سنڌ سلامت کي سنڌ جي هر گهر ۾ پهچائڻ لا (ماهوار سنڌ سلامت ميگزين يا رسالو ڇو نه شايع ڪيو وڃي.

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ ايم ايڇ جمالي طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2014۔

?

ڇا اوهانکي هي تحرير پسند آهي؟ ته پو ووٽ ضرور ڪريو...

  1. Yes

    13 ووٽ
    100.0%
  2. No

    0 ووٽ
    0.0%
  1. ايم ايڇ جمالي

    ايم ايڇ جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 جون 2010
    تحريرون:
    138
    ورتل پسنديدگيون:
    261
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    نواب شاهه
    جيئن ته سنڌي ٻولي کي ترقي وٺرائڻ ۾ سنڌ سلامت فورم جتي خدمت خلق جو ايترو وڏ ڪم ڪري رهيو آهي. جيڪو اڳ ممڪن نه هو..ته هاڻي ڇو نه سنڌ سلامت جي حوالي سان هڪ ميگزين يا رسالو شايع ڪيو وڃي....جنهن سان هڪ ته اسان سنڌ ۽ ملڪ جي هر ماڻهو کي هن ايڏي وڏي نيٽ ورڪ جي ڄاڻ ملندي ،ته اسان ڪيئن نه پنهنجي سنڌي ڀائرن ۽ ڀيڻن جي لا هيڏو وڏو فورم جوڙي پنهنجي سنڌ، ملڪ ۽ پنهنجي ٻولي ۽ قوم جي خدمت ڪري رهيا آهيون. يقينن مان سمجهان ٿو ته سنڌ سلامت جي ايتري ترقي ٿي سگهي ٿي...جنهن جو هن وقت اندازو لڳائڻ مشڪل آهي...۽ ڪافي مالي مدد ۽ سهائتا به ملي سگهي ٿي....

    ادا پيسو خرچ ڪرڻ ڪو ايڏو مڏو مسئلو نه آهي........ڳالهه آهي هڪ ٽيم ورڪ جوڙڻ جي ۽ پاليسي جوڙن جي..... سڀ کان پهرين ان متعلق اسانجي هڪ فائينانشل ٽيم جُڙي جيڪا اسانجي رسالي تي ايندڙ خرچ جو ڪاٿو لڳائي......ان جي لا اسان وٽ 5000 هزار ميمبر آهن....اگر 50 روپيه في ميمبر جي حساب سان 5000 هزار سان ضرب ڪريو ته تڏهن به 250000 ٻه لک پنجاهه هزار ٿي وڃن ٿا....اها ته اسانجي شروعات هوندي ۽ ان کان علاوه اسان جي ٻي ٽيم سنڌ جي هر شهر ۽ پنهنجي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ ملڪ کان ٻاهر دوستن سان به مارڪيٽنگ ۽ تعاون ڪندي.... ان کان پو اسان جي ٽي ٽيم اشتهار وٺندي... اسانجي چوٿين ٽيم جو ڪم رسالي جي سرڪيوليشن هوندي....مان سمجهان ٿو....هي رسالو اڳتي هلي سنڌ سلامت کي معاشي سپورٽ فراهم ڪرڻ ۾ به پنهنجو وڏو ڪردار ادا ڪندو...جيئن سنڌ سلامت جي ترقي ۾ اڃان واڌارو ٿي سگهي......شروع ۾ مشڪلات به اينديون....پر (پيني اينڊ پيني ميڪس ميني) جي اصول ۽ آڌار تي اسان سڀ دوست هن پليٽ فارم تي هڪ جسم ۽ هڪ جان جو مظاهرو ڪنداسين... انشا الله مان سمجهان ٿو ته ڪو بهاهڙو اشو ڪريئيٽ نه ٿيندو.... سگهندو... ۽ اهو رسالو اسانجي رسالي لا ڪم ڪندڙ ملازم دوستن جي پگهار جو به بهترين ذريعو بڻجي سامهون ايندو...
    باقي اگر هر دوست هتي همٿائڻ جي بغير پنهنجا پنهنجا عذر پيش ڪيا، ته پو يقيناٌ اهو ڪڏهن به ممڪن نه ٿي سگهندو.............
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏20 جولائي 2014
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. غازي حسين

    غازي حسين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 نومبر 2012
    تحريرون:
    54
    ورتل پسنديدگيون:
    214
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    مخدوم بلاول وليج ڪراچي
    بهترن ڳاله آهي اوهان جي، ميگزين شايع ڪرڻ سان اسان جهڙن بيروزگارن کي روزگار به ملي پوندو :)
     
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ادا اوهان ڏاڍي ڀلي ڳالهه ڪئي آهي. شايد اهو پهريون دفعو آهي جو اها ڳالهه هتي لکت ۾ آئي آهي جي نه ته انتظاميه پاران بار بار پسِ پرده ان تي صلاح مشورا ٿيا آهن. سڀ شيون عملي جامو پارائڻ ۾ قابل بس رُڳو ٻه مسئلا آهن. هڪ ته وقت سو به مُستقل مزاجي سان ڪير ڏي. ڇو ته مواد جي چونڊ، ايڊٽنگ، سيٽنگ ۽ پوءِ ان کي پريس تائين پُهچائڻ هڪ وقت طلب ڪم آهي. ٻيو آهي مئگزين جي سڄي سنڌ ۾ رسائي. شؤقيه طور تڪڙ ۾ ڪڍيل اوهان کي اهڙا سوين مئگزين ڏسڻ لاءِ مليا هوندا جيڪي مهينو ٻه هلي جتان نڪتا اُتي ئي بيهجي ويا. ڪم ڪجي ته پڪو ڪجي. ان ڪري اهو بار بار چاهڻ باوجود ناهي ٿي سگهيو.
    ڪُجهه تجويزون هُيون ته هر ميمبر کي پابند ڪجي ته پنهنجي شهر مان ساليانه خريدا هٿ ڪري ڏي. مئگزين جو بنڊل کيس پُهچي ۽ هو پڙهندڙن تائين پُهچائي. پر انتظاميه جي روزِ اول کان پاليسي سامهون اچيو وڃي ته هن فورم جي رُڪنن کي زحمت قطعي به ناهي ڏيڻي.
    بهرحال اوهان جي جذبي جي قدر ڪجي ٿي. مٿي ڏَسيل مسئلن جو اوهان وٽ ڪو آسان حل آهي جيڪو ديرپا پڻ هُجي ته بسم الله!
    بلڪل سائين اسان به چاهينداسين ته ان بهاني ڪو روزگار سان لڳي پئي :)
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    حفيظ اڳ ئي اسان پاران وضاحت ڏئي چڪو آهي ته سنڌ سلامت ميگزين تي ڪيترائي دفعا ڪچهريون ٿيون آهن ۽ ان سلسلي ۾ تڪڙ ۾ ميگزين آڻن به ڏکيايون پيدا ڪندو. ان سلسلي ۾ اسان سائين علي حسن چانڊيي سان به ڪچهري ڪئي هئي. ڪافي ڳالهيون منجهائيندڙ آهن جن مان سڀ کان وڏو مسئلو آهي پئسي جي سيڙپ جو. ڇو ته اشتهارن تي ڀاڙي نه ٿو سگهجي ... اهي ڪڏهن ملندا ته ڪڏهن نه .... ؟؟؟ ٻيو سوال هيو ته ميگزين ڪهڙي قسم جو هجي؟ ڪجهه دوستن راءِ ڏني ته ان کي خالص ڪمپيوٽر ۽ نيٽ جو رسالو بڻائجي ڇو ته سنڌي ۾ اهڙو ڪوبه رسالو موجود ناهي ... پر وري مواد ۽ ليکڪن جو مسئلو سامهون آيو.

    هڪ اهم مسئلو آهي ماڻهن جو ؟ ايڊيٽنگ، مواد جي چونڊ، مواد گڏ ڪرڻ ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه ان لاء مستقل مزاج ماڻهو جي ضرورت آهي.

    اوهان هي اهم عنوان سامهون آندو آهي. ڏسون ته دوست ڪهڙيون صلاحون ٿا ڏين؟ هي موضوع هلڻ گهرجي ۽ هر دوست صلاحون، رايا ۽ پنهنجون خدمتون پيش ڪري ....... دوستو جيڪڏهن اسان کي سڄي سنڌ مان چار کان پنج سئو رجسٽرڊ ميمبر ملي ويا ته رسالو شروع ڪرڻ ۾ دير نه لڳائبي.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    رسالو شايع ڪرڻ واقعي به وڏي محنت وارو ڪم آهي.
    سڀ کان اول ته معياري مواد گڏ ڪرڻ ان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ پو ان کي ڪمپوز ڪرائي پُروف ڪرڻ ۾ ڪافي وقت لڳي ٿو ۽ انتهائي ٿڪائيندڙ ڪم به آهي.
    ان کان پو ڇپائي جو مرحلو جنهن ۾ به ايڊيٽر جو هئڻ لازمي آهي. معياري سُٺو پنو هجي ٽائٽل جي ڊزائننگ ۽ پرنٽنگ سُٺي هجي، ڇپائي ۾ تقريبن 2 کان 4 ڏينهن لڳن ٿا.
    رِسالو اچي ته مستقل طور تي اچي ۽ ڪمپيوٽر سميت ٻيا به سيڪشن هجڻ گهرجن..
    ان لا وڏو عمل دخل رهندو قائداعظم جو ! :) سائين محمدسليمان اڳ ئي چئي چُڪو آهي ته اشتهار ڪڏهن ملندا ڪڏهن نه ملندا. ! رسالو شايع ڪرڻ سئولو ڪم ناهي ڪافي ڏُکيو ڪم آهي پر ان ۾ جيڪڏهن منهنجي ضرورت پوي ته يوسف جي خريدارن ۾ منهنجو به نالو لکي ڇڏجو. وس آهر جيڪو ڪم سونپيندؤ آئون ڪرڻ لا تيار هوندس.
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سجاد علي سومرو

    سجاد علي سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2012
    تحريرون:
    237
    ورتل پسنديدگيون:
    371
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    Shahdadkot
    بهترين صلاح آ ادا اوهان جي ان تي عمل ٿيڻ کپي پئسي سان گڏ وقت جي ضرورت پڻ آهي اسان به حاضر آهيون اوهان سان هر حال..........
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سائين تمام بهترين صلاح آهي، اسان حاضر آهيون هر قسم جي خدمت لا ۽ توهان ڪو ٽاسڪ ڏنو ته ضرور پورا ڪنداسين، سنڌ جي خدمت اسان جو فرض آهي. مالي مدد لا به تيار آهيون.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    فيس بوڪ تي هن موضوع جي لنڪ لڳائيندي دوستن کان صلاحون وٺڻ شروع ڪيم .... ڪجهه دوستن اهو سلسلو هلائڻ کان منع ڪيو آهي ته ڪجهه دوستن حمايت ڪئي آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    سب کان پهرين ته هڪ سٺو رسالو شايع ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ آف لائين 5 کان 6 ميهنن جو مواد اڳ ۾ گڏ ڪرڻو پوندو. تازاه مواد کي شايع ڪرڻ وڏو مسئلو ڪون هوندو ان کان پوءِ ان جي مارڪيٽنگ لاءِ هر شهر مان نومائندن جي چونڊ ڪرڻي پوندي.
    وڏي ڳالهه بجيٽ جي آهي جيڪا لڳي ٿو سنڌ سلامت وارن کي مونجهائي رهي آهي.
    سنڌسلامت جو رسالو ضرور اچڻ کپي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    رسالو شايع ڪرڻ هڪ پراڻو خواب آهي پر مسئلا ان خواب کان به پراڻا آهن، اها ڳالهه ته منهن ڏيڻ جوڳي آهي ته مالي معاملا ڏکيائي پيش ڪندا پر ان جو حل موجود آهي جيئين اسان سڀ دوست جيڪر ساليانا خريدار ٺاهيون ۽ انهن کان سال جي رقم اڳواٽ وٺون ته 800، 1000 مستقل خريدار به پيدا ٿي ويندا ۽ رسالو شايع ڪرڻ جي لا هڪ سال جي لا رقم به ملي ويندي، سال جي لا جيڪي شمارا شايع ٿيندا اهي ٽپال وسيلي خريدارن کي موڪلي ڏبا (بڪ پوسٽ ۾ في خريدار 2 روپين جي ٽڪلي استعمال ڪبي آهي، مطلب ان جو ڪو سوايو خرچ نه ايندو) فرض ڪريو اسان وٽ سال تائين هڪ هزار ڪاپيون شايع ڪرڻ جيتري رقم هجي ته ان دوران اسان اڳئين سال جي لا اشتهارن مان رقم به گڏ ڪري وينداسين، ڳالهه جيڪر ٿوري ۾ ختم ڪجي ته منهنجي خيال ۾ سيڙپ جو ايڏو وڏو مسئلو ناهي، اصل ڳالهه آهي ته وقت ڪنهن وٽ آهي؟؟
    اسان جيڪي هن فورم تي سرگرمي ڪندا آهيون ان جي لا اسان ڪي ڪو مقرر وقت گهربل ناهي هوندو جنهن کي جنهن مهل دل چوي ان مهل اهو اچي ٿو پر رسالي جي لا مسلسل توجه ۽ ٽائيم گهربل آهي، 48 صفحن جي رسالي لا گهربل مواد هٿ ڪرڻ، ان جي ڇنڊڇاڻ، سيٽنگ، پروف، پيج ميڪنگ، ڊيزائننگ، ڇپائي ۽ ترسيل لا سمجهو ته هڪ محنتي ٽيم جا ٻه هفتا گهربل هوندا سو به هر مهيني!!!
    باقي جذباتي ٿي رسالو ڪڍي ته سگهجي ٿو باقي اهو هلي شايد نه سگهي
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    ادا رسالو شايع ڪرڻ وڏو مسئلو ناهي هوندو پر اُن کي هلائڻ وڏو مسئلو آهي، جيڪڏهن رسالو شايع ٿيو ۽ نه هلي سگهيو ته سنڌه سلامت فورم جي ساکھ متاثر ٿيندي، باقي شر صاحب چيو ته ڇهن مهينن جو مواد گڏ هجڻ ضروري آهي، ادا جتي دوست ذميواري کڻندا انشاء الله اُنهي کي نڀائيندا به سهي. اگر دوست رسالو هلائي سگهن ته هي تمام بهتر آهي سنڌه سلامت جي داوا آهي ته هن فورم تي 5000 هزار کان مٿي دوستن جي رجسٽري آهي، اگر اُهي دوست ئي آماده ٿين ته ڪوبه مسئلو ناهي پنجن هزارن مان صرف هڪ هزار دوست هن رسالي کي خريد ڪندا ٿڏهن به هن رسالي جو خرچ نڪري ويندو، ۽ اسان سالياني ممبر شپ فيس ادا ڪرڻ لا تيار آهيون
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    اسان مالي سهائتا لاءِ به تيار آهيون ۽ رسالي جي خريداري ۾ به ۽ ٻي ڳالھ ته سنڌ سلامت جا ميمبر تقريبن هر شهر ۾ آهن ، جن جي ذريعي سنڌ جي هر شهر ۾ رسالو پهچائڻ آسان آهي ۽ فروخت ڪرڻ به ، صرف مشڪل ڪم هي آهي ته مواد کي سهيڙڻ ، ان جي چونڊ کان وٺي پرنٽنگ تائين وارو مرحلو ڏکيو آهي ، جنهنجي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻٽي ماڻهون ڪراچي ۾ هجن جيڪي ان لاءِ خاص ڪم ڪن ! باقي حال حبيبان پيش پريان ، اسان انتظاميه جي فيصلي تي حاضر آهيون
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. ايم ايڇ جمالي

    ايم ايڇ جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 جون 2010
    تحريرون:
    138
    ورتل پسنديدگيون:
    261
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    نواب شاهه
    ادا پيسو خرچ ڪرڻ ڪو ايڏو مڏو مسئلو نه آهي........ڳالهه آهي هڪ ٽيم ورڪ جوڙڻ جي ۽ پاليسي جوڙن جي..... سڀ کان پهرين ان متعلق اسانجي هڪ فائينانشل ٽيم جُڙي جيڪا اسانجي رسالي تي ايندڙ خرچ جو ڪاٿو لڳائي......ان جي لا اسان وٽ 5000 هزار ميمبر آهن....اگر 50 روپيه في ميمبر جي حساب سان 5000 هزار سان ضرب ڪريو ته تڏهن به 250000 ٻه لک پنجاهه هزار ٿي وڃن ٿا....اها ته اسانجي شروعات هوندي ۽ ان کان علاوه اسان جي ٻي ٽيم سنڌ جي هر شهر ۽ پنهنجي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ ملڪ کان ٻاهر دوستن سان به مارڪيٽنگ ۽ تعاون ڪندي.... ان کان پو اسان جي ٽي ٽيم اشتهار وٺندي... اسانجي چوٿين ٽيم جو ڪم رسالي جي سرڪيوليشن هوندي....مان سمجهان ٿو....هي رسالو اڳتي هلي سنڌ سلامت کي معاشي سپورٽ فراهم ڪرڻ ۾ به پنهنجو وڏو ڪردار ادا ڪندو...جيئن سنڌ سلامت جي ترقي ۾ اڃان واڌارو ٿي سگهي......شروع ۾ مشڪلات به اينديون....پر (پيني اينڊ پيني ميڪس ميني) جي اصول ۽ آڌار تي اسان سڀ دوست هن پليٽ فارم تي هڪ جسم ۽ هڪ جان جو مظاهرو ڪنداسين... انشا الله مان سمجهان ٿو ته ڪو بهاهڙو اشو ڪريئيٽ نه ٿيندو.... سگهندو... ۽ اهو رسالو اسانجي رسالي لا ڪم ڪندڙ ملازم دوستن جي پگهار جو به بهترين ذريعو بڻجي سامهون ايندو...
    باقي اگر هر دوست هتي همٿائڻ جي بغير پنهنجا پنهنجا عذر پيش ڪيا، ته پو يقيناٌ اهو ڪڏهن به ممڪن نه ٿي سگهندو.............
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ادا جمالي صاحب مان اوهان جي راءِ سان سهمت آهيان ، ٻانهي وس پرينءَ جي ، اسان اوهان سان هر ميدان ۾ گڏ آهيون
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    سنڌ سلامت ميگزين هڪ حسين خواب..!!

    سنڌسلامت ميگزين بابت دوستن جا رايا ۽ مشورا پڙهي دل چاهيو ته ان بابت پنهنجا خيال به دوستن آڏو رکجن.
    جيئن ته سنڌ سلامت فورم انٽر نيٽ تي سنڌي ٻولي جو وڏي ۾ وڏو فورم هئڻ جو اعزاز رکي ٿو انڪري اهو خواب ڏسڻ ۾ ڀلو لڳي ٿو ته هن فورم جو پنهنجو ميگزين به هئڻ گهرجي ته جيئن هن فورم جي مشن کي اڃا به وڌيڪ مؤثر انداز سان پورو ڪري سگهجي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سنڌ سلامت ميگزين ذريعي سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه ۽ جديد دؤر جي هر علم جي تازا ترين معلومات هڪ وڏي انگ تائين پهچائي سگهجي ٿي.

    ڪمپيوٽر ۽ نيٽ جي سهولت عام هجڻ باوجود اها به هڪ حقيقت آهي ته سنڌين جو هڪ وڏو انگ انٽرنيٽ جي سهولت کي لاڳيتي بنياد تي استعمال ڪرڻ کان قاصر آهي. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن سنڌ سلامت ميگزين (ماهوار يا ٽماهي) ڇپجڻ شروع ٿئي ته سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي خدمت اڃا به بهتر انداز سان ڪري سگهجي ٿي. سنڌ ۾ ٿيندڙ تبديليون جيڪي سياست ۾ هجن يا سنڌي ادب، شعر و شاعري ، سائنس، ميڊيڪل يا ڪمپيوٽر جي جديد انفارميشن هجي هر ڪنهن وٽ پهچڻ جو هڪ بهتر ذريعو سنڌسلامت ميگزين بڻجي سگهي ٿو.

    هن وقت تائين جيڪي به رايا آيا آهن انهن ۾ سڀ دوست ميگزين جي حمايت ڪري رهيا آهن. ڪجهه دوست هن ميگزين کي صرف ڪمپيوٽر بيسڊ ميگزين ڏسڻ چاهين ٿا پر مان سمجهان ٿو سنڌسلامت ميگزين رڳو ڪمپيوٽر جو نه پر هڪ مڪمل فيملي ميگزين هئڻ گهرجي. ٻين لفظن ۾ هي ميگزين سنڌسلامت فورم جي ئي هڪ پرنٽ فارميٽ هجي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو. ان سلسلي ۾ فورم تي موجود سيڪشنز کان به مدد وٺي سگهجي ٿي. جيڪڏهن انهن کي ميگزين ۾ شامل ڪجي ته به هي هڪ معياري قسم جو ميگزين بڻجي سگهي ٿو. ميگزين لا مواد به سنڌ سلامت فورم تي پهرين کان ئي وافر مقدار ۾ موجود آهي جنهن کي چونڊ ڪري ، معمولي ترميم يا تبديلي کان پو ميگزين جي زينت بڻائي سگهجي ٿو.

    هاڻ هن حسين خواب جي تعبير جي ڳالهه ڪجي....
    جيتوڻيڪ نيٽ تي فورم هلائڻ هڪ محنت طلب ڪم آهي پر ميگزين يا رسالو باقائدگي سان ڇپائڻ ان کان به وڌيڪ مشڪل ڪم آهي. ڇو جو ان لا وڌيڪ وقت، وڌيڪ پيسو ۽ هڪ نهايت تجربيڪار ٽيم جو موجود هئڻ نهايت ضروري آهي.
    ميگزين اهي ڪاميابي سان لاڳيتو شايع ٿيندا آهن جيڪي ون مين شو بدران هڪ اداري ۽ هڪ محنتي ٽيم جي نگراني هيٺ هوندا آهن. ميگزين کي ڇپائڻ صرف ادبي ڪم نه آهي، هي هڪ گهڻ رخي پيشو به آهي. جنهن سان ڪيترن ئي ماڻهن جو روزگار به وابسته هوندو آهي. جيڪو بذاتِ خود هڪ وڏي ذميداري جو ڪم آهي. ميگزين کي ڪاميابي سان هلائڻ لا هڪ محنتي ۽ پروفيشنل ٽيم جي ضرورت هوندي آهي. جيڪا تجربيڪار ۽ قومي جذبي سان سرشار به هجي.

    بدقسمتي سان اسان سنڌي ماڻهن ۾ قومي جذبو ته تمام گهڻو آهي، اسان پنهنجين ڳالهين ۾ وڏيون وڏيون دعوائون به ڪرڻ جا ماهر آهيون پر عملي طور تي اسان صرف سُک ۾ ساٿ نڀائيندا آهيون. جڏهن تڪليف وارو وقت ايندو آهي ته هر ڪو پاسيرو ٿي پري کان تماشو ڏسڻ پسند ڪندو آهي.
    انڪري منهنجي سنڌ سلامت انتظاميه جي دوستن کي صلاح آهي ته جيستائين مطلوبه ٽيم يا ادارو وجود ۾ نه اچي تيستائين هن خواب کي حقيقت جو روپ ڏيئي جلدبازي نه ڪن. ان سان ڪو به لاڀ حاصل ڪو نه ٿيندو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏20 جولائي 2014
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. ذوالفقار علي انڍڙ

    ذوالفقار علي انڍڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 جون 2011
    تحريرون:
    31
    ورتل پسنديدگيون:
    45
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    فيڊرل گورنمنٽ ملازم
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد ڪراچي
    ادا اسان توهان سا گڏ آهيون
     
  17. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جيڪڏهن صفا اهڙي ڳالهه آهي ته اهو ڪم ٿرڊ پارٽي کان به ڪرائي سگهجي ٿو پر يقينن ان سان خرچ وڌندو. مطلب ته ڪافي اهڙا مئگزين باقاعدگي سان ڇپجن پيا جن الءِ صرف هڪ ٻه ماڻهو مواد جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ رسائي جو ڪم ڪن ٿا. پبلشر پنهنجو خرچ ۽ منافعو وٺي سڀ ڪم (پيج سيٽنگ، پروف، پريس جو ڪم) ڪري مئگزين پُهچايو ڏي.
    جيڪڏهن دوست سمجهن ٿا خرچ جو ڪو مسئلو ناهي ته مئگزين جا ڪُجهه سيڪشنس جي مواد لاءِ چند دوستن تي بار رکجي ته مهيني يا ٻن مهينن ۾ فقط ٻه يا ٽي سُٺيون تحريرون هو تجويز ڪري ئي سگهن ٿا. ايئن سڀني سيڪشنس جو مواد گڏ ڪري پبلشر کي ڏِجي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. عمران فقيرسنجراڻي پاٽويون

    عمران فقيرسنجراڻي پاٽويون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 سيپٽمبر 2013
    تحريرون:
    176
    ورتل پسنديدگيون:
    334
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    گاه پٺو
    ماڳ:
    پاٽويون
    رسالي جي سلسلي ۾ سنگت پاران مون تي ڪا به ذميواري رکي وئي ته فرض سمجهي ادا ڪندس.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو