مـارئي جــو ٿــر ۽ مــاروئڙا

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏27 اپريل 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    مـارئي جــو ٿــر ۽ مــاروئڙا


    [​IMG]
    آء ڪئين سيج ســــمهان مـــنهنجا ماروئڙا پڌري پٽ ســمهــــن
    آء ڪيئن لوڻ چکان منهنجا ماروئڙا روزا روز رکن (استاد بخاري)


    ٿرــــ هي اهو ٿر آهي جنهن جوذڪر سنڌ جي صوفي شاعر حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي شاعري ۾ تمام گهڻو ڪيو آهي، ۽ شاه صاحب مارئي جي زباني ٿرين لاء ٿو چورائي
    چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، وِسارِيان ڪِينَ وَري!
    جن ٿي پَي پِياريو، مَــنجھان سِــڪَ سَــري؛
    وَنهِيَنِ ويــــڙِيچَـــن جـــي، سِــٽائُــنِ سَـــري؛
    ٿَـــرَنِ ٿـــوڪَ ڌَري، اُٺــي وِيَـڙا اُڪِــــري
    . ​

    اهڙي ريت سنڌ جي هڪ ٻئي وڏي شاعر جناب شيخ اياز صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي ( ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر )۾ لکيو آهي ته اسان هڪ ڏينهن ٿر گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو ۽ هميشه گهمائڻ جو بار جمال ابڙو تي هوندو هو ۽ هي به بار ان جي مٿان هو، اسان جڏهن ٿر گهمڻ لاء نڪتاسين ۽ ٿر ۾ هڪ چڱي مڙس وٽ پهتاسين، جمال صاحب اسان سان گڏ هو سو سرڪاري پروٽوڪول پڻ ساڻ هو، ٿر ۾ اسان کي ڪيترين شين جي باري ۾ ٻڌايو ويو ۽ ڪيترن ماڻهن سان پڻ ملايو ويو، پر انهن ماڻهن مان هڪ ماڻهون مون کي هميشه ياد رهيو، ۽ اهو ڪو نه زميدار هو، ۽ نه وري ڪو عالم اديب ۽ ليکڪ هو، پر هڪ اٻوجهه،سادو ۽ سچو هڪ ٻڪرار هو، جنهن جو نالو هو جمعو نانگائي. جيڪو ٻڪريون چارائڻ سان گڏ نانگن جي وڏي ڄاڻ رکندو هو، ۽ هر هڪ نانگ بابت هن کي خبر هئي ته هي ڪهڙي قسم جو نانگ آهي، ۽ هن جي عمومن ڪيتري عمر ٿئي ٿي، سال ۾ ڪيترا ڀيرا پنهنجي کل مٽائيندو آهي، هن جي ڏنگ ۾ ڪيترو اثر آهي، وغيره وغيره. پر افسوس جو اهڙي ڄاڻ وارو شخص ٻڪريو چاري رهيو هو، ۽ هن کي ٻن ويلن جي ماني به صحيح سان نصيب ڪون هئي، پر اهيو ساڳيو ماڻهون اگر امريڪا ۾ هجي هان ته ڪنهن نانگن سان تعلق رکندڙ اداري جو گهٽ ۾ گهٽ ڊاريڪٽر هجي هان.
    پر هت هن جي سڃاڻپ صرف اهيا هئي جمعو نانگائي.
    سو ادا اسان جي ماڻهن جا ۽اسان جي سنڌ جا اسان جي ٿر جا اهي حال آهن، هنن ويچارن کي نه ئي ڪمپيوٽر ٿو گهرجي نه ئي ٻئي ڪا وڏي ٽيڪنالاجي، پر هنن کي ته صرف زندگي گذارڻ جون بنيادي ضرورتون گهرجن، پر افسوس جو اهي به هنن کي ميسر نه آهن، جڏهن ته ٿر ۽ ٿرپارڪر سان تعلق رکندڙ ٻه صاحبِ اختيار ۽ اربابِ اختيار جناب ارباب غلام رحيم ۽ مظفر حسين شاه صاحب پڻ سنڌ جا وڏا وزير رهيا آهن مگر اهي به پنهنجن ٿرين لاء ڪجهه ڪري نه سگهيا، ۽ ڪا ٿرين لاء چڻگ نه ٻاريائوئون
    جڏهن ته هن ئي ٿر ۾ ايترو ته ڪوئلو آهي جو هن ڪوئلي جي صحيح استعمال سان نه صرف ٿري پر پوري سنڌ خوشحال زندگي گذاري سگهي ٿي، مگر افسوس ۽ افسوس.
    ٿر بابت لکيل ڪتاب ۽ معلومات



    ٿر جو نالو ـــ سنڌ جي ماياناز تاريخدان جناب ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي جن پنهنجي ڪتاب ( سنڌي ٻولي جي تاريخ ۾ لکن ٿا ته ٿر اصل ۾ سنسڪرت زبان جو لفظ سٿل مان نڪتل آهي جنهن جي مطلب آهي ، هڪ هنڌ بيٺل، يا نه وهندڙ، يعني خشڪ ( جتي درياء نه هجي ) ۽ پوء سٿل مان لفظ ڦري ٿيو ٿل ۽ پوء ٿل مان ڦري ٿيو ٿر. ـــــ
    ٿر کي ريگستان پڻ چيو ويندو آهي،۽ ريگستان جي معني آهي واريء واري جڳهه ـــ ريگ معني واري + آستان معني جڳهه

    ٿربابت تحقيق ۽ ڪتاب ـــــ ٿر بابت تاريخي حقيقتون تمام ٿوريون ملن ٿيون، ۽ تاريخ ريگستان تي تمام گهٽ ڪم ڪيو ويو آهي، اگر ڪجهه حقيقتون ملن به ٿيون ته اهي تمام ٿوري معلومات ڏين ٿيون.
    ٿر جي اڀياس ۽ معلومات لاء سڀ کان پهرين ڪوشش 1847ع ۾ جناب ڪئپٽن اسٽئنلي نيپئر ريڪس جن ڪئي، ۽ هي شخص ان وقت ۾ اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ٿيل هو.هن شخص سرڪاري رڪارڊ کي گڏ ڪري1856ع ۾ هڪ انگريزي ۾ ڪتاب پڻ لکيو. جيڪو 1859ع ۾ بمبئي سرڪار طرفان ڇپيو.
    تنهن کانپوء ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي جن به 1924ع ۾ ٿر بابت هڪ ڪتاب (سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راج )لکي ڇپرايو.
    ڀيرو مل کانپوء وري 1934ع ۾ مسٽر تيج سنگ سولنڪي هڪ ڪتاب امر ڪوٽ اتهاس نالي لکي ۽ ٿر جي تاريخ ۽ رسم رواج تي روشني وڌي. تنهن کانپوء سنڌ جي مشهور تاريخدان رائچند هريچن ( تاريخ ريگستان ) نالي ٻن جلدن ۾ هڪ مڪمل ڪتاب لکيو.جنهن ۾ ٿر بابت تمام سٺي ۽ جامع معلومات ڏنل آهي، ٿر جي تاريخ کان وٺي ، ٿر جي ريتن رسمن، طورطريقن ۽ ٿر جي پکين، ماڻهن جي ذاتن، مذهبن تي پڻ تمام سٺي معلومات ڏنل آهي، جيڪي دوست تاريخ پڙهڻ جو شوق رکن ٿا انهن لاء بهترين ڪتاب آهي۔ باقي ٿر جي زندگي ڪئين ٿيندي آهي ۽ ٿر جا ماڻهون ڪيئن پيا گذارين، انهن جا ڏک درد تڪليفون ڪهڙيون آهن انهن جا ڪهڙا مسئلا آهن اهي في الحال اچو ته هيٺ ڏنل وڊيوز ۾ ٿا ڏسون.
    [/I][/B]

    سکاري سنڌ ڏکارا ماڻهون

    http://www.youtube.com/watch?v=eLbvYsBo67U&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=jNoVbz4Iqto&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=xpLKuM9ihJo&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=-fBgs_4pUOU&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=nUTsowULqHs&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=bijxhzcmO3o&feature=related
    ٿرپارڪر لائيف اسٽائل

    http://www.youtube.com/watch?v=kXiPH5D4EEs&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=U7r1RCh21k4

    ننگرپارڪر (ٿر) هڪ رپورٽ

    http://www.youtube.com/watch?v=an35ObaxL0Y&feature=related
    ٿر جو لوڪل فنڪار ۽ لوڪ ڌن

    http://www.youtube.com/watch?v=SH60LidZfj4
    ٿر جا چوڙا هڪ رپورٽ

    http://www.youtube.com/watch?v=niNQZxpaR8A&feature=related

    منهنجي ٿر جو حال جي پڇندين (حليم باغي) ​

    http://www.youtube.com/watch?v=veIXsJGQytw&feature=related
    ٿر جي ڪوئل مائي ڀاڳي

    http://www.youtube.com/watch?v=qtlOGarrFPA&feature=related
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: مـارئي جــو ٿــر ۽ مــاروئڙا

    ٿر جو هڪ گهر ​

    [​IMG]

    ٿر ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏي
    [​IMG]

    ٿر جون عورتون پاڻي جي گهڙن سان پنهنجي گهرن ڏانهن ويندي​

    [​IMG]
    ٿر جو هڪ مور​

    [​IMG]
    ٿر جا بياباني ٻيڙا ​

    [​IMG]
    ٿر ۾ هٿ جو هنر ​

    [​IMG]
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: مـارئي جــو ٿــر ۽ مــاروئڙا

    ادا ممتاز تنهنجي هن بهترين ونڊ جي تعريف نه ڪرڻ بي واجبي ٿيندي، تمام تمام شاندار پوسٽ آهي هي توهان جي الله سائين توهان کي آباد رکي اهڙيون تاريخي پوسٽون سدائين توهان شيئر ڪندا رهو مهرباني مٺا۔۔۔۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مـارئي جــو ٿــر ۽ مــاروئڙا

    بلڪ آءُ ته هن ليک کي پنج تارا ڏيندس ڇاڪاڻ ته معلومات سان گڏوگڏ تصويرون ۽ وڊيوز جي مدد سان هي ليک يادگار ٿي پيو آهي ۔۔۔

    ٿورا نه ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔ سنڌ جا ڪيترائي رنگ آهن ۽ ٿر جو رنگ انتهائي گهرو ۽ سهڻو آهي ۔۔۔ بس هن وقت سنڌ جي مٿان آيل ڪارن ڪڪرن سبب، اوندهه آهي، باقي ساڳيو ٿر وڃي هند ۾ ڏسو ته اوهانکي لڳندو ته اوهان ڪنهن ترقي يافته ٿر ۾ اچي ويا آهيو، بجلي، پاڻي، هوٽل، موٽل، گهمڻ جا هنڌ ۽ محل ماڙيون ۽ روڊ رستا اصل چمڪن پيا ۔۔۔
    مڪي ۾ ڪجهه حجم آهن جن جو تعلق هند واري ٿر سان آهي، اهي ڳالهيون ٻڌائيندا آهن ته کين ڪا تڪليف ناهي، بلڪه هو هر سال وڃڻ لئه آتا هوندا آهن ته جيئن اونهاري جي شامن جا مزا ماڻن ۔۔۔
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: مـارئي جــو ٿــر ۽ مــاروئڙا

    حسبِ روايت توهان جو هي ليک پڻ مفصل ۽ معلوماتي آهي۔۔۔
    سائين نثار جي پوئيواري ڪندي منهنجي طرفان به توهان کي اهڙي خوبصورت تصويري ۽ وڊيوز واري معلومات ڳنڍڻ لاءِ 5 تارا۔۔۔۔۔۔۔۔ ۽ بهترين ليک۔۔۔
    ڪجهه ڏينهن اڳ ٿر جي صورتحال واضح ڪندي هڪ ايڪسپريس ٽي وي جي رپورٽ لڳائي هيم جنهن ۾ ڏيکاريل نظارا دل ڏکوئيندڙ هيا۔۔۔ ارباب غلام رحيم سنڌ جو سابقه وڏو وزير پڻ ٿري هيو پر گهڻو ڪجهه ڪندي به ڪجهه نه ڪري سگهيو۔۔۔
    پر اميد ٽٽڻ نه گهرجي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڏک جا ڏينهڙا ڏوري وڃبا۔۔۔
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: مـارئي جــو ٿــر ۽ مــاروئڙا

    سائين نثار ناز صاحب، سائين نثار ابڙو صاحب ۽ سائين رشيد سمون صاحب توهان جا لک لائق جو توهان منهنجي هن ڪيل محنت کي اهميت ڏني ۽ ان کي پسند ڪيو۔ ادا بس دعائن ۾ ياد رکندا،
    توهان لاء دعاگو ۽ دعائن جو طالب
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مـارئي جــو ٿــر ۽ مــاروئڙا

    ادا ممتاز علي وگهيو توهان جي بهترين شيئرنگ کي هن ناچيز به 5 تارا ڏنا آهن، مونکي لڳي ٿو ته اگر آسمان جا سڀئي تارا انهي لکڻي کي ڏجن ته سي به گهٽ ٿيندا۔
     
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: مـارئي جــو ٿــر ۽ مــاروئڙا

    سائين عبدالوهاب صاحب توهان تمام دوستن جون مهربانيون جو منهنجي محنت کي پسند ڪيو ٿا، ۽ داد ڏيو ٿا۔ الله توهان کي خوشرکي آمين
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مـارئي جــو ٿــر ۽ مــاروئڙا

    ادا مهرباني ته توهان جي آهي جو توهان الائي ڪٿان کان اهڙيون ناياب چيزون کڻي ڪري اسان سان شيئر ٿا ڪريو۔
    ادا پر هڪڙي صلاح اٿئ انهي جاءِ جو ڏس فقير کي نه ڏجانءِ۔ هو وري اصل سڀ ڪجهه کڻي ايندو۔
     
  10. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: مـارئي جــو ٿــر ۽ مــاروئڙا

    ادا فقير ماڻهن، ۽ اهل دل سان ته منهنجيون ٻٽيهه دليون هونديون آهن، فقيرن سان ته سر لڳي۔
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مـارئي جــو ٿــر ۽ مــاروئڙا

    ادا فقيرن سان ته اسان جو به سر لڳي، پر هي فقير نيشنل ۽ انٽرنيشنل آهن،
     
  12. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: مـارئي جــو ٿــر ۽ مــاروئڙا

    مهرباني ادا تمام سٺي تحرير آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو