مان اعتراف ٿو ڪريان ته... اياز گل

'مقالا' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏18 جولائي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    مان اعتراف ٿو ڪريان ته کوڙ ڀيرا ماڻهو سڃاڻڻ ۾ غلطي ٿي وئي آهي، جنهن سان ذاتي زندگيءَ ۾ کوڙ سارا نقصان ٿيا آهن.

    ماڻهن تي جلديءَ ۾ اعتماد ڪرڻ غلط آهي. ماڻهوءَ کي سڃاڻڻ يا مٿس اعتماد ڪرڻ ۾ جلد بازي نه ڪرڻ گهرجي. بظاهر ته ايئن ڪرڻ جي ڪوشش به ڪبي آهي، پر ڪي ماڻهو اوهان سان ايڏي معصوميت سان ملندا، اهڙي مخلصي ڏيکاريندا جو مٿن اعتماد ڪرڻو پوندو آهي. پر وقت گذرڻ سان اهي ماڻهو ظاهر ٿي پوندا آهن ۽ تڏهن اهو احساس ٿيندو آهي ته ڪاش مٿس اعتماد ڪرڻ جي جلدي نه ڪجي ها. ڇاڪاڻ ته اعتماد ٽٽڻ به پنهنجي جاءِ هڪ وڏو الميو هجي ٿو. سو انهيءَ حوالي سان مون کي ذاتي طور تي تمام گهڻيون ڀوڳنائون پلئه پيون آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو