سچل ادبي ڪانفرنس: جيڪو ڏٺو سو مون ــ آصف نظاماڻي

'مقالا' فورم ۾ آصف رضا نظاماڻي طرفان آندل موضوعَ ‏20 جولائي 2014۔

  1. آصف رضا نظاماڻي

    آصف رضا نظاماڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2013
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Khairpur Mirs, Sindh, Pakistan
    - محفلِ سماع: محفل ۾ (سهراب فقير جي سُنگ) صوفي رجب فقيرَ ۽ ساٿين perform ڪيو جنهن کي هن مهل تائين payment نه ڏني وئي. دانهن ڪرڻ تي انتظاميه کيس چوڻ لڳي ته اڪائونٽ ئي ڪلوز ٿي ويو آهي.


    - محفلِ موسيقي: فنڪارن سان تمام وڏي ناجائزي ــ فنڪار perform ڪرڻ آيا هُئا اهڙي ماحولَ کي ڏسي ائين پئي محسوس ڪيم ته ڄڻ بينظير انڪم سپورٽ پروگرامَ جا پئسا وٺڻ آيا آهن. اُستاد حميد سيوهاڻيجيڪو اُستاد منظور علي خانَ جي خاندانَ جو تمام وڏو گائڪ آهي جنهن کي سڄي رات ويهاري ۽ آخر ڪار perform ڪرائڻ کان کُتو جواب ڏنو ويو اُنَ کان علاوه شوڪت علي عرف معصوم مختيار خيرپور جو نوجوان/ناليوارو فنڪار آهي جنهن کي ڊي سي صاحبَ جي چوڻ جي باوجود به ڳارايو نه ويو. خيرپور آرٽس ڪائونسل جا چونڊجي آيل نوان عهديدارَ سچل يادگار ڪاميٽي ۽ ثقافت کاتي تي حاوي رهيا. هُو پنهنجي ووٽر فنڪارن کي ڳارائڻ ۽ ڊبل payment ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا رهيا ۽ ڪامياب ٿي ويا.



    - سچل سرمستَ جي روضي جي سامهون فل آواز ۾ گانا هلي رهيا هُئا، Sluts (رنڊيون) خوب نچي رهيون هيون، کدڙا پنهنجي خوبصورتي ڏيکارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا هُئا. هر صوفي بزرگ جي ميلي تي اِهي سڀ گنديون شيون ڪيون ٿيون وڃن... دنيا الاءِ ڪٿي پهتي آهي پر اسان جو عوام اڃان تائين مُجرا ڪلچر، موتَ جو کوهه وغيره وغيره جي پويان لڳل آهي..... really اهڙو ماحولُ ڏسي دل ئي نه نٿي چاهي ته ڪنهن ميلي ۾ وڃجي...


    - ادبي ڪانفرنس: ادبي ڪانفرنس ته نالي ۾ هُئي، شاعرن جي خوب تذليلَ ڪئي وئي ٻي حالتَ ڏسو ثقافت کاتو هڪ فنڪارَ کي perform ڪرڻَ لاءِ 2 لک روپيا ڏئي سگهي ٿو پر اَديبَ الائي ڪٿان ڪٿان ڪَهي هِتي پهتا پيئڻ جي پاڻيءَ جو بندوبست نه ڪيو ويو..... پاڻيءَ جي عام بوتل 30 روپيا ملي رَهي هُئي. منهنجي جيڪا ڳڻپَ رَهي ته 180 شاعِرَ هُئا جن سچلَ کي ڀيٽا ڏني جن مان ڪجهه ئي شاعرن جو شعر ٻڌڻ لائق هو ۽ ٻي ڳالهه شاعرائن لاءِ 15000 روپيا رکيا ويا ته جڏهن ته شاعرن لاءِ 1500 روپيه هئا. ڪو شاعر پئسا وٺڻ لاءِ ويو ته ثقافت کاتي واري اڪائونٽنٽ کي چيائين ته پوئين سال 2000 روپيا مليا ۽ هن سال 1500 روپيه ڇو؟؟؟؟ اُنَ تي ثقافت کاتي واري اڪائونٽنٽ وراڻيس وٺڻا اٿئي ته وَٺُ نه ته هِتان ائين هليو وڃي جيئن آيو ئي نه هُئين..... (هِتي ڏسو ته ڪنهن شاعر سان ڳالهائڻ جو behavior/Attitude سٺو آهي؟؟؟) مُشاعرو جيڪو رات جو 1:30 وڳي کان شروع ٿي صبح جو 4:30 وڳي تائين هليو...... ٻي ڳالهه ته ڪمپيئر صاحب هڪ شاعر کي سڏڻ کان اڳ ۾ ئي ٻن ٻين شاعرن کي standby رهڻ جي لاءِ حڪم ڪري رهيو هُيو.


    ۽ ٻي اتفاقَ جي ڳالهه ته ڊاڪٽر مهر خادم صاحب جيڪو سچل چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ ريسرچ آفيسر طور پنهنجو خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. جنهن سچلَ سرمست تي Ph.D پڻ ڪَئي آهي ان کي ثقافت کاتي مقالي پڙهڻَ جي دعوت ڏيڻ کي گواره نه ڪئي... ياد رَهي ته سچل يادگار ڪميٽي هن سال کيس ريسرچ اسڪالر جو سچل ايوارڊ به ڏنو آهي. باقي ثقافت کاتي پاران سفارشي مقاله نِگارَ جن جو نالو ڪڏهن خوابَ ۾ به ناهي ٻُڌو اُهي اَچي پنهنجو مقالو پيش ڪرڻ لڳا..... اهڙي حالَ کي ڏسي سچل سائينءَ به ڪجهه ائين ئي فرمايو آهي ته:


    ماٺ ڪريان ته مُشرق
    ڪُڇان ته ڪافر !
    روزاني سنڌ ايڪسپريس ۽ سُڪار 20 جولاءِ 2014ع تي شايع ٿيل
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اهي شيون صرف سچل جي ميلي تي نه پر هر هنڌ ٿين پيون، اوهان جيڪو ڏٺو سو صحيح ڏٺو پر ڪا چڱي ڳالهه به ته ٿي هوندي ... اها به لکندا ڪريو جيئن ڪالم هڪ طرفو نه سمجهيو وڃي.

    کدڙا، رنڊين جو راڳ اهي تڏهن کان هلندا اچن جڏهن اسان 1988 کان ويندا هئاسين ۽ اسان هر سال صرف محفل موسيقي ۽ زرعي نمائش شوق سان ڏسندا هئاسين. ان دور ۾ فنڪارن جو به عروج هوندو هو.

    باقي اوهان زيب سنڌي جي ڪهاڻي سچل سرمست ان سچل ڪانفرنس پڙهو. ان ۾ به اهو سڀ ڪجهه آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو