• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

درد هڪ پيار جو : سندري اتم چنداڻي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
10561624_10203992825279181_3363346093055871833_n.jpg

اوهان دوستن سان سندري اتم چنداڻي جو ناول ”درد هڪ پيار جو“ شيئر ڪجي ٿو. هي ناول مليالم ٻولي جي ناول تڪشي شو شنڪر پلئي مان سنڌي ۾ ترجمو ٿيل آهي. ياد رهي ته هي ناول ساهتيه اڪيڊمي جو اوارڊ يافته ناول آهي جيڪو ملاحن جي زندگي تي لکيل آهي. هي ڪتاب 1997ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي پاران به ڇپايو ويو هيو پر ان جون سڀ ڪاميون وڪري ٿي چڪيون آهن نئون نياپو اڪيڊمي هن کي ٻيهر ڇاپي رهي آهي. ڪرزمه ويب جي ٿورن سان اسڪين ڪاپي اواهن سان شيئر ڪجي ٿي.




 
ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري اڪثر ان ناول جو ذڪر ڪندو رهيو آهي ۽ ڪوششن باوجود به هن ناول جي ڪاپي مارڪيٽ مان هٿ ڪانه آئي هئي پر اڄ هي ناول آنلائين پيش ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي.
 
منهنجي نظر ۾ هي ناول هڪ بهترين ناول آهي. مون ناول تمام ٿورا پڙهيا آهن پر جيڪي پڙهيا آهن تِن ۾ هي ٽاپ تي لڳو. هيڏانهن اچڻ کان اڳ علي حسن چانڊيو پاران رکيل مورائي کان کنيل اهو ناول پهريون حصو پڙهڻ تائين مون وٽ هو پر پوءِ واپس ڪرڻو پيو. هاڻي ٻيو حصو پڙهي وٺبو. مهرباني شيئر ڪرڻ لاءِ.
 
اوهان دوستن سان سندري اتم چنداڻي جو ناول ”درد هڪ پيار جو“ شيئر ڪجي ٿو. هي ناول مليالم ٻولي جي ناول تڪشي شو شنڪر پلئي مان سنڌي ۾ ترجمو ٿيل آهي. ياد رهي ته هي ناول ساهتيه اڪيڊمي جو اوارڊ يافته ناول آهي جيڪو ملاحن جي زندگي تي لکيل آهي. هي ڪتاب 1997ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي پاران به ڇپايو ويو هيو پر ان جون سڀ ڪاميون وڪري ٿي چڪيون آهن نئون نياپو اڪيڊمي هن کي ٻيهر ڇاپي رهي آهي. ڪرزمه ويب جي ٿورن سان اسڪين ڪاپي اواهن سان شيئر ڪجي ٿي.




ھڪ بھترين ناول جي واڌاري تي سنڌ سلامت جي سنگت کي لک واڌايون لک ٿورا
 
Back
Top