موسيقي رنگن ۽ موسمن وانگي گهُمڻ ڦرڻ لاءِ پسند نا پسند جو به هر ڪنهن وٽ پنهنجو پئمانو آهي. هڪڙا گهُمڻ وارا چوندا آهن اسان فلاڻي مُلڪ وڃي ايڏي وڏي هوٽل ۾ رهي ٽي وي ۽ کاڌن جو مزو ورتو ته ٻيا وري چون اهو ته پنهنجي مُلڪ ۾ به ٿي پئي سگهيو اسان ته پاڻ شهر ڇڏي ٻهراڙي ڏسڻ تي زور ڏنو جو وڏا شهر وري به هڪجهڙا پر ڳوٺن مان خبر پوندي آهي ڪهڙو مُلڪ ڪيئن آهي. ڪلوئي (ويجهو ٿرپارڪر) وارو اسان جو دوست گورڌن ولاسائي جيڪو انقره ۾ پي ايڇ ڊي پيو ڪري سو به اُتان اسان ڏي ترابزون (وچ تُرڪي کان اُتر طرف بحرِ اسود ڪناري) هڪ شادي جي دعوت ۾ ان ڪري حامي ڀري به نه ڪري ويٺو جو اها شادي پهريان هڪ ڳوٺ ۾ رِٿيل هُئي جيڪا هاڻ شهر ۾ ٿيڻي آهي. سندس خيال هو ته شادي جي ريتن رسمن جي صحيح خبر ڳوٺن ۾ ٿيل شادي مان ئي پونديون. ٻين مُلڪن جيان تُرڪي ۾ به ٽوئرسٽ گاڏيون شهرن بجاءِ ٻهراڙيون گهُمائڻ تي وڌيڪ زور ڏين ٿيو. اهڙي ئي هڪ ٽوئر واري بس ۾ تُرڪي اُتر اوڀر جي آخري دنگ جي جبلن جو هڪ خوبصورت ڳوٺ آئدير ڏسڻ نڪتاسين. آئدير لفظ حيدر مان ئي نڪتل آهي جيئن پاڻ وٽ حيدرآباد آهي. اهڙين بسز ۾ بُڪنگ کان پوءِ ڀلي هڪ ماڻهو ئي ڇو نه هُجي گاڏي ڏنل وقت تي هلندي ئي آهي. اسان جي ڀيري به رش نه هُجڻ ڪري مون سميت ٻين فئمليز جا ننڍڙا ٻار ڊبل سيٽن تي نچي ڪُڏي ۽ ڪنهن مهل آرام ڪري رهيا هُئا. اهڙي ۾ هڪ آمريڪي سان مُلاقات ٿي جيڪو بادامي رنگ جي وڏي سفري سوٽ سان گڏ سوار ٿيو هو ۽ ڏسندي ئي لڳو پئي ته سيلاني آهي. تعارف ٿيو ته خبر پئي همراهه آمريڪي آهي ۽ فوٽوگرافر ليکڪ ۽ سياحت جو شؤق رکي ٿو. تُرڪي اچڻ کان پهرين هو آمريڪا جا ڪافي حِصا، ايشيا ۾ ٿائلنڊ ۽ يورپ جا ڪُجهه مُلڪ اڳ گهُمي چُڪو آهي. هاڻي تازو آفريڪا جو وڏو دؤرو ڪري اُتي جا ائڊوينچر وٺي آيو آهي ۽ هاڻ انهن بابت لکڻ لاءِ کيس آفريڪا ۾ رهڻ بجاءِ تُرڪي وڌيڪ سؤلو لڳو ۽ آفريڪا بابت لکندي تُرڪي گهُمي ڦِري به پيو. پر جڏهن ڳالهيون اڳتي وڌيون ته خبر پئي مار هي ته ڪو وڏو رولاڪ آهي جنهن ايڏي سڄي جاکوڙ ڪئي هتي پُهچڻ تائين. اهو پُڇڻ تي مُسڪرائي ڏنائين ته ”تنهنجي انهيءَ رُلڻ ڦرڻ جي شؤق لاءِ ڪمائي جو ذريعو ڇا آهي“ چوڻ لڳو ”اهو واحد سوال آهي جيڪو مون کان وڌ کان وڌ پُڇيو وڃي ٿو. . . آئون سمجهان ٿو ته جيڪڏهن اوهان پنهنجي پسند جو ڪم ڌنڌو نه ٿا ڪريو ۽ بيزاري سان وقت پورو ڪري فرض نڀايو ٿا ته پوءِ پنهنجي شؤق تي سمجهوتو ڪرڻو پوندو. ڇو ته اهڙي زندگي ۾ ڪا چُستي رهڻ يا توانو هُجڻ نا ممڪن نه ته به ڏُکيو آهي. بهتر اهو آهي ته اوهان اُهو ڪم ڪيو جنهن ۾ اوهان کي ڪم ڪم نه پر وندر لڳي. مزو اچي. منهنجو شؤق هو فوٽوگرافي، نيون جايون ڏسڻ ۽ لکڻ. جيڪو هاڻ منهنجو روزگار به آهي. پر اهو سوال مون کان بار بار ٿيندو آهي ته اهو سڀ آخر ڪيئن؟ گهڻي ڀاڱي ته مون ان بابت پنهنجي هر وقت اپڊيٽ رهندڙ هڪ بلاگwww.expertvagabond.com۾ لکي ڇڏيو آهي پر ڪُجهه ٻُڌايان ٿو“. هُن جون ڪيل ڳالهين ۽ بلاگ تان ڀيرو ڀڃڻ تي خبر پئي ته هن کان اڳ هو عام فوٽو گرافر هو جنهن آمريڪي رياست فلوريڊا جي شهر ميامي جي نائٽ ڪلبس ۾ نائٽ فوٽوگرافي ٿي ڪئي ۽ پئسا پئي ڪمايا. پر اهو احساس سو بار بار ٿيندو هو ته نشن ۾ ڌُت عياش ماڻهن جو ڊانسرن سان نچڻ کيڏڻ ڏسندو رهڻ ۽ فوٽو ڪڍندو رهڻ، اها به ڪا زندگي چئبي. جنهن ۾ نه ڪيڏانهن وڃي سگهڻ جي موڪل نه ڪو آزادي، نه ڪو مزو. نيٺ هڪ ڏينهن فيصلو ڪيم ته اهو سڀ ڇڏي پنهنجي رولاڪ طبيعت مُطابق ڪو ڪم ڳولبو. ڪنهن به مقصد ماڻڻ لاءِ ڪُجهه شين تي سمجهوتو ۽ قُرباني ته هوندي آهي. مون پهريان پنهنجي زندگي جي ضرورت جون شيون ڇڏي باقي بچيل لگزري واري لسٽ ۾ ايندڙ شيون وڪرو ڪيون. ڪار وڪڻي سائيڪل تي گُذارو ڪرڻ لڳس. مون کي محسوس ٿيو ته متان منهنجي گرل فرينڊ به منهنجي انهي جنون جي پوري ٿيڻ ۾ رُڪاوٽ ٿئي تنهڪري ان کي به خدا حافظ چيم. هڪ سال تائين آئون فوٽوگرافي (خاص ڪري رات جي وقت جي فوٽوگرافي) بابت مختلف گائڊز لکي نيٽ تي ڏيندو رهيس جن کي پڙهڻ وارا کوڙ مليا. آئون آزاد هُئس. ڪٿي به وڃان ڪٿي به هُجان اهي گائڊز لکڻ منهنجي لاءِ ڪو مسئلو نه هو. منهنجي ويبسائٽ تي گوگل اشتهار وارن جي دلچسپي وڌي ڇو ته هن پيج تي ايندڙ گهڻا ماڻهو سندن اشتهار ڏسي پئي سگهيا. مون کي لڳو ته هاڻي منهنجو ڪم سؤلو پيو ٿئي. آئون پنهنجي پهرين وڏي ٽوئر لاءِ گوئٽيمالا (آمريڪا جو هڪ ڏورانهون هنڌ) طرف نڪتس. هڪ طرف گوگل وارن پنهنجي ڪتابن واري اشتهارن جا قانون تبديل ڪيا ۽ ڪتابن واري سائيٽ تي اشتهار اچڻ بند ٿيڻ لڳا جنهن سان منهنجي هڙ وئي ٻيو ته آئون جڏهن گوئٽيمالا پُهتس ته منهنجو سامان وڃائجي چُڪو هو. پر پوءِ به ٽڪو پئسو گڏ ڪري سفر لاءِ جيڪو مون پئسو گڏ ڪيو هو تنهن جو پورو فائدو وٺندي سستي کان سستو ۽ خوب کان خوب گهُميس جنهن جا تجربا پنهنجي بلاگ تي لکيم ۽ فوٽوز به رکيم جن کي وڏي پزيرائي ملي. موٽي اچڻ کان پوءِ آئون رُڳو انهيءَ کوجنا ۾ رهندو هوس ته سستي کان سستا ٽوئر ڪيئن ڪجن. منهنجي ڪاليج ٽائم جي هڪ دوست مون کي ڪُجهه ٽپس ڏنيون جنهن سان خبر پئي ته اوهان رڳو هڪ کان ڏيڍ هزار آمريڪي ڊالر (لک کان ڏيڍ لک رُپيا) ۾ دُنيا جي ڪنهن به هنڌ وڃي سير ڪري اچي سگهو ٿا. ۽ هو اهو صحيح ئي چئي رهي هُئي ڇو ته آئون اڄ به هُن جي ڏسيل ٽِپس تي عمل ڪندي سستي کان سستو گهُمان ٿو. جيئن ته هڪ عام ماڻهو سستي گهُمڻ ڦرڻ جي چڪر ۾ هُجي ته هڪ ٻه دفعو ئي اهڙا طريقا ڳوليندو ۽ گهڻا نتيجا نه ملڻ تي بيزار ٿي ڇڏي ڏيندو يا وري اصل رستي تي نه پُهچندو. مثال طور ڪهڙي موسم ۾ ڪٿي وڃڻ، سستي فلائٽ ۽ سستي رهائش جي ڳولا وغيره. پر جڏهن آئون انهيءَ ڪم ۾ ڀڙ ٿي ويس ته انهيءَ بابت به لکڻ شروع ڪيم ته سستي کان سستو ۽ سؤلي کان سؤلو ڪيئن گهُمجي؟ ۽ نه رُڳو اهو پر پنهنجي بلاگ تي مختلف زاوين کان ورتل تصويرون رکڻ شروع ڪيم ته مختلف ڪمپنين جي دلچسپي وڌي. مون کي ننڍا ننڍا اشتهار ملڻ لڳا. مُختلف فوٽوگرافري جي مُقابلن جي جج طور به منهنجي چونڊ ٿيڻ لڳي ۽ ايئن رستو کُلي پيو. هاڻ جڏهن منهنجي رولاڪي کي ٽي سال ٿي چُڪا آهن ته آئون هر مهيني چار پنج هزار ڊالر (چار کان پنج لک رُپيا) ڪمايو وٺان. مختلف مُلڪن جي ٽوئرسٽ ڪمپنين به مون کي پنهنجي مُلڪ گهُرايو آهي. توڙي جو اهي مون کي گهڻا پئسا نه ٿيو ڏين پر ٽڪيٽ ۽ رهائش جو خرچ انهن مان نڪريو وڃي جنهن جي بدلي ۾ کين آئون اهڙا اهڙا فوٽو ڪڍيو ڏيان ۽ انهن بابت لکيو ڏيان جيڪي هو پنهنجي سير سفر جي شؤقين گراهڪن کي هِرکائڻ لاءِ استعمال ڪري سگهن. پر منهنجو اصل فائدو اهي ليک لکي سگهڻ آهي جيڪي اهي مُلڪ اهڙين ڪمپنين جي خرچ تي گهُمي انهن بابت تجربو ٻين سان شيئر ڪري سگهندو آهيان ۽ منهنجي بلاگ تي ايندڙ ماڻهن جو تعداد وڌي ٿو جيڪا منهنجي اصل ڪمائي آهي. جڏهن پُڇيومانس ته ”تُرڪي ۾ سڀ ڪُجهه ڇڏي هيڏانهن جبلن ۾ پنڌ ڇو؟“. چئي ”هي ٽوئر ڄڻ ته منهنجي موڪلن جو وقت آهي. توڙي جو منهنجي ڪا نؤڪري ناهي. پاڻ ئي نوڪر پاڻ ئي مالڪ. پر هن وقت آئون اهو احساس کڻي گهُمان ڦران ٿو ته مون ڪُجهه پئسا بچايا آهن جن مان آئون موڪلون گُذاري سگهان. تُرڪي بلڪه هن خطي جا سڀني کان اوچا جبل هتي آهن جن ۾ جتي ساوڪ آهي ته جون جي مهيني ۾ به چوٽين تي برف پڻ آهي. آئون انهن جبلن ۾ ڪُجهه راتيون پنهنجي ننڍي (گڏ کڻي هلندڙ) خيمي ۾ گُذاري مزو وٺندس. فوٽو ڪڍندس ۽ پوءِ واپس استنبول وڃي آفريڪا بابت رهيل ڪم لکندس ۽ وري ڪا نئين منزل. اسان ته کيس آئدير ۾ ڇڏيو ۽ هڪ خوبصورت ڳوٺ ڏسي موٽياسين ترابزون پر اهو رولاڪ همراهه هي ليک لکڻ تائين جبلن جي چوٽين تي هو جتي جا فوٽو پاڻ سان گڏ کڻي هلندڙ سڄي دنيا ۾ انٽرنيٽ جي سهولت ڏيندڙ ڊوائس سان پنهنجي بلاگ توڙي فيس بُڪ (Expertvagabond) تي شيئر ڪري رهيو هو. انهيءَ تجربي بابت لکڻ جي تيارين ۾ پڻ هو جيڪو پڙهڻ لاءِ سندس لکين پرستار هن جو بلاگ ڏسندا رهن ٿا. حيرت ٿي ٿئي ته جتي جا رهواسي به زندگي ۾ ڪڏهن اهو تجربو نه ڪري سگهيا هُجن جو هزارين فوٽ مٿي جبلن تي اڪيلي سر وڃي هڪ ٻه رات محدود کاڌي پيتي جي ذخيري تي گُذارجي اُتي هي نئين ڏيهه ۾ وڃي اهو آساني سان ڪيئن ڪريو وٺي. هو جتي به هوندو آهي فيس بُڪ ڪَور فوٽو تي ان مُلڪ جي جهنڊي کي رکي ان سان اهو ظاهر ڪندو آهي جنهن سان کيس فالو ڪندڙ آساني سان ٽريڪ ڪريو وڃن. اُهو ڳوٺ جيڪو گهُمڻ ويندي هن سان ملڻ ٿيو ان ڳوٺ جو ننڍڙيون هوٽلون ۽ مسافرخانا جبلن تي پگهرجندڙ برف جو پاڻي جن جي چوٽين تي هن کي وڃڻو هو فوٽوگرافي بابت ڪُجهه ٽِپس به ورتم جيڪي ڪارائتيون آهن. جيڪڏهن غيرمعمولي فليش ناهي ته قدرتي روشني جي سهاري بنا سُٺا فوٽو ناممڪن هي ليک مڊويڪ مئگزين ۾ به ڇپيو
هر ڪم جڏهن محبت ۽ خلوص سان ڪيو وڃي ٿو ته انجا نتيجا به ڦلدار ٿين ٿا ... دنيا جا ماڻهون جنهن ڪم کي شوق ۽ جنون سان ڪن ٿا انهن ڪمن مان کين ته فائدو ٿئي ئي ٿئي ٿو پر ان سان گڏ اوڙو پاڙو به واسجي وڃي ٿو ... اوهانجو هي ڦوٽوگرافر دوست به انهن ئي ماڻهن مان آهي جيڪي هر ڪم کي پنهنجي حسن ۽ خلوص سان نڀائن ٿا ... اوهان پاڻ سهڻا انسان آهيو جو دوستي وڌائڻ ۽ نڀائڻ ڄاڻو ٿا ... انڪري اوهان سان رستي ويندي به پارس جهڙا ماڻهون ٽڪرائجن ٿا ... سدا سلامت هجو
شايد هي اهو ساڳيو ڦوٽوگرافر آهي جنهن ٽپس ڏيندي ٻڌايو هو ماڻهو کي چوٿين خاني ۾ رکو ..... تمام سٺو ليک اصل ۾ جڏهن ڪمٽمينٽ ۽ مقصد ساڻ هجن ته ڪافي ڪم سولا ۽ چيلينج هوندا آهن پر ڪڏهن ڪڏهن نه چاهيندي به ڪجهه شيون پنهنجو پاڻ ٿيو وڃن ...... ايئن ئي جيئن مان ايم بي اي ۾ داخلا ورتي جنهن جي باري ۾ ڪا خبر نه هئي پر ان ڊگري ئي منهنجي زندگي ٺاهي. بهترين لکڻي ..... بس ڪجهه ڦوٽو گرافي جي ٽپس ٻيا به ٻڌائجان ۽ ها هڪ ٻي ڳالهه .... يار لوڪيشن صفا دل ۾ گهري وئي آ
خوشي تڏهن ٻيڻي ٿي وئي جڏهن هن همراهه هي ليک پاڻ به پنهنجي فيس بُڪ وال تي شيئر ڪيو. پر هڪ ڏُک به رهجي ويو ته هو سنڌي نه پيو پڙهي سگهي. پر گوگل ۾ شامل 70 کان مٿي ٻولين مان ڪا هُجي ها ته ڪري سگهي پيو.
واهه تمام بهترين ليک.. توهان جي اڪثر لکڻين ۾ ڪئمرا جون ٽپس جي باري ۾ پڙهيو آهي. اهي اسان کي به ته ٻڌايو ! وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته گوگل ٽرانسليٽر ۾ سنڌي ٻولي شامل ناهي. ڇا ڪا اهڙي ويبسائيٽ ناهي جتي سنڌي کان انگريزي ٽرانسليٽ ڪري سگهجي ؟؟؟
انهي ڪم جي اميد پياري دوست ذيشان رشيد سمون سان ڪري پئي سگهجي . سائين ڇا خيال آهي اهو به ڪو اسڪرپٽ ئي هوندو باقي ان لاءِ سنڌي مواد کپي اهو ڪتابن جي صورت ۾ سنڌ سلامت ڪافي سارو موجود آهي. رڳو گوگل کي مڃائيون.