊنٽ الائيڊ بئنڪ
    اياز حسين انصاري، ڪمشنر سکر
    ڊاڪٽر عبدالسميع صديقي، پهريون پي ايڇ ڊي شگر ڪين
    عبدالله چنه، ڊي سي لاڙڪاڻو ۽ دادو
    ڊاڪٽر باز محمد جوڻيجو، ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ فشريز
    پرويز احمد جوڻيجو، ڊي ڊي او روينيو
    جاويد احمد جوڻيجو، ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ
    محترمه شگفته صديقي، ايڊيشنل سيشن جج
    ڊاڪٽر منير احمد جوڻيجو، پروفيسر ريڊيولاجسٽ
    محترمه محموده صديقي، ڊاڪٽر
    محترمه منصوره صديقي، سوشل سيڪورٽي حيدرآباد
    محترمه فهميده جوڻيجو، ڊاڪٽر، پرورفيسر
    ڊاڪٽر نظر محمد جوڻيجو، اي ڊي او هليٿ حيدرآباد
    عبدالخالق ڀٽي، چيف انجنيئر سوئي گئس
    ممتاز علي چنه، اي سي ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي
    عطا محمد انصاري، جسٽس
    مخدوم عبدالحفيظ صديقي، ڊپٽي ڊائريڪٽر نيب
    ڊاڪٽر حيدر علي قاضي، پروفيسر
    قاضي عبدالشڪور صديقي، ڊائريڪٽر جناح اسپتال ڪراچي
    قاضي عبدالرشيد صديقي، پروفيسر
    محمد عالم انصاري، سينيئر وائيس پريذيڊنٽ ايم سي بي
    ڊاڪٽر نسرين جوڻيجو، پروفيسر
    عنايت الله جوڻيجو، ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ
    قاضي احمد صديقي، سابقه جج
    نصير احمد چنه، زونل چيف ايم سي بي لاڙڪاڻو
    محترمه آمنه چنه، پروفيسر (زيڊ اي چنه جي ڀيڻ)
    محترمه ڪريمه پنهور هيڊ مسٽريس گرلس هاءِ اسڪول پاٽ
    جان محمد انصاري، سيڪريٽري روينيو سنڌ
    قاضي عطاء الله انصاري بزرگ عالم دين
    فتح الدين جوڻيجو، اي سي ايريگيشن
    مخدوم حسن الله صديقي، بزرگ عالم دين
    حيات احمد جوڻيجو، سابقه ڊپٽي اٽارني سنڌ
    مخدوم فضل الله صديقي، بزرگ عالم دين
    ڊاڪٽر ظفر الحق صديقي، پروفيسر
    مخدوم محمد صالح صديقي، بزرگ عالم دين
    عبدالستار صديقي، چيئرمن اٽلس ملز
    مخدوم نظام الدين صديقي، بزرگ عالم دين
    مخدوم فضل الحق صديقي، بزرگ عالم دين
    مخدوم محمود احمد صديقي، بزرگ عالم دين
    صاحبزاده محمود الحسن صديقي، بزرگ عالم دين
    قاضي عبدالواحد صديقي، زميندار
    مخدوم شمس الحق صديقي، بزرگ عالم دين
    بي جي اين قاضي
    فدا حسين سومرو،
    شفيع محمد صديقي، پروفيسر ۽ بزرگ عالم دين
    مقصود احمد عباسي،
    ڊاڪٽرڪريم بخش صديقي، سيڪريٽري ورڪرس چلڊرين ويلفيئر بورڊ سنڌ اينڊ ايجوڪيشن، سيس ڪراچي
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ ڌرتي جو تاريخي تعيلمي ۽ قديمي ماڳ ”پاٽ شريف“

    ادا محترم زاهد ؛ سڀ کان پهريان ته جي آيا ڀلي آيا، ڀلا هر پاسي خئير ته هو ، ايترا ڏينهن لاتوَ؟

    محترم گلزار ڪلهوڙي صاحب ۽ اوهانکي واڌايون جو اهڙو سهڻو تحقيقاتي مقالو پيش ڪيو اٿوَ، اهڙا مقالا جي هر ڳوٺ ۽ شهر لئه هجن ته هوند سنڌ جي تاريخ محفوظ ۽ منظم ٿي پوي ۔۔۔ پر ايئن ڪري ڪير؟ اسانجا تعليمي ادارا ته ماشاء الله ايترا مصروف آهن جو گهر ويٺي پگهارو پيا کڻن۔

    بهرحال ترتيبوار ۽ معلوماتي مقالو آهي ۔۔۔
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ ڌرتي جو تاريخي تعيلمي ۽ قديمي ماڳ ”پاٽ شريف“

    واه ادا واه دل خوش ٿئي وئي ، ۽ اهيا خبر پئي ته اڃان ڪي آهين ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ ڌرتي جو تاريخي تعيلمي ۽ قديمي ماڳ ”پاٽ شريف“

    لاجواب شيئرنگ آهي ادا


    پاٽ شريف مطلق اهڙي معلومات سنگت سان ونڊ ڪرڻ تي توهان کي مبارڪون هجن

    سدائين گڏ ادا
     
  5. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: سنڌ ڌرتي جو تاريخي تعليمي ۽ قديمي ماڳ ”پاٽ شريف“

    سائين محترم اوهان جي دعائن سان سڀ خير آهي۔۔ بس شايد اوهان کي خبر هجي جنهن ڪم سانگي مان ٻاهر ويل هيس انهي ۾ الله سائين ڪيو ته ڀلائي ٿي وئي ۽ مان ڪامياب ٿي ويس۔۔۔۔

    محترم سائين اوهان هن مقالي کي سهڻو چئي اسان تي وڏا ٿورا ڪري ڇڏيا اٿو۔۔۔۔ بس هاڻي جلد ئي پنهنجي ڳوٺ جون ۽ ڪجهه انهن ماڻهن جون جن پنهنجي ڳوٺ جي نالي کي روشن ڪريو آهي۔ اميد ته اهي تصويرون اڃا به اوهان کي فرحت بخشينديون۔۔۔۔

    دعائن ۾ ياد
     
  6. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: سنڌ ڌرتي جو تاريخي تعيلمي ۽ قديمي ماڳ ”پاٽ شريف“

    محترم وگهيو صاحب اوهان جي همت افزائي ڪرڻ جي لاءِ ٿورائتو آهيان اوهان دوستن جو اهڙو ساٿ رهيو ته انشاءُالله پاڻ به نڀائيندا رهنداسين۔۔۔۔


    دعائن ۾ ياد
     
  7. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: سنڌ ڌرتي جو تاريخي تعيلمي ۽ قديمي ماڳ ”پاٽ شريف“

    فقير سائين خيرمبارڪون، pasand
    اڄڪلهه اصل ديدار ئي مهانگا ڪرائي ڇڏيا اٿوَ۔۔۔۔ ڏيو خبر ڪهڙين ڪنڊن ۾ پيا وسو۔۔۔ اسان ته اوهان کي ڳولهي ڳولهي ٿڪجي پيا آهيون۔۔۔

    فقير سائين ٻيلي ڏاهو ٿي۔۔۔۔۔ ايڏي وڏي سزا نه ڏي
     
  8. M Pariyal

    M Pariyal
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 اپريل 2010
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ ڌرتي جو تاريخي تعيلمي ۽ قديمي ماڳ ”پاٽ شريف“

    محترم زاهد سومرو صاحب اوهان کي جسُ هجي جو هيترو پورهيو ڪيو اٿو .
    ان سان انهن دوستن جي ڄاڻ ۾ اوسر ٿيندي جيڪي سنڌ جي ڳوٺن ۽ اتان جي عظيم شخصيتن جي باري ۾ اڻ ڄاڻ آهن.
    الله اجُر ڏيندو _ هي بـ هڪ طريقو آهي سونهاري سنڌ جي خدمت جو.

    شاه سائين ان لاء فرمايو آهي ؛

    هتان کَڻِي هتِ، جن رَکِيو، سي رَسِيُون؛
    ساجَنُ سُونهن سُرتِ، وِکان ئِي ويجھو گھڻو.
     
  9. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: سنڌ ڌرتي جو تاريخي تعيلمي ۽ قديمي ماڳ ”پاٽ شريف“

    سائين محمد پريل صاحب اوهانجا لک ٿورا جو اوهان به اسان جي حوصلا افزائي ڪئي۔۔۔۔۔

    انتظاميه جي دوستن کي اپيل ٿي ڪجي ته سائين محمد پريل واري موڪليل جواب ۾ جتي زاهد سمون لکيل آهي اتي زاهد سومرو ڪيو وڃي۔۔۔۔۔
     
  10. M Pariyal

    M Pariyal
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 اپريل 2010
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ ڌرتي جو تاريخي تعيلمي ۽ قديمي ماڳ ”پاٽ شريف“

    منهنجا محترم سومرا صاحب، معاف ڪجو اوهانکي زاهد سمون لکي ويٺس.
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: سنڌ ڌرتي جو تاريخي تعيلمي ۽ قديمي ماڳ ”پاٽ شريف“

    ادا زاهد پاٽ شريف جي باري ۾ اهڙِ ناياب معلومات پڙهي سين، تمام بهترين شئيرنگ آهي توهان جي۔
     
  12. عبدالستارچنا

    عبدالستارچنا
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    224
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    پاٽ شريف, ضلعو دادو سنڌ
    جواب: سنڌ ڌرتي جو تاريخي تعيلمي ۽ قديمي ماڳ ”پاٽ شريف“

    @};-محترمي و مڪرمي سائين زاهد سومرو صاحب@};-
    اسلام وعليڪم
    مٺڙا زاهد حسين اميد ته اوهان بلڪل خير خيريت سان هوندا۔ ادا مان انتهائي معزرت سان چوان ٿو ته هن بهترين بلڪه تمام زبردست تحرير جو جواب مان وقت سِر نه ڏئي سگهيس اهو ان ڪري جو منهنجي طبعيت منهنجو ساٿ نه پئي ڏنو۔ ان لاءِ مان اوهان کان هٿ ٻڌي معافي جو طلبگار آهيان۔
    باقي جيستائين تعلق آهي منهنجي ڳو\ٺ پاٽ شريف" جي تاريخ جو اها ته اوهان تمام بهترين نموني سان سنگت آڏو ونڊ ڪري چڪا آهيو سچ پڇو ته مون کي به ڪافي ڄاڻ ملي آهي هن ليک مان ۽
    ادا دلي خوشي پڻ ملي آهي مونکي ادا اوهان جا لک احسان وڏا ٿورا جو اوهان هي انمول ونڊ ڪيو آهي سنگت سان گڏوگڏ مان ٿورائتو آهيان سائين گلزار علي ڪلهوڙو صاحب جن جو جن جي محنت سان هي انمول ڄاڻ منظرِ عام تي آئي۔ ادا زاهد مون کي انهن تصويرن جو پڻ اوسيئڙو رهندو جن جو ذڪر اوهان مٿي ڪيو آهي ان حوالي سان جيڪڏهن منهنجي ساٿ جي ضرورت هجي ته مان حاضر آهيان بس اوهانجي حڪم ڪرڻ جي دير آهي۔
    هڪ دفعو ٻيهر هن انمول تحرير جي ونڊ ڪرڻ تي مان اوهان ٿورائتو آهيان۔ شال سدا خوش وآباد هجو پنهنجن پيارن سان سدائين مُرڪندا رهو آمين


    @};-سنڌ سلامت ساٿ سلامت@};-​
     
  13. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: سنڌ ڌرتي جو تاريخي تعيلمي ۽ قديمي ماڳ ”پاٽ شريف“


    مهرباني ادا قمبراڻي بلوچ۔۔۔۔

    اڄڪلهه عيد جا چنڊ ٿي ويا آهيو۔۔۔ اصل ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ٿا اچو پيا۔۔۔۔۔۔
     
  14. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: سنڌ ڌرتي جو تاريخي تعيلمي ۽ قديمي ماڳ ”پاٽ شريف“

    ادا عبدالستار چنه صاحب۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ايتريون ديريون ڪري ٿا ڀيرو ڀريو اوطاق تي اها چڱي ڳالهه ناهي۔۔۔۔

    بس دعا ڪريو ته جلد ئي پنهنجي ڳوٺ جو تصويري منظر نامو به دوستن سان ونڊ ڪبو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  15. asad1280

    asad1280
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 جون 2010
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ ڌرتي جو تاريخي تعيلمي ۽ قديمي ماڳ ”پاٽ شريف“

    ادا جمن خاصخيلي جي درگاه بابت ڪجه وڌيڪ معلومات ڏيندا ته شڪر گذار رهندس
     
  16. نصير چنا

    نصير چنا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 جون 2010
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    228
    ڌنڌو:
    رپوٽر آواز ٽي وي نيوز سيتاروڊ
    ماڳ:
    سيتاروڊ
    جواب: سنڌ ڌرتي جو تاريخي تعيلمي ۽ قديمي ماڳ ”پاٽ شريف“

    واه سائين زاهد سومرو صاحب تمام تمام زبردست، هاڻي اسان کي به خبر پئجي وئي ته پاٽ ڇا آهي، واه واه
     
  17. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: سنڌ ڌرتي جو تاريخي تعيلمي ۽ قديمي ماڳ ”پاٽ شريف“

    هن بابت تواهان ڪتاب لکي پيش ڪيو آهي مهرباني
     
  18. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ ڌرتي جو تاريخي تعيلمي ۽ قديمي ماڳ ”پاٽ شريف“

    سائين زاهد صاحب مونکي ڏاڍي خوشي ٿي اهي جو اوهان ايڏي محنت ماشاءَ الله ڪئي آهي هڪ تاريخي ماڳ جي حوالي سان
    انشاءَ الله اوهان جي نقش قدم تي هلندي آءُ به هڪ اهڙي ڪاوش تي ضرور انشاءَ الله ڪم ڪندس
    لک لائق
     
  19. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: سنڌ ڌرتي جو تاريخي تعيلمي ۽ قديمي ماڳ ”پاٽ شريف“

    جي بسم الله ادا۔۔۔

    بلڪل ادا هر هڪ دوست کي پنهنجي ڳوٺ جي باري ۾ ڪجهه نه ڪجهه لکڻ گهرجي۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو