1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

يادداشت ۽ ويسر ٻه عظيم نعمتون

'رمضان المبارڪ' فورم ۾ ساجد علي چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏12 جولائي 2014۔

  1. ساجد علي چانڊيو

    ساجد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 اپريل 2014
    تحريرون:
    56
    ورتل پسنديدگيون:
    120
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ميهڙ ، دادو
    يادداشت ۽ ويسر ٻه الله سائين جون عظيم نعمتون
    انسان جي ذهن ۾ يادداشت ۽ ويسر ٻه عظيم نعمتون آهن جيڪي الله سائين انسان کي عطا ڪيون آهن. اگر هي ٻه نعمتون انسان وٽ نه هجن ها ته انسان جي لاءِ زندگي گذارڻ ڏاڍو مشڪل ٿي وڃي ها.
    اوهان سوچيندا هوندؤ ته يادداشت الله سائين جي نعمت هجي ٿي سگھي ٿي جنهن جي هر انسان به پاڻ ۾ ضرورت محسوس ڪري ٿو ليڪن ويسر جيڪو هڪ مرض سمجھو وڃي ٿو ڪيئن ٿو الله سائين جي نعمت ٿي سگھي؟ ها ويسر به الله سائين جي هڪ نعمت آهي اگر عظيم نعمت چوان ته به غلط نه ٿيندو بلڪه حق به اهيو ئي آهي ته عظيم نعمت چيو وڃي الله سائين جي ڪابه نعمت عظيم جي درجي کان گھٽ ناهي.
    اگرچه ويسر ۾ تمام گھڻيون مشڪلون آهن ڇو جو اهڙو انسان جنهن جو حافظو بلڪل نه هجي سڀني شين کي ويساري ڇڏيندو آهي انهن کي به جنهن کي ڏسندو ، ٻڌندو يا چوندو آهي.
    ڪوشش جي باوجود ڪا به شي ان جي ذهن ۾ نه ايندي آهي ۽ انهن ماڻهن کي به نه سڃاڻي سگھندو آهي جن هن سان چـڱايون ڪيو يا برائيون ڪيون. ڪهڙي شي ان لاءِ فائدي مند آهي ۽ ڪهڙي نقصانڪار ان کي ڪجھ به ياد ناهي ايندو.
    اڪثر اوقات ويسر انسان لاءِ تمام سخت آهي يقينا اوهان ٻڌو هوندو ته ڪجھ ماڻهون ڪنهن حادثه ۾ پنهنجي حافظي کي وڃائي ويهندا آهن پنهنجي گذاريل زندگي به ياد نه ايندي اٿن پنهنجي قريبي دوستن کي به ناهن سڃاڙيندا ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجو نالو به ياد نه ايندو اٿن.
    ليڪن اهيا ئي ويسر جيڪا انسان لاءِ تمام سخت آهي انسان لاءِ هڪ وڏي نعمت به آهي مثلا ان وقت جڏهن ڪنهن انسان تي وڏي مصيبت اچي ٿي جهڙوڪ: پيءُ جو دنيا کان لاڏاڻو ڪري وڃن، ماءُ جو گذاري وڃڻ يا قريبي رشتي ( گھر واري) جو گذاري وڃڻ وغيره.. هي اهڙيون مصيبتون آهن اگر هميشه انسان کي ياد اچن ۽ اهي به اهڙي انداز ۾ جيئن اڄ ئي ان سان هي حادثو پيش آيو آهي ته انسان جي پوري زندگي ڏک، تڪليف ۽ پريشاني ۾ گذرندي جيڪا انسان جي برداشت کان ٻاهر آهي.
    بس الله سائين جيڪو وڏو مهربان آهي انسان کي اهڙي انداز ۾ خلق ڪيو اٿئين جو جيڪي شيون انسان لاءِ اهم آهن اهي انسان کي ياد رهجي وڃن ٿيون ۽ جيڪي شيون انسان لاءِ اهم ناهن يا انسان لاءِ ڏک ۽ پريشاني آڻڻ واريون آهن اهي آهسته آهسته انسان جي ذهن کان نڪري وڃن ٿيون.
    خدا ڪيڏو نه مهربان آهي هو پنهنجي ٻانهي کي ڏک، تڪليف ۽ پريشاني ۾ نه ٿو ڏسڻ چاهي ليڪن هي انسان اهڙا ڪم ٿو ڪري جو پنهنجي لاءِ پاڻ پريشانيون گڏ ٿو ڪري پنهنجي هٿان ئي پاڻ کي مصيبت ۾ گرفتار ٿو ڪري!!!!
    انسان غور ته ڪر توکي ڇا ڇا نه خدا عطا ڪيو آهي پوءِ اُنهيءَ خدا جي نافرماني؟ انسان توکي ڇا ٿي ويو آهي؟ ڪاڏي پيو وڃي؟ خداوند توکي ڪٿي ٿو ڏسڻ چاهي ۽ تون ڪٿي آهين ڪهڙي راه ڏانهن پيو وڃي!!!!
    ماه مبارڪ رمضان آهي اي انسان اچ الله سائين جي بارگاه ۾ واعدو ڪر ۽ ان مالڪ حقيقي ڏانهن هڪ مرتبو نگاه ته ڪري ڏس توکي ڇاڇا نه بڻائي ڇڏيندو تون حقير هوندين مان وارو ٿي ويندي ، فقير هوندين غني ٿي ويندي، گمنام هوندين مشهور ٿي ويندين ذليل هوندين عزيز ٿي ويندين.
    اي انسان!! تون پوري دنيا کي ڇڏي اگر فقط پاڻ ۾ ئي نگاه ڪندين پنهنجي هر هڪ عضو ۾ خدا جي نشاني کي پائيندين جيڪا تو کي خدا ياد ڏياريندي.
    اي انسان!!! پنهنجي دل ۾ خدا کي تلاش ڪر.....
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,406
    ورتل پسنديدگيون:
    3,230
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام خوبصورت
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,406
    ورتل پسنديدگيون:
    26,880
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بس يار ابن ويسر جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن گهڻا نقصان ٿي وڃن ٿا ۽ ڪيئي ڪرڻ جهڙا ڪم نه ڪرڻ سبب پريشاني ٿئي ٿي.
     
  4. ساجد علي چانڊيو

    ساجد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 اپريل 2014
    تحريرون:
    56
    ورتل پسنديدگيون:
    120
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ميهڙ ، دادو
    ادا ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته الائي ڪيترا اهڙا ڪم جيڪي انسان هجڻ جي ناتي سان نه ڪرڻ گھرجن پوءِ به انسان ڪري ويندو آهي ڪرڻ کان بعد ان کي احساس ٿيندو آهي ته مان ڪيترا بڇڻا ڪم ڪيا آهن هي خدا جي خاص عطا آهي جو هي غلطيون انسان کان وسري وڃن ٿيون اگر هميشه تازيون رهن ته انسان جو جيئڻ جنجال ٿي ويندو.
     
  5. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,064
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    سائين بهترين لکڻي پيش ڪئي اٿئو،
     
  6. الطاف حسين جمالي بلوچ

    الطاف حسين جمالي بلوچ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 سيپٽمبر 2013
    تحريرون:
    27
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    حيدرآباد
    تمام بهترين بيشڪ ، ويسر به الله پاڪ جي هڪ نحمت آهي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو