فن پارا پروجيڪٽ

'مختلف موضوع' فورم ۾ ايس ايم درس طرفان آندل موضوعَ ‏22 جولائي 2014۔

  1. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    ساٿيو! ڪميونٽي سپورٽيڊ اسڪول جي ٻارن پاران فن پارا تي ڪجھه وقت پھريان ڪم ڪيو ھو، ھاڻي به منھنجي ذاتي ڪوشش آھي ته ان ڪم کي ٻيھر شروع ڪيو وڃي. اڄ انھيءَ تي آفيس ۾ ڳالھه ٻولھه ٿي جتي ڪمپيوٽر مان پراڻي رپورٽ ڳولي ڪڍڻي پئي سوچيو سنڌ سلامت جي ساٿين سان به ونڊ ڪجي پڙھي پنھنجو رايو ضرور ڏيندا.
    فن پارا پروجيڪٽ

    [​IMG] [​IMG]
    اھو اڪثر ڪري ڏٺو ويو آھي ته اسان جي معاشري ۾ ھميشه ٻارن جي حوصله افزائي ڪرڻ جي بدران ھنن کي اھو احساس ڏياريو ويندو آھي ته ھو ڪو به ڪم بھتر طريقي سان نه ٿا نڀائي سگھن يا ھو ھن عمر ۾ بھتر سوچي نه ٿا سگھن ۽ اھڙي قسم جو احساس ھنن جي صلاحيتن تي اثر انداز ٿئي ٿو . اھو ئي سبب آھي جو ٻارن جي خود اعتمادي ۾ ڪمي اچي ٿي ۽ ھو پنھنجن وڏن تي ڀاڙڻ شروع ڪن ٿا.

    ٻارن جي زبردست ڪارڪردگي کي ڏسندي ڪميونٽي سپورٽيڊ اسڪول پروگرام جي ٽيم اھو فيصلو ڪيو ته ھن ڪم کي اڌورو نه ڇڏجي بلڪه اھڙي قسم جون سرگرميون جاري رکڻ گھرجن ته جيئن ٻارن جي صلاحتين ۽ ھنر ۾ وڌيڪ نکار پيدا ٿئي ۽ پختگي پيدا ٿئي.
    ان ئي سلسلي جي ھڪ ڪڙي پائيليٽ طور ملير ڪلسٽر جي چئن ڪميونٽي سپورٽيڊ اسڪو لعلي نواز سي ايس ايس ،انمول سي ايس ايس ، بلندي سي ايس ايس ۽ ستارا سي ايس ايس ٻارڙين جو، ڪميونٽي ڊولپمينٽ نيٽ ورڪملير جي آفيس ۾ پنجن ڏينھن تي مشتعمل فن پارا پروجڪٽ شروع ڪرايو ويو . ڪم ۾ وڌيڪ جدت آڻڻ لاءِ ٽن اھم ڪمن جي چونڊ ڪئي ويئي.
    • مٽي مان ٺھيل مختلف شين کي رنگڻ ۽ گل چٽڻ.
    • ڪاٺ جي ٽڪرن مان مختلف شو پيس تيار ڪرڻ ۽ انھن تي گلڪاري ڪرڻ. شيسي جي بوتلن کي رنگي ان مان خوبصورت شو پيس تيار ڪرڻ.
    • خالي کوکن، گتن، جورابن،ھٿيلن، ڪاغذ جي پليٽن ۽ گلاسن مان پتليون تيار ڪرڻ.
    [​IMG]

    ھن سرگرمي ۾ چارڪميونٽي سپورٽِيڊ اسڪولن جي استادن کي به سکيا ڏني ويئي ته جيئن آئنده اھي پنھنجي اسڪولن ۾ اھڙي قسم جا پروجيڪٽ ڪرائي ٻارن جي فني صلاحتين ۾ اضافو ڪري سگھن. انکان سواءِ ڪوالٽي ايجوڪيشن پروموٽرس کي به سکيا ڏني ويئي ته جيئن انھن چئن اسڪولن کان سواءِ ٻين سي ايس اسڪولن کي اھڙي قسم جون سرگرميون ڪرائي، ھنر ۽ صلاحتين کي نکاري ۽ وڌيڪ اڀاري سگھجي.

    مقصد:

    ھن سرگرمي کي ڪرڻ جو مقصدا ھو ھو ته.

    • ٻارن جي لڪيل صلاحتين کي اڀاري انھن ۾ وڏيڪ بھتري آندي وڃي
    • ٻارن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي، انھن ۾ پنھنجي ثقافت لاءِ عزت ، پيار، قدر ۽ ان جي واڌاري لاءِ محنت جو جذبو پيدا ڪيو وڃي.
    • اھڙين سرگرمين ڪرڻ سان ٻار پنھنجو علاقائي ھنر ٻين علاقن ۾ متعارف ڪرائي سگھن ٿا . ان سان گڏوگڏ اھو فن ھنن جي ڪمائڻ جو پڻ ذريعو ٿي سگھي ٿو.
    • ھنن ۾ ھنر سان گڏوگڏ اھا پڻ ڄاڻ ايندي ته ڪيئن ھڪ عام يا گھٽ قيمت وارين شين کي ڪارائتو بنائي مارڪيٽ ۾ ان اھميت وڌائجي يا ڪيئن استعمال شده شين کي استعمال جوڳو بڻائجي.

    پھرين ڏينھن ٻارن کي ڪم، رنگن ( اسپري ڪلر، آئل پينٽ،پوسٽر ڪلر، گلاس پينٽ وغيره)۽ مختلف ميٽيريل بابت ڄاڻ ڏني ويئي ته پاڻ کي ڪيئن ڪم ڪرڻو آھي ؟ رنگن کي ڪيئن استعمال ڪيو ويندو؟ ڪھڙا رنگ,ڪھڙي مٽيريل لاءِ استعمال ٿيندا؟ ھنن ٻن ڏينھن ۾ ٻارڙين کي شيشي جي بوتلن کي ڪلر ڪرڻ بابت ڄاڻ ڏني ويئي . جنھن کان پوءِ ٻارڙين مختلف گروپن ۾ شيشي جي بوتلن، پليٽن تي ڪم ڪيو، جنھن ۾ڪجھه ٻارڙين شيشي تي سوتلي جي سڳي سان مختلف نمونا تيار ڪيا.ڪجھه ٻارڙين مٽي کي رنگ ڪري ، شيشي تي ان مٽيءَ سان مخلتف نمونا تيار ڪيا ۽ انھن تي چِٽ چِٽيا.

    ٻئي ڏينھن ٻارن ڏاڍي شوق ۽ دلچسپي سان شيشي جي بوتلن تي مختلف قسمن جا گل ۽ مختلف ڊزائينون ٺاھيون .


    پروجيڪٽ جي ٽئين ۽ چوٿين ڏينھن تي ٻارن جي پسند کي مدِنظر رکندي کين مختلف گروپن ۾ ورھايو ويو، جنھن ۾ مختلف گروپن مختلف ڪم سر انجام ڏنا.ھڪ گروپ ٺڪر (مٽيءَ جي ٿانون) تي ڪم ڪيو.ھڪ گروپ مٽيءَ جي ٿانون تي ڪلر ڪري مختلف رنگن سان گل ٺاھي رنگ ڀريا .جنھن ۾ ۾ گلدان ، شمعدان ، پين ھولڊر،مختلف شو پيس ، ڀت تي ٽنگڻ لاءِ گھنڊ ۽ ٻين آئٽمن تي مختلف ڊزائينون ٺاھي انھن ۾ خوبصورت رنگ ڀريا.

    ٻئي گروپ وڻ جي ٽارين کي ڪلر ڪري ستاره لڳائي ننڍڙا رنگين وڻ تيار ڪيا. ٽئين گروپ جي ٻارڙن پٿرن کي مختلف اسپري ڪلر سان خوبصورت بنائي پيپر ويٽ پڻ تيار ڪيا. چوٿين گروپ جي ٻارڙن ڪاٺ مان مختلف شو پيش تيار ڪري انھن ۾رنگ ڀريا. ھڪ گروپ بٽڻن ۽ سوتلي جي ڌاڳي مان ننڍڙيون گڏيون تيار ڪري مختلف ڏوريون ٻڌيون ته جيئن انھن کي گاڏي يا گھر ۾ شو پيس طور ٽنگي سگھجي.


    آخري ڏينھن تي ٻارن کي مختلف پتلين (پپٽس ) بابت ڄاڻ ڏني ويئي ۽ نموني طور ڪجھه پتلين جون تصويرون ڏيکارين ويون. جنھن کان پوءِ ٻارڙن مختلف قسمن جا پپٽس، پلاسٽڪ جي بوتلن، بوتل جي ڍڪڻن، ڪاغذ جي گلاسن ۽ پليٽن،جورابن، ھٿيلن، بسڪٽ جي خالي کوکن ۽ گتن مان جانورن، ماڻھن ۽ جيتن جون پتليون تيار ڪيون.

    ڪاميابيون:

    ھن سرگرمي کي ڪرائڻ وقت مونکي ايترو يقين ھو ته ٻار اھو ڪم تمام دلچسپي سان ڪندا ۽ اھا سرگرمي انھن جي صلاحيتن ۾ ضرور واڌارو ڪندي، پر ٻارن منھنجي توقع کان به بھترين ڪم ڪيو ۽ انھن جي ڪم ۾ نواڻ ۽ جدت نظر آئي.جيئن ته ھن کان اڳ ٻارن اھڙي قسم جون ۽ ڪجھه ٻيون شيون تعليمي ميلو جيڪو لاڙڪاڻي ۾ ڪيو ويو ھو، ان لاءِ تيار ڪيون ھيون . شيشي جي بوتلن تي مختلف ڊزائين ٺاھڻ ۽ انھن ۾ سھڻا رنگ ڀرڻ کان پوءِ سي ايس ايس انمول جي شاگردياڻي فاطمه چيو ته” مونکي يقين نٿو اچي ته ھي ڪم مون ڪيو آھي‟. سي ايس ايس ستاره جي شاگرد صاحبه لاڙڪاڻي تعليمي ميلي لاءِ تيار ڪيل شين ۽ ھن وقت تيار ڪيل شين جي ڀيٽا ڪندي چيوته ” اسان جي ڪيل پھرين ڪم ۽ ھن ڪم ۾ ڪافي فرق آھي، دل چئي ٿي ته اھي سڀ شيون گھر کڻي وڃان. ‟

    ڪجھه ٻارڙين پٿرين تي مختلف اسپري رنگ ڪندي چيو ته ” جيڪڏھن اھي وڪرو ڪيون وڃن ته اھي پٿريون اسان به خريد ڪنداسين، ان ڪري اھي اسان سان وڪيون وڃن.‟ڪافي ٻارڙين چيو ته ”اسان جو ڪم اسان جي مائرن کي ڏيکاريو وڃي.‟

    جيئن ته ھن ڪم جي شروعات ملير ڪلسٽر کان ڪئي ويئي ھئي ۽ ھن تجربي جي ڪاميابي کان پوءِ اھا ساڳي سرگرمي ٻين ڪلسٽرس لاڙڪاڻو، ميھڙ، واره ۽ سيوھڻ ۾ پڻ شروع ڪئي ويئي آھي.

    [​IMG]
    فن پاره پروجيڪٽ ۾ شرڪت ڪندڙن جي لسٽ:

    ڪميونٽي سپورٽيد اسڪول بلندي ڳوٺ محمود ڄاموٽ

    ذليخه بلوچ استاد

    شاگرد / شاگردياڻيون
    1. انيسه
    2. صائمه
    3. طاھره
    4. آسيه
    ستارا ڪميونٽي سپورٽيد اسڪول ڳوٺ حاجي حسين بلوچ
    نازيه بلوچ استاد
    1. صائمه
    2. نصيره
    3. صاحبه
    انمول ڪميونٽي سپورٽيد اسڪول، ڳوٺ فقير محمّد بلوچ
    خالده بلوچ استاد
    1. فاطمه
    2. حليمه
    علي نواز سپورٽيد اسڪول، ڳوٺ علي نواز
    عظيمه جوکيو استاد
    1. شاھ بيبي
    2. فريده
    3. شمشاد
    4. شاھده
    5. شاھجھان
    ڪميونٽي ڊيويلپمينٽ نيٽ ورڪ سي ڊي اين ملير جي ٽيم
    1. سليم بلوچ صدر
    2. سڪينه اسلم ميمڻ نائب صدر
    ايس اي ايف ٽيم
    1. مسرت پيلجو پروگرام آفيسر
    2. شفيع محمدرس اسسٽنٽ پروگرام آفيسر
    3. صنم بلوچ ڪوالٽي سپورٽ آفيسر
    وڌيڪ تصويرون ڏسڻ لا اچو هن لنڪ تي
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏22 جولائي 2014
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سچ ته لاجواب ڪم آهي... وڻيو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Lutif Jokhio

    Lutif Jokhio
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2014
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪانسل ٽيبل سنڌ پوليس
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو
    خدا همت دي
     
  4. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    بهترين سائين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو